اُستاد نذير خان
وسيم سومرو /حيدرآباد
چون ٿا؛ موسيقي رُوح جي غذا آهي. اها موسيقي، جنهن جي ٻُڌڻ سان وجد طاري
ٿي وڃي. اها ساڳي ڪيفيت. جيڪا مخمور هوائن جي ڇُهاءَ سان، جسم ۽ رُوح کي رقص ڪرڻ تي
مجبور ڪري. اها ئي ڪيفيت، موسيقي ٻڌڻ سان به ٿي پوندي آهي.
هونئن ته موسيقيءَ جا ڪيئي قسم آهن، پر ان ۾ صوفي موسيقيءَ جو هڪڙو پنهنجو
مقام آهي. جهڙيءَ طرح ڪو فنڪار، پنهنجي آلاپن کي ماڻهن جي سماعتن جي نذر ڪري ٿو ۽ پنهنجي
فن سان نِڀائي، موسيقيءَ کي رُوح بخشي ٿو، اهڙيءَ طرح ئي سندس ساٿ نڀائيندڙ سازندا
۽ موسيقار به ان سُرور کي چار چنڊ لڳائين ٿا. بسم الله خان جي شهنائي هجي يا خميسي
خان جي الغوزي جا سازَ يا وري رَوي شنڪر جي سِتار مان نڪتل سُرن جو سُرور هجي. سندن
فنِ موسيقيءَ سان عشق جو اندازو، سندن موسيقيءَ لاءِ ڪيل خدمتن کي ٻُڌي ڪري سگهجي ٿو.
اسان جي سون ورني سنڌ به اهڙا انيڪ انسان پيدا ڪيا آهن، جن موسيقيءَ جي
ميدان ۾، پنهنجو اعليٰ مقام جوڙيو آهي. اهڙن انسانن مان ئي اُستاد نذير خان هڪ هو.
طبلي نوازيءَ واري ڪَلا کي، پنهنجي سڄي حياتي ارپيندڙ مرحوم اُستاد نظير
جو شمار، ملڪ جي وڏن طبلي نوازن ۾ ٿئي ٿو. جيڪي پنهنجي فن سان عشق جي حد تائين سچا
هُجن ٿا. عابده پروين سميت ملڪ جا ناليوارا راڳي، اُستاد نظير جو ساٿ گهُرندا هُئا.
کيس اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب، اسپتال پهچايو ويو، جتي هن دم ڌڻيءَ حوالي
ڪيو.
اُستاد نذر ڪيترا ئي سال ريڊيو حيدرآباد تي اسٽاف آرٽسٽ به رهيو ۽ سندس
ڪيترا ئي شاگرد به موجود آهن. سندس وڇوڙي تي فنِ موسيقيءَ سان واسطو رکندڙ هر اک آلي
آهي. توڙي جو هو پاڻ اسان منجهه موجود ناهي پر سندس موسيقيءَ ۾ ڪيل خدمت کي، سنڌ هميشه
ياد رکندي.
No comments:
راءِ ڏيندا