; سنڌي شخصيتون: نسيم ٿيٻو

04 April, 2013

نسيم ٿيٻو

نسيم ٿيٻو

محمد رمضان شورو



سنڌ جي مشھور ليکڪا، ڪھاڻيڪارہ، تعليمي ماهر، ميڊم نسيم ٿيٻو، پھرين اپريل ۱۹۴۸ع تي علمي، ادبي، سياسي خاندان ۾ جنم ورتو. ھن جي والد جو نالو مير عبدالباقي ٿيٻو ۽ ماءُ جو نالو بادام ناتوان ھو، جيڪا به وڏي پڙهيل لکيل، ڪھاڻيڪاره، ليکڪا ھئي.

نسيم ٿيٻو اقتصاديات ۾ ماسٽرس ڪئي. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. جتي ترقي ڪري پروفيسر ٿي.


ھن ملڪ جي مشهور سياستدان، قانوندان ۽ ڏاھي رسول بخش پليجي سان شادي ڪئي. جنھن مان کيس ٻن ڌيئرن تانيا ۽ انيتا جو اولاد ٿيو. نسيم ٿيٻو گھٽ لکيو، پر جيڪو لکيو معياري لکيو. سندس ڌيئرون به اھل ادب آهن. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ’اُڀر چنڊ پس پرين‘ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل آهي.

ھن ۱۹ مارچ ۲۰۱۲ع تي وفات ڪئي..

 

(محمد رمضان شورو جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۱۹ مارچ ۲۰۱۲ع تي رکيل)


 

نسيم ٿيٻو

عزيز ناريجو

نهايت ڏک جي خبر آهي ته سنڌ جي ليکڪا نسيم ٿيٻو گذاري وئي آهي. سندس ڀاءُ مير ٿيٻي، نياڻي تانيا ۽ ٻئي اهل عيال سان دلي تعزيت!

I just heard sad news that a renowned Sindhi writer Naseem Thebo has passed away. My heartfelt condolences with her brother Mir Thebo, daughter Tania & other family members.

Here is a note written by her daughter, Tania:

Naseem Thebo, Roshan Mughal’s niece, Badam Natawan’s daughter and my mother inherited the art of writing from her mother Badam Natawan. She was born in Shikarpur and she got an early education from Ghari, a village in Dadu district and did MA in Economics from University of Sindh Jamshoro. Born in a landlord family on her paternal side she observed the village life very closely and all the impinging images of village life later on got transformed into the short stories written by her. Although her father was not a typical wadera but even then, there was enough misery and injustice faced by the village folks that left its mark on her sensitive mind. She wrote her first short story” Ghoran Ji Rekha” meaning “line of teardrops” when she was studying in tenth standard. The subject of this story was poverty.Then she wrote many other short stories as well. Titles of her other stories are “Ghayal The Ghariyan” meaning “living being injured”, “Wadhay Jin Widhiyas”, “Mon Jherenday chadia” meaning “I left them fighting ” this story was written on the subject of separation of East Pakistan from west Pakistan, ”Ubhur Chand Pas Piren” ”O Moon rise and behold my beloved”, “Rasando Bharjando Ghaav” meaning “Lacerating Healing Wound”, “Ahsas Ja Chak” etc. Most of the titles of her short stories are taken from the verses of great Sindhi Sufi Poet Shah Abdul Latif bhittai.

Many of her stories are written in the backdrop of village life, she had chance to witness up-close. The misery of women folk, plight of Hari’s at the hands of landlords, thanna culture, were some of the glimpses of ugly side of village life that found place in her stories. later on, she wrote many stories on the intricacies of relationships especially that of man and woman with each other. All these stories were published in different popular journals of Sindhi literature of that time, such as “Sojhro”, “Barsat”, ”Halchal”, ”Mehran” etc

 

(عزيز نارجو جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۰ مارچ ۲۰۱۲ع تي رکيل)


 

نسيم ٿيٻو

هڪ سگهارو نانءُ

ثمينه ميمڻ

۲۰ مارچ تي پنهنجي آفيس سنڌي ادبي بورڊ جي لائبريريءَ ۾ پهتس ته اخبارون سامهون هيون. هڪ اخبار جي مين پيج تي ادي نسيم ٿيٻو جي تصوير سان گڏ هيڊلائين ۾ لکيل ”ناليواري اديبه، دانشور، ڪهاڻيڪار نسيم ٿيٻو ڪالهه ۱۹ مارچ تي ڪراچيءَ ۾ گذاري وئي.“ ٿوري دير لاءِ اکيون هيڊلائن ۾ کپي ويون. اکيون ڄڻ احتجاج ڪنديون هجن ته نه نه.... ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي.

ادي نسيم ٿيٻو کي ٽي چار سال اڳ ته ڏٺو هئو. پر طبعيت ته ادي نسيم جي تڏهن کان خراب هئي جڏهن منهنجي ملاقات پهريون ڀيرو ساڻس ٿي هئي. بهرحال پاڻ کي همت ڏيندي، ادي نسيم پنهور کي فون تي ميسيج ڪري سگهيس پر هٿ ڏڪي رهيا هئا. ڳالهائڻ لاءِ ته صفا همت نه هئي.

ادي نسيم ٿيٻو سان گذاريل اهي پل، ڪيئن ٿا وسري سگهن. دماغ جي اسڪرين تي گهڙيون ڄڻ ريوائنڊ ٿيڻ لڳيون هيون.

ادي نسيم ٿيٻو کي مان تڏهن کان سڃاڻان جڏهن مان ڪراچيءَ مان انٽر پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ ڀيڻ نسيم خان محمد پنهور وٽ رهڻ آيس.

هڪ ڏينهن ٽاڪ منجهند جو اڃا اک لڳي ئي مس هئي ته ٻاهر گيٽ جي بيل وڳي. مون سامهون هڪ عورت کي بيٺل ڏٺو. جيڪا بدن ۾ ڀريل- ويڪرو منهن- اکين تي چشمو ۽ باوقار حوصلي واري لڳي. مون بيٺي بيٺي سلام ڪيو ۽ هن عورت جواب به ڏنو ۽ پڇيو: ”نسيم آهي“.

”ها ها ادي آهي“. مون تڪڙ ۾ جواب ڏيندي اندر اچڻ جو چيو ۽ هوءَ منهنجي پٺيان هلي آئي. مان ڊرائننگ جو دروازو کولي هن کي اندر ويهاريو. اديءَ کي ڪمري ۾ سڏيندي ٻڌايم ته هڪ عورت توهان سان ملڻ آئي آهي. ادي بيڊ تان تڪڙ ۾ اٿندي ڪمري مان نڪري آئي ۽ پڇڻ لڳي: ”ڪٿي آهي؟“

مون ٻڌايومانس ته؛ ”مان ڊرائننگ روم ۾ ويهاري آئي آهيانس.“

”اڙي چري، تون هيڏانهن ڪمري ۾ وٺي اچينس ها.“

مان حيران به هئس ۽ پريشان پڻ. پر اديءَ کي ڏسي مان سمجهي وئي هئس ته اديءَ جي يا ته ويجهي دوست آهي، يا ڪا سڃاڻپ واري. بهرحال اديءَ سان گڏ، مان به ڊرائننگ روم ۾ پٺيان پٺيان آيس.

”ادي نسيم ڪهڙا حال آهن. اچو اچو. هيڏانهن بيڊ روم ۾ ٿا هلي ويهون. هت گرمي آهي.“

”ها ها هلو“ هن به جواب ڏنو.

پوءِ ادي نسيم انهيءَ عورت کي بيڊ روم ۾ وٺي آئي. مان اڃا به ٿورو گهٻرايل هئس. اديءَ منهنجي گهٻراهٽ سمجهي ورتي هئي ۽ چوڻ لڳي: ”ثمينه هيءَ اديءَ نسيم ٿيٻو آهي. اسان جي يونيورسٽي ڪالوني ۾ رهي ٿي. اديءَ جو گهر، اسان جي گهر کان ٻه ٽي وکون پري آهي. ادي تمام سٺي ليکڪا آهي ۽ يونيورسٽي ۾ اڪنامڪس ڊپارٽمنٽ ۾ ليڪچرر آهي. اديءَ کي ٻه ڌيئر تانيه ۽ انيتا آهن، جيڪي حيدرآباد جي ميران گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهنديون آهن.“

وري اديءَ منهنجو تعارف ڪرائڻ لڳي. اهو پڻ ٻڌايائينس ته هيءَ به ڪهاڻيون، شاعري وغيره ڪندي آهي. ادي نسيم ٿيٻو مون کان پڇڻ لڳي ته؛ ”اڇا توهان ڪهاڻيون لکندا آهيو.“ مان ٿورو گهٻرائجي ويس، پر جواب ڏنم؛ ”ها ڪڏهن ڪڏهن...... “ وڌيڪ اديءَ مون کان ڪجهه نه پڇيو.

ادي ڳالهايو پئي پر هوءَ، ها ۽ نه ۾ جواب ڏئي رهي هئي. مان اديءَ جي طبيعت تي سوچي به رهي هئس ته ايترو مختصر جواب ڏيڻ تي پريشان به پئي ٿيس. اديءَ مون کي چيو ته؛ ”تون چانهه ٺاهي اچ. پر کنڊ نه وجهجانءِ!“

”انهيءَ جي معنيٰ ته اديءَ کي شگر آهي.“ پاڻ کي جواب ڏيڻ لڳس. مان رڌڻي ۾ اچي چانهه ٺاهڻ لڳس. ۽ ادي نسيم ٿيٻو جي باري ۾ سوچڻ لڳس. چانهه ٺاهي، کڻي، ڪمري ۾ آيس ته ادي نسيم ٿيٻو وڃي چڪي هئي.

مان اديءَ کان پڇڻ لڳس؛ ”ادي نسيم ڪٿي آهي؟“

”اها هلي وئي.“ اديءَ چيو.

مان وڌيڪ پريشان ٿي پيس. ادي آئي ۽ ادي هلي وئي، بنا چانهه پيئڻ جي؟ ادي مون کي ان مهل ڪو جواب ڪو نه ڏنو. پر ايترو چيائين؛ ”ادي پنهنجي طبعيت واري آهي. ائين اچي ويندي آهي ۽ وري جهٽ دير ويهي هلي ويندي آهي.“

بهرحال ٿوري دير لاءِ مان سوچڻ  تي مجبور ضرور ٿيس. ائين ادي نسيم هڪ نه ٻئي ڏينهن ڪڏهن شام، ڪڏهن ڪڏهن منجهند جو اچي ويندي هئي. ائين ئي چپ چاپ، ٿوري دير ڪچهري ڪري هلي ويندي هئي. مون کي اديءَ جي شخصيت وڻڻ به لڳي هئي. ٻيو ته ادي نسيم ڪهاڻيون لکندي هئي. جيڪا منهنجي دل وٽان ڳالهه هئي. هڪ ڏينهن ادي نسيم ٿيٻو آئي ته مون کان پڇڻ لڳي ته: ”تون ڪهاڻيون لکندي آهين ۽ تو ڪڏهن ڪهاڻي ڇپائي آهي؟“

”ها، منهنجي ڪهاڻي هڪ ڇپيل آهي. جڏهن مان ڪاليج ۾ پڙهندي هئس. اتي ڪاليج مان ميگزين نڪرندو هئو. ان ۾ شايع ٿي هئي. جنهن تي انعام به مليو هئو.“

”اڇا! پوءِ هاڻي ڪهاڻيون شايع ڇو نه ٿي ڪرائين؟“

انهيءَ جو جواب، مون کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو. ته ڪيئن شايع ڪرائجي، ڪنهن کي ڏجي، يا جيڪي ڪهاڻيون لکندي رهان ٿي اهي شايع به ٿي سگهن ٿيون يا نه. ”الائي ادي! ڪهاڻيون ايتريون معياري به آهن الائي نه.“ مون کي پنهنجين لکڻين تي يا پاڻ تي اعتماد نه هئو. جواب ڏنم.

”تون مون کي پنهنجي لکيل ڪا ڪهاڻي ڏيکار! مان پڙهي ڏسان.“ ان مهل مان خوشي ۾ نه ٿي ماپيس. پر وري ڊپ واري ڪيفيت به هئي ته ادي الائي ڪهڙا رماڪس ڏيندي. بهرحال اديءَ نسيم جي چوڻ تي رات جو ويهي ٻه ٽي ڪهاڻيون وري وري فيئر ڪيون ۽ ٻئي ڏينهن شام جو ادي نسيم آئي ته کڻي ڏيکاريونمانس. پاڻ پڙهندي وئي. ان ويل منهنجي حالت ڏسڻ وٽان هئي. ادي الائي ڇا سوچيندي، ڇا ڇا چوندي. مان به سدوري ٻار جيان اڳيان ڪرسيءَ تي ويٺي هئس ۽ انتظار ڪري رهي هئس. فيل ۽ پاس ٿيڻ جو. جڏهن ادي نسيم ڪهاڻي پڙهي پوري ڪئي ته مون ڏي نهاري چيائين ته؛ ”ثمينه تون ته واقعي ڪهاڻي لکي ٿي ڄاڻين، ايڏي زبردست لکي اٿئي.“

پوءِ ته اهو ڏينهن مون لاءِ عيد کان گهٽ ڪين هئو. هر هر انهيءَ ڪهاڻي کي ٿي پڙهيم. لکندي ته رهندي هئس پر همت ڪڏهن به نه ڪئي هئي، ڪنهن کي ڏيکارڻ جي يا اعتماد جي کوٽ هئي. بهرحال ادي نسيم جي ٻن ٻولن، مون کي اندر ۾ جلا بخشي ڇڏي هئي. اها سرهائي اڄ تائين به محسوس ڪندي آهيان. اها سگهه مون کي لکرائيندي رهندي آهي. ائين ئي ادي نسيم ٿيٻو جي همت افزائي ڪرڻ سبب، هن جي ويجهو ٿيندي ويس ۽ هوءَ مون لاءِ احترام لائق بڻي هئي.

وڌيڪ عزت ڪرڻ لڳي هئس. ادي نسيم به مون کي ننڍي ڀيڻ جيان ڀانئڻ لڳي هئي. هڪ ڏينهن ادي نسيم، ٽماهي مهراڻ جا ٻه پرچا مون لاءِ کڻي آئي، جنهن ۾ اديءَ جون ڪهاڻيون عنوان نالي ”رُسندو ڀرجندو گهاؤ“ ۽ ٻي ”ڪاري رات“ جي عنوان سان هيون. ڇا ته اديءَ جون لکڻيون هيون. انهن لکڻين، مون کي وڌيڪ لکڻ لاءِ آماده ڪيو. ائين مان وڌ کان وڌ ڪتاب پڙهڻ به لڳس. ادي نسيم ٿيٻو جي چواڻي ته؛ ”جيئن تون گهڻي کان گهڻا ڪتاب پڙهندين تيئن تنهنجي لکڻين ۾ رواني ايندي ويندي.“ ائين ئي مون لکڻ پڙهڻ وڌ کان وڌ شروع ڪيو.

هاڻي ڪا ڪهاڻي لکندي به هئس ته ادي نسيم چوندي هئي ته؛ ”تون سٺو لکي ٿي وڃين. هاڻي تو کي ڏيکارڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. “ بس ان ويل ته خوشيءَ جي انتها نه رهندي هئي.

ڪجهه وقت کان پوءِ ادا خان محمد پنهور کي به ادي نسيم ٿيٻو جي بنگلي جي لائين ۾ بنگلو الاٽ ٿيو. پوءِ ته روز، صبح شام، انهن جي گهر وڃبو هئو. ادي نسيم ٿيٻو جون ٻئي ڌيئرون؛ تانيه ۽ انيتا الاهي بولڊ، ذهين، پراعتماد لڳنديون هيون. هنن جي ننڍڙي شخصيت ننڍپڻ ۾ ايڏي ميچوئر هئي. هو اڃا اسڪول جون شاگردياڻيون هيون. پر ادب جي باري ۾ هو وڏي ڄاڻ رکنديون هيون. هو انگريزي اخبار ڊيلي ڊان، روز پڙهنديون هيون. گهر ۾ ٺهيل ادا خان محمد پنهور جي ننڍڙي لائبريري ۾ روز اينديون هيون. ڪجهه ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻي وينديون هيون ۽ وري واپس ڪري، ٻيا ڪتاب کڻي وينديون هيون. اڳتي هلي اسان ڇوڪرين، ”ادبي سرڪل ڪلب“ جوڙيو. جنهن ۾ ادي نسيم ٿيٻو، تانيه، انيتا، نجمه پنهور، سلميٰ پنهور، مارئي عطار ۽ مان هوندا هئاسين. ڪتاب هر ڪو گهر پڙهڻ لاءِ کڻي ويندو هئو. پوءِ هفتي کان پوءِ، انهيءَ ڪتاب تي پنهنجي راءِ جو اظهار لکي کڻي اچبو هو. اسان سڀني ۾ تانيه جي شعوري سگهه، تمام وسيع هوندي هئي. ڇو ته هن جو مطالعو ۽ مشاهدو اسان کان وڌيڪ هوندو هئو. هن ننڍپڻ کان ڪهاڻيون لکيون هيون ۽ شاعري ڪئي هئي. ٻيو ادي نسيم ٿيٻو پڻ ليکڪا هئي ۽ خاندان ۾ ورثي ۾ مليل شين جو ضرور اثر ٿئي ٿو. مان اها ڳالهه سوچيندي هئس.

ائين ئي ادي نسيم ٿيٻو جو گهر ۽ اسان جو گهر، ڄڻ هڪڙو هوندو هئو. انهن ڏينهن ۾ ادي نسيم ٿيٻو جي امڙ بادام ناتوان سان ملاقات ٿي، جيڪا پڻ ناليواري اديبه هئي.

سندس ڪتاب ”خوشخصلت خاتون“ شايع ٿيل هئو. امان سان به الاهي رهاڻيون ٿيون. هوءَ ادي نسيم ٿيٻو کان وڌيڪ، ڳالهائڻ واري هئي. ادي نسيم، جيڏي چپ ۽ خاموش هوندي هئي. امان بادام ان کان وڌيڪ ڪچهريون ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن شام جو اسان وٽ ايندي هئي ۽ تيل ۽ ڦڻي کڻي ايندي هئي. چوندي هئي ته؛ ”منهنجي وارن ۾ تيل لڳائي مون کي چوٽيون ڪر.“ مان به امان جي وارن ۾ تيل لڳائي وار سلجهائي ٻه چوٽيون ڪندي هئس. امان هميشه ٻه چوٽيون ڪرائيندي هئي. امان بادام جا وار به ڏاڍا ڊگها هوندا هئا. امان بادام به مون کي ڏاڍو ڀانئيندي هئي. مان پنهنجي امڙ، جيڪا ڪراچي ۾ رهندي هئي، ان جو سڪون لاهيندي هئس. ڏينهن جو يا رات جو جيڪا شيءِ رڌبي هئي، اها هڪٻئي جي گهرن ۾ ضرور موڪليندا هئاسين. ائين اسان ٻنهي گهرن جو قرب به وڌندو رهيو.

ادي نسيم جي ڌيءَ انيتا جي شادي. ناليواري ليکڪ اعجاز منگيءَ سان ٿي. جيڪو پڻ منهنجي ڀاءَ ارشاد ميمڻ جو دوست هئو. تڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ انگلش ڊپارٽمنٽ ۾ گڏ پڙهي رهيا هئا.

هڪ ٻي ڳالهه شيئر ڪندي هلان ته؛ جڏهن منهنجي شادي کان پوءِ، ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪجهه ڪامپليڪشن سبب، مون ۾ رت جي الاهي ڪمي ٿي پئي هئي. بلڊ جو بندوبست ڪرڻو ٿي پيو. تڏهن ادا اعجاز منگيءَ کي خبر پئي ته انهيءَ چيو ته مان ادي ثمينه کي بلڊ ڏيندس. منهنجو ڀائٽيو، سليم جنهن کي بابو چوندا هئا. ٻئي ڏينداسين. ادي ثمينه، ارشاد جي ڀيڻ آهي ته اسان جي به ڀيڻ آهي. جڏهن مون کي خبر پئي هئي ته پوءِ ته هنن جي سڄي گهر لاءِ منهنجي دل ۾ انتهائي عزت ٿي پئي هئي. ان ويل منهنجي دل ۾ رت جي رشتن کان وڌيڪ ٻين رشتن تي اعتماد وڌيڪ پيدا ٿيو هئو. اڄ تائين اهڙن رشتن کي ڪڏهن به نه وساري سگهي آهيان. اهي رشتا هميشه لاءِ مون لاءِ احترام لائق آهن.

ائين اڳتي هلي، اوچتو ادي نسيم جي طبعيت ٺيڪ نه هئڻ سبب، اديءَ نسيم کي يونيورسٽي مان ريٽائرمنٽ وٺڻي پئي ۽ اديءَ وارن کي اهو گهر خالي ڪرڻو پيو. پاڻ ڪراچي شفٽ ٿي ويا. جنهن جو ڏک اسان سڀني کي ٿيو. ڄڻ هلندڙ زندگي بيهجي وئي هئي.

ڪجهه سال ته ادي نسيم وارن کي وساري نه ٿي سگهياسين. ائين آهستي آهستي پري رهڻ ڪري، يا وقت جي تيز رفتار زندگيءَ ۾ پاڻ کي گم ڪرڻو ٿو پوي. پر سالن پڄاڻان، وري ملاقات ٿيڻ جو اوچتو بهانو جُڙيو، جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ ادا اعجاز منگي، جيڪو ادي نسيم ٿيٻو جو نياڻو ۽ انيتا جو گهروارو، سيڪريٽري ٿي آيا. بورڊ ۾ موجود بنگلي ۾ رهائش پذير ٿيا. منهنجي خوشيءَ جي ته انتها نه رهي. پهرئين ڏينهن ئي مان وڃي ادي نسيم ۽ انيتا سان مليس. تانيه جي شادي ٿي ويئي هئي ۽ اها اسلام آباد هئي. ادي نسيم اها ئي جسم ۾ ڀريل، پر چهرو صفا ڪمزور لڳي رهيو هئس. پاڻهي هلي ڦري به نه ٿي سگهي. مون کي ڏسندي، ڀاڪر ۾ ڀريائين ۽ منهنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. اديءَ کي ڏسندي، اندر جو سڏڪو نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. مون به ڀاڪر وڌو. ادي ٺيڪ طرح سان ڳالهائي به نه ٿي سگهي. اديءَ جي همت حوصلو ۽ بردباريءَ هاڻ کيس ٿڪائي وڌو هئو. هن اڪيلي سر، پنهنجي جنگ جوٽي هئي. هاڻ هن جا بلند حوصلا جواب ڏئي چڪا هئا. هن جي اکين ۾ اها چمڪ هاڻ ڌيمي پئجي چڪي هئي. مان گهڻي دير ويهي نه ٿي سگهيس. الائي ڇو مون ۾ همت ئي نه هئي. اديءَ کي وڌيڪ ڏسڻ لاءِ....... ۽ اهو پل شايد آخري هئو، اڄ تائين لاءِ... اهي گهڙيون منهنجي ذهن تي نقش ٿي چڪيون آهن، هميشه لاءِ..... اڄ جڏهن هي سٽون اديءَ نسيم لاءِ لکان ٿي ته ڄڻ منهنجي لکڻ جي سگهه ختم ٿي وئي هجي يا هيءُ سڳو جيڪو پل پل جو هئو، ڄڻ ٽٽي پيو هئو، کن پل ۾..........


 

نسيم ٿيٻو سان مختصر ڳالھ ٻولھ

ڇُلندڙ ڇُوليون

نثار حسيني

جيئن انڊلٺ ريکا جي هر رنگ کي پنهنجي سُونهن ۽ سهجتا آهي، بنھ ائين سنڌي ڪهاڻي جي کيتر ۾ به جيترا نالا سدا بهار گلن جيان ٽڙي اکڙيا  بيٺا آهن، انهن مان به هر هڪ کي پنهنجو الڳ الڳ رنگ ڍنگ، ڏانءُ ۽ ڏات آهي.نسيم ٿيٻو جو نالو به اهڙن ئي نالن منجهان هڪ آهي، جنهن پنهنجي سدا ملوڪ ڪهاڻيءَ سان سنڌي ڪهاڻي جي ڏيج ۾ هٿ ونڊايو آهي. سماجي مسئلا، ڏاڍ مردن جا، عورت جي بي وسي، وقت جا هاڃا، يتيم ٻارن جون وارتائون، ۽ ٻيا اهڙا ڀانت ڀانت جا موضوع ساريندي ئي نسيم جي ڪهاڻين جا موضوع ذهن ۾ بند مُٺ جيان کليو ٿا پون.

ڪهاڻي چاهي سنئين سڌي، بيانيا يا اهڃاڻي يا تجريدي هجي، پڙهندڙ ان جي ذريعي ڪنهن نه ڪنهن واقعي؛ ڪنهن نه ڪنهن حادثي جي تهه تائين پهچي ٿو. توڻي جو پوءِ انهيءَ ڪهاڻيءَ جو ڪو چٽو سماجي ڪارج هجي يا نه – بهرحال اها ڪنهن نه ڪنهن رُخَ ڏانهن پنهنجي آڱر اوس سڃيندي آهي. پوءِ اُها آڱر ڪنهن نظريي، ڪنهن لاڙي، جدت يا اهڙي ڪنهن ٻئي رخ ڏانهن ٿي سگهي ٿي.

ڪهاڻيءَ جي جيڪڏهن مٿين تعريف جي حوالي سان نسيم جي ڪهاڻيءَ کي ڏسبو ته نسيم جي آڏو،ڪلا جو مقصد، انسان ذات کي هن سنسار جي ڏاڍ جي زنجيرن مان آزاد ڪرڻ جو نالو آهي.

هن برکا برکا سانوڻ جي جهڙالي رُت ۾، جڏهن وڻ ٻانهون ڦهلائي جُهومي رهيا هئا، ڌرتي سُڳنڌ جا ڇڄ ڀَري هوا کي ارپي رهي هئي، اسان (طارق عالم، عابد مظفر ۽ مان) نسيم سان سندس ذاتي زندگي، شخصيت ۽ سندس ڪهاڻي بابت رهاڻ ڪري رهيا هئاسين.

سانتيڪي سڀاءُ، لڙڪ گاڏڙ مرڪ، سگهارن ۽ ٻلوان سوچڻ واري سائڻ نسيم ٿيٻو ساهت کيتر جي سڄاڻ ليکڪا آهي. هن نهايت مان جوڳو لکيو پر اوچتو ڪجهه وقت اڳ هوءَ ساهت کيتر جي اسڪرين تان گم ٿي ويئي هئي. ڪارڻ ٻڌائيندي سندس مک تي دک جون ريکائون اُڀري اُلري آيون: منهنجي رات اونداهين ۾ گم ٿيل آهي. بي ترتيب حياتيءَ جا لمحا به جڏهن پنهنجا نه هوندا آهن، تڏهن ماڻهوءَ کان ڇا پڄندو. پر ڌرتي پنهنجو ڦيرو پورو ڪري وٺندي آهي“ هوءَ جنهن جون سوچون واچوڙن ۾ لاٽ آهن، جنهن پنهنجي جيون کي ڌرتيءَ جي دکن لاءِ ارپڻ ٿي گهريو: ”مون ڏکويل انسانن لاءِ پنهنجي حياتي وقف ڪرڻ پئي چاهي پر منهنجي پنهنجي حياتي ڏکن جي علامت بڻجي ويئي“ اهو ئي سبب آهي جو نسيم جي ڪهاڻين ۾ دک ناٽڪ جو عنصر وڌيڪ آهي. ”منهنجي ڪهاڻين ۾ چئو ٿا دک ناٽڪ گهڻو آهي. انهيءَ جو سبب، ها! انسانن جي اڪثريت دکن ۾ گهاري ۽ چند ماڻهو پنهنجي هر شيءِ انساني رت، ماس ۽ ڳوڙهن مان جوڙين. پوءِ مان پنهنجي ڪهاڻين ۾ خوشي ڪاڏهون آڻيان. مون وٽ دک آهن. اوسي پاسي ڏک آهي. پو منهنجون رچنائون، مرڪون ڪٿان آڻين!“ اوهان ڇو لکيو؟ : ”ها! جڏهن مان ٻالڪ هئم، تڏهن کان ڦاٽل ڪپڙن وارن، چانورن جي سُڪي ماني ٽڪر تان پاڻ ۾ وڙهندڙ ٻارڙن جي اکين ۾ حسرتن جا انبوهه ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو هئم، پوءِ مان گُندڙن مان اٽو چورائي، ڀاڄيون ۽ چانور اهڙن غريبن ۽ فقير ٻارن کي ڏيندي هئس. جنهن تان مارون به کاڌم. مون کي انهن امير ۽ ظالم مردن لاءِ نفرت جاڳندي هئي  جڏهن هو بيگناهه عورتن کي ماريندا هئا. ۽ پوءِ اهڙن ئي حادثن کان متاثر ٿي پهرن جا پهر ٻنين ۾ رلندي هيس ۽ ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن وڻ هيٺان ننڊ اچي ويندي هئم. ۽ پوءِ جڏهن جاڳ ٿيندي هئم ته وري ساڳي پيڙا. . . . ۽ سوچيندي هئس ته مان پڙهي دانشور ٿينديس ۽ سياست ۾ حصو وٺنديس. موسيقي ۽ ڪلاسيڪل ڊانس جي سکيا وٺي وڏي ڪلاڪار بڻبس ۽ انهن انگ اگهاڙن ٻارن ۽ مظلوم عورتن لاءِ لکنديس. اهڙيءَ طرح انهن ظالم، منافق ۽ ڪوڙن مردن کان انتقام وٺنديس. پوءِ اهو ئي سبب منهنجي لکڻ جو ڪارڻ بڻيو.“

اوهان جي گهٽ ڇپجڻ جو ڪارڻ؟ پاڻ سهج سڀاءَ سان وراڻيائين: ”مون جيئن لکڻ شروع ڪيو آهي تيئن باقائده لکندي اچان. ڏوهه سنڌي رسالن جي ايڊيٽرن جو آهي جن منهنجي رچنائن کي (Repeal) پئي ڪيو آهي. شايد ان ڪري به جو مون پاڻ کي گروهه بندين کان مڪت رکيو آهي ۽ مصلحتن کان پري ڪري انسان جي حيثيت ۾ لکيو آهي.“

اوهان ڪهڙن ادبي اصولن ۽ نظرين کي سامهون رکي لکو ٿيون؟: ”مان هر قسم جي استحصال جي خلاف آهيان. بس ائين سمجهو ته اهو استحصال غريب جو امير هٿان هجي يا عورت جو مرد هٿان. . . . مان ڏاڍاين کي ذهن ۾ رکي لکندي آهيان.“

نئين ٽهيءَ جون ليکڪائون عورت جي مسئلن تي جو ڪجهه لکي رهيون آهن ڇا اُهي ڪارگر آهن؟ نسيم ڌيان گيان مان وراڻيو.”نئين ٽهيءَ جون ليکڪائون لکڻ جي حد تائين فن سان سچيون آهن باقي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪنهن به شرافت جي ٺيڪيدار، پير، وڏيري، دقيانوسي قسم جي ماڻهن وانگيان فتوائن جاري ڪرڻ ۾ پوئتي پيل ڪونهن.“

اديب پنهنجي چوڏس ڦهليل سماج جي تلخين کان متاثر ٿي لکندو آهي يا سندس ليک ٺلهو تخيل هوندا آهن.؟ جڏهن دريءَ جا پردا هوا ۾ لڏي رهيا هئا – ٻاهريان ڪاڳر در مان ڌوڪيندي ٿي آيا. هن چيو: ”هر سچو ليکڪ سماجي حالتن جو اثر دل تي ڏاڍو گهرو وٺندو آهي. جڏهن هو اُهي حالتون تبديل نه ڪري سگهندو آهي تڏهن پڙهندڙ کي پنهنجي تخليق جي رستي واڪا ڪري ٻڌائيندو آهي. باقي جيتريقدر فرسٽريشن جو سوال آهي، ته ليکڪ يا هڪ سچي ڪلاڪار وٽ نه هوندي آهي. ۽ پنهنجي مشاهدي، تجربي ۽ سماجي حالتن ۾ گهربل هجڻ جو  ذڪر رچنائن ۾ ڪري ٿو ته پاڻ کي سماج جو  جزو سمجهي ڪري ٿو، ته جيئن ان ڪنڊن ڀريل راهن تان ايندڙ نسل لنگهي ته رتوڇاڻ نه ٿئي. مون کي پنهنجي لاءِ به ساڳي راهه آهي. مان عورتن تي لکندي آهيان. جو مان نٿي چاهيان ته انهن ساڳي اڻانگن پيچرن تان ٻيون به لنگهن ۽ رتوڇاڻ ٿين.

هاڻي توهان جو سوال آهي، پراڻي ۽ نئين سنڌي ادب ۾ ڪهڙو فرق آهي. ”ڏسو نه! ادب حالتن جي پيداوار هوندو آهي. هر سماج ۽ دور کي پنهنجون حالتون ۽ تقاضائون هونديون آهن، ان مطابق رچنائون به بدلجندڙ آهن. انساني سوچ هڪ هنڌ بيٺل نه آهن. ان ڪري هر دور ۾ ان وقت جو ادب نئون آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته وقت گذرڻ کانپوءِ به جهوني  يگ جو ادب نئون نڪور ئي رهي ٿو.وقت جون ويرون ۽ واچوڙا ان کي لوڏي به نٿا سگهن. پراڻي ادب مان ڀٽائي اڄ به نئون آهي. ۽ اوترو ئي مهان آهي، جيترو پراڻي دور ۾ هو. ساڳي طرح ڪنهن به ڪلاڪار کي پوءِ اُهو شاعر، ڪهاڻيڪار يا سنگتراش هجي سندس فن کي ائين چئي ريٽي نٿو سگهجي ته هن ۾ نواڻ ڪانهي. ها! هندستان جي پراڻن ۽ نون گيتن جي ڀيٽ ڪري ڏسو، موسيقار ۽ ڳائڻا لڳ ڀڳ ساڳيا آهن. پوءِ ڇو پنهنجي فن جي سونهن وڃن ٿا ڏينهون ڏينهن گهٽائيندا. ڇو مادي خوشين پويان پئجي انسان فن جي امرتا کي مٽائي رهيو آهي. . . . !“

ادب ۽ داخليت ۽ خارجيت بابت اوهان ڪهڙي راءِ رکو ٿا؟:  ”ادب، دراصل انهن ٻنهي لاڙن جو مڪسچر آهي. يعني داخليت جيڪڏهن ٻوٽو آهي ته خارجيت اُس، هوا ۽ مِٽيءَ وانگر اڻ ٽر ۽ ضروري ٿيو پوي.“

ادب ۾ جنسيات جو ذڪر ڪيتري قدر جائز آهي؟: ”جنسيات جي باري ۾ ضرور لکڻ گهرجي. پر ((Positive انداز ۾ . . . ڏٺو وڃي ته بک، اٽي، لٽي ۽ اجهي سان گڏ جنس به انساني ضرورت آهي. اها جبلت قديم دور کان وٺي اڄ جي جديد انسان توڙي ٻين ساهوارن جو اڻ ڇڄندڙ حصو آهي. جنهن کان منهن موڙڻ سج کي تري ڏيکارڻ آهي، جڏهن هر دور ۽ هر انسان سان جنس لاڳو آهي، تڏهن ادب ۾ ان جو ذڪر ڇو نه!! چڱائي ان ۾ ئي آهي ته حياتي ۽ فن جو حصو سمجهي جنس ۽ رومانس کي قبول ڪرڻ گهرجي. جيترو سچ ۽ حقيقت کي دٻائبو اوترو هو (Negative) انداز ۾ اڀري ايندو.“ پسند جا ليکڪ. . ؟: ”گهڻائي آهن. مثال طور: گورڪي ٽالسٽائي. جبران، ماڻڪ، موهن ڪلپنا، گنوسامتاڻي، ڪلا پرڪش،ٽئگور، شاهه لطيف، آغا سليم، امير جليل، امرتا پريتم، . . . . ۽ ٻيا ڪيترائي جن جون رچنائون ته نه ذهن ۾ آهن پر سندن نالا وقت جي لٽ ۾ لٽجي ذهن مٽجي ويا آهن!

ويجهڙائي وارن ورهين ۾ سرجندڙ ادب بابت راءِ ڏيو.؟: ”ويجهڙائي وارن ٻن سالن کي ڇڏي باقي ڪافي سٺو ادب تخليق ٿيو آهي. هنن ٻن سالن ۾ به ايڪڙ ٻيڪڙ شيون سٺيون آيون آهن. خاص ڪري ڪي شيون ته ماسٽر پيس به آهن. مثلاً: ماڻڪ جي تخليق، پاتال ۾ بغاوت ۽  ڪجهه ٻيون ڪهاڻيون به ڳڻائي سگهجن ٿيون.“

هاڻي اوهين پڇو پيا ته نئين ٽهي ادب جي هر شاخ ۾ نت نوان تجربا ڪري، ان جي ڪيتري قدر قائل آهيان؟ ”ته ڀئي مان ته ان جي قائل آهيان ته تجرباتي صنفن تي لکڻ لاءِ پابندي نه هجڻ کپي. ڇاڪاڻ ته اديب جيڪڏهن پاڻ سان معاشري سان ۽ انسان جي آزاديءَ سان سچو آهي معنيٰ هو مدي خارج ريتن ۽ رسمن کان باغي آهي ته پوءِ نواڻ جي نالي ۾ ئي سهي پنهنجي مٿان ڳٽ ڇو مڙهي. پر جيڪڏهن پاڻ مرادو سندس ذهن ۾ انهن تجرباتي صنفن لاءِ لاڙو آهي ته ان تي به تنقيد نه ڪرڻ کپي. اسان جي حياتيءَ ۾ بي ترتيبي، معاشري ۾ بي ترتيبي آهي، تڏهن اسان جي سرجڻهار يا تخليق ڪندڙ ۾ به ڇڙواڳي پاڻ اچي ويندي. پوءِ ڇڙواڳ اديب ته هن معاشري جو عڪس آهي. پاڇولو آهي. ان تي باهه ۾ ٻڏل تير اڇلڻ، اسان کي يا هن جڳ کي نه جڳائي. ڇڙواڳ معنيٰ باغي ۽ باغي انسان ته حياتي جو اهڃاڻ آهن ۽ ان سان گڏ سونهن به. . . . “

اسان وٽ تنقيدي ادب جي کوٽ آهي. انهيءَ جو ڪارڻ خود پسندي، انائيت يا سهپ جي گهٽتائي ته نه آهي؟ رڳو ائين به ناهي – نسيم سهج سڀاءَ ڌيمي لهجي ۾ چيو: اسان وٽ تنقيدي ادب جي کوٽ ضرور آهي. پر اسان وٽ ڪمي ڪانهي – ڪارڻ ادبي ٺيڪيدارن، وڏيرن، ادبي پاٿاريدارن جي خودپسندي، ڪوڙي انا ۽ منافتي آهي. باقي چند اديب جيڪي سچ جي ڪڙاڻ سهڻ لاءِ پاڻ قوت رکن ٿا سي هروڀرو انهن منافقن . . . ادبي وڏيرن ۽ ادبي پاٿاريدارن جي ڪيني ۾ ٻڏل تنقيد ۽ حسد سان ڀرپور تنقيد کي ڇو سهن. جڏهن ته منجهائن ڪک ڇهي رت نڪري ته پوءِ انهن ڪوڙن منافقن نقادن کي ڪهڙو ٿو حق پهچي جو هو باهه ۾ ٻڏل تير ڪنهن سچي اديب ڏي اُڇلن.“

سنڌي ادب بابت اوهان جي مجموعي راءِ؟ ادب، ادب ڪاڻ يا ادب زندگي ڪاڻ آهي؟ توهان جي هن سوال ۾ ٻه سوال آهن. هوءَ ائين چوندي مُرڪي پئي هئي- ها ته! منهنجي خيال ۾ سواءِ چند تخليقن جي باقي ادب منافقيءَ حسد ۽ ڪيني کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي. جڏهن اديب سچ جو پلئه ڇڏي  ڪنهن هڪ ماڻهو يا ڪميونٽيءَ کي نشانو بڻائي ٿو ۽ ان ۾ ((Political element وڌيڪ ڇانيل هوندو آهي، تڏهن تخليق ڪندڙ ۽ تخليق جي اها پڄاڻي هوندي آهي. باقي سوال جي ٻئي حصي لاءِ چوڻو اٿم ته ادب براءِ ادب، ادب ضرورت ڪاڻ آهي يا ادب زندگي ڪاڻ؟ منهنجي سمجهه مطابق ادب انساني معاشري جي ضرورت به آهي. حياتي سڀني ساهه وارن سان لاڳو آهي. ان ڪري ادب براءِ زندگي هجڻ کپي يعني حياتيءَ جي ڪڙاڻ . . . . سچ سونهن، جذبا، ضرورتون يعني اٽو، لٽو، سيڪس، رومانس تفريح- مطلب ته هنن جي جسماني ۽ ذهني ضرورت پوري ڪندڙ هجي، يعني مٿين سڀني عنصرن جو ميلاپ هجڻ کپي ڇو ته نوان پڙهندڙ اهي تخليقون تڏهن پڙهندا جڏهن اهي دلچسپ هونديون.پر ساڳي وقت ڌرتي تي پلجندڙ منافقي، غربت، بي انصافي کي هميشہ لاءِ تخليق جي ذهن ۾ هجڻ کپي ته طبقاتي ويڇن لاءِ نفرت پيدا ڪن ۽ انهن ناسورن کي ختم ڪرڻ لاءِ عوام ۾ ادب ذريعي جاڳرتا آڻين.

تفصيلي سوال جوابن کان پوءِ ڇا  بهتر نه ٿيندو ته اوهان کان ڪجهه مختصر سوال پڇون؟ ها، ڀلي . . .  نسيم سانتيڪي لهجي ۾ چيو هو.

اوهان جو جنم ڏينهن؟ سال ۱۹۴۸ع جي سال جو اهو ڏينهن جنهن کي ڪئلينڊر ۾ پهرين اپريل پڙهيو آهي.

اوهان جي ڪمزوري . . . .؟ سچ، خلوص ۽ هندستاني گيت ۽ موسيقي.

اوهان جي سڀ کان وڏي خوشي؟ منهنجي ڌرتيءَ جا  بکيا ۽ ڏکيا انسان جڏهن جيئڻ مان موج ماڻيندا ۽ ننڍڙا ٻالڪ ماني ڳڀي لاءِ سِڪي نه مرندا، سندن اکين ۾ حسرتن جا انبوهه نه  هوندا. بلڪه چپن تي مُرڪ هوندي. جڏهن هن ڌرتيءَ تي انسان کي انسان سمجهي قبول ڪيو ويندو. ۽ ڪنهن جي به ڳچيءَ ۾ لعنت جو ڳٽ نه هوندو.

اوهان جي سگهه؟ گهڻو وقت اڳ منهنجون سوچون ڏاڍيون سگهاريون ۽ ٻلوان هيون پر هينئر اهي منهنجي اونداهي ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ گم ٿيل آهن.

اوهان جي وڏي ضرورت؟ سڄي انسان ذات جو سهڻو مستقبل. جڏهن ڪنهن به اک ۾ ڳوڙها نه هوندا.

اوهان جي سونهن جو تصور؟ هر خوبصورت شيءِ- پوءِ اهو حسن انسانن ۾ هجي انهن جي ذهن جي پيداوار هجي يا قدرت جي من موهيندڙ نظارن ۾.

اوهان جو اعتراف؟ مون اڄ ڏينهن تائين ڪو به سوچي سمجهي پاپ ناهي ڪيو. منهنجي نظر ۾ انسانن جون دليون رنجائڻ وڏي ۾ وڏو پاپ آهي. اهو پاپ مون گهٽ ۾ گهٽ شعوري طرح ۽ سوچي سمجهي ناهي ڪيو.

اوهان جي نفرت؟ هر ان منافق، ڪوڙي ۽ ظالم انسان لاءِ آهي، جيڪي هن هيڏي وشال ڪائنات کي پنهنجي جاگير سمجهندا آهن.

اوهان جي رات؟ منهنجي رات اونداهين ۾ گم ٿيل آهي!

اوهان جو ڏينهن؟ بي تربيت حياتيءَ جا جڏهن هي لمحا به پنهنجا نه هوندا آهن تڏهن رات ۽ ڏينهن ته تمام وڏا ٿي ويندا آهن. معنيٰ ڪنهن به ڳالهه کي ناهي – نه ڏينهن کي – نه رات کي.

اوهان جو سڀ کان وڏو ڏک؟ مون ڏکويل انسانن لاءِ پنهنجي حياتي وقف ڪرڻ پئي چاهي پر منهنجي پنهنجي حياتي ڏکن جي علامت بڻيل آهي.

ڪنهن کان ڊڄو ٿا؟ منافق ۽ ميسڻن ماڻهن کان.

اوهان کي ڪهڙي ڳالهه ٿڪائي ٿي؟ پنهنجن جا ويڻ.پنهنجن جون نفرتون. هتي مان پنهنجن جي وضاحت ڪندي هلان ته اهي سڀ ماڻهو جن کي مون سالن کان وٺي پيار ڪيو، ۽ ڏاڍي عزت ڪئي آهي. پر انهن هميشہ مون کي نفرتون ۽ ڪروڌ پلئه  ۾ وڌو آهي.

ڪهڙيءَ ڳالهه متاثر ڪيو؟ انهن مڙني ماڻهن جي فراخدليءَ- ڌرتي جي ريتن رسمن مطابق مون کي پٿر ته هنيا پر گل سمجهي. هنن شايد اهو منهنجي روڳي زندگيءَ جو علاج سمجهيو، پر انهن مهربان ۽ سچن انسانن وٽان اڇلايل گلن ته ويتر مون کي اونداهين ڏي گهليو.

اوهان  جي لاءِ تخليق جو عمل؟ تمام چڱي شيءِ آهي ۽ اڻ ٽر به! پر جيڪڏهن  دل جي سچاين سان سڄي انسان ذات جي ڀلي لاءِ ٿيل هجي. ۽ ڪلاڪار لاءِ سواءِ پيڙا جي ٻيو ڪجهه به ناهي. ڪلاڪار ان وڻ جيان آهي، جيڪو پاڻ ته سدائين لڪن ۽ سج جي ساڙيندڙ اُس ۽ طوفانن ۾ بيٺل هوندو آهي، پر منجهس آرامي يعني پکيئڙا ۽ اهي ٿڪل ٽٽل انسان جيڪي سندس ڇانءَ ۾ ڪجهه وقت لاءِ ئي سهي ٿڪ لاهي پوءِ وري مسافريءَ لاءِ تازا توانا بڻجي ويندا آهن ۽ ٿڌي ڇانءَ ۾ ويٺل انسانن منجهه ڪڏهن به اها آس نه رکندا آهن ته  کين پاڻيءَ  چڪو يا ڀاڻ ڏنو ويندو، يا انهن ويٺل انسانن منجهان ڪو ڪهاڙيءَ سان کين ڪپي ڪوري هميشہ لاءِ حياتي ڦري به سگهي ٿو. هو ته پنهنجي سستيءَ ۾ جهومندا رهندا آهن.

اوهان جي ڪا وڻندڙ سٽ؟ انگريزيءَ ۾ هجي ته ڪاوڙجي  ته نه پوندا!

1.     Where ever you are weak you will be attacked.

2.     Grow strong my comrade or you will be perished.

اوهان جي وڻندڙ شخصيت؟ منهنجي وڻندڙ شخصيت اهي انسان جن انسانن جي ڀلي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو هجي. پر پوءِ به نفرتن جو شڪار ٿيل هجن. ۽ انسانن جي بي حسي ۽ بي مروتي جي ڪري لشڪر جي پوين قطارن ۾ هوندا آهن.

ريمارڪس مختلف ويجهن ماڻهن لاءِ؟ ڇو ٿا بي موت مارائڻ چاهيو. رڻ پٽ ۾ اڪيلي بيٺل آهيان. ڪروڙين ماڻهو آهن. سڀني جي هٿن ۾ پٿر آهن. نگاهن ۾ نفرتن جا تير. منهنجا هٿ خالي آهن. ٿر جي وارياسيءَ ڌرتيءَ وانگي. ۽ سوچڻ جون سموريون صلاحيتون کسيل. سنڌ سنڌ ساڻو زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. هر لفظ اٿڻ، ويهڻ، سمهڻ، هلڻ مان هزارين معنائون ڪڍڻ وارن کي ڪيئن مان پنهنجو چوان، پنهنجا ته اُهي هوندا آهن جيڪي سيني سان لڳائي ڏک سک ونڊيندا ۽ ورهائيندا آهن. هن وقت ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونه ٿو سُجهيم، جنهن کي پنهنجو سمجهان ۽ ان لاءِ ڪا راءِ ڏيان.

 

(رچنا پبليڪيشن سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، آگسٽ ۱۹۸۰ع ۾ ڇپيل)


 

مادام نسيم ٿيٻو جو انٽرويو

زندگيءَ جي رڃ ۾ هيڪلي

انٽرويو: امبرين هيسباڻي

ستر جي ڏهاڪي جي سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪارا، هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي اقتصادي شعبي جي ايسوسي ايٽ پروفيسر پر اڄ ڪلهه ادبي طور خاموش زندگي گذاريندڙ نسيم ٿيٻو بابت هڪ خيال هي به ٿي سگهي ٿو ته جيئن بدر ابڙي جي لکڻ کان پوءِ جمال ابڙو خاموش ٿي ويو. بلڪل ائين تانيا ٿيٻو جي اڀرڻ کان پوءِ نسيم به خاموشي اختيار ڪئي هجي، پر مان ان خيال سان سهمت نه آهيان، ڇاڪاڻ ته تانيا نسيم جي خيالن جي ٻاٽي مان اڀريل اڪيلو گل ناهي، پر نسيم ٿيٻو جو خاندان ته پنهنجي اڳياڙي ۽ پوياڙي سميت اديبن جو گلدستو آهي. نوجوان ڪهاڻيڪارا تانيا ٿيٻو جي ماءُ نسيم ٿيٻو پهرين سنڌ جي ناول نگار عورت محترمه بادام ناتوان جي ڌيءُ به آهي، جنهن ”قلبي اُڃ“ ۽ ”خوش خصلت خاتون“ جهڙا ناول لکيا. نسيم ٿيٻو جي پيڙهيءَ ۾ ادب جو ذوق رڳو عورتن تائين ئي محدود نه آهي پر سندس ڀاءُ مير ٿيٻو به ادب جي دنيا جو وڏو نانءُ آهي. مير، جيترو پڙهيو اوترو لکيو ناهي. انڪري ادبي دنيا ۾ کيس ڪنهن ڄاتل سڃاتل جي لفظ سان پڪاريو ته نه ٿو وڃي پر ڌاڙيلن طرفان اغوا ٿي وڃڻ کان پوءِ (مير ٿيٻي جي اغوا کان ٽي سال کن اڳ سندس ڀاءُ شهزاد ٿيٻي کي اغوا ڪيو ويو هو) ڀنگ ڀري آزاد ٿي موٽي اچڻ تي مير اٽڪل ٻن مهينن تي مشتمل پنهنجي يرغمالي زندگيءَ تي جيڪا ڊائري لکي آهي، اها سنڌ ۾ ڌاڙيل عنصر ۽ ان جي نفسيات ويجهي  تر مشاهدي تي لکيل سڀ کان وڌيڪ مستند ۽ شاهڪار لکڻي آهي. ساڳي ريت نسيم جو ٻيو ڀاءُ گلزار ٿيٻو به انگريزي ادب جو چڱو موچارو ڄاڻو ۽ اڄ ڏينهن تائين پاڙهو آهي. ڳالهه رڳو اتي ختم نه ٿي ٿئي. خاندان کان نڪرندي نسيم کي ٻاهر جيڪو ماحول مليو اهو به ادبي ۽ سياسي هو. پاڻ ستر واري ڏهاڪي ۾ رسول بخش پليجي سان ازدواجي رشتي ۾ ڳنڍي، جيڪو سنڌ جي چئن وڏن علمي، ادبي ۽ عقلي نانوَن (سوڀو گيانچنداڻي، جي. ايم. سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجي) مان هڪ آهي ۽ اڄ هوءَ سنڌ جي نوجوان اديب، شاعر ۽ صحافي اعجاز منگيءَ جي گهر واري انيتا ٿيٻو جي ماءُ هئڻ ڪري اعجاز جي سس به آهي. پنهنجي ڀائرن، مير ۽ مختيار جي ڪميونسٽ پارٽيءَ اندر مرڪزي حيثيت هئڻ ڪري ستر واري هاڪي ۾ پنهنجي مڙس رسول  بخش پليجي جي سنڌي عوامي تحريڪ جي رهنما هئڻ ڪري ۽  ويجهڙائي ۾ تانيا ۽ اعجاز جي سياسي لاڳاپن ڪري هوءَ ملڪ جي عام طرح ۽ سنڌ جي قومي ۽ انقلابي سياست کي خاص طرح ۽ ويجهي کان ڏسندي رهي آهي. اهڙي ماحول ۾ رهندي ڪري، سندس تخيل جو هلچل ۾، ۽ قلم جو جنبش ۾ هئڻ فطري هو. پاڻ ستر واري ڏهاڪي ۾ جام ڪهاڻيون لکيون اٿائين ۽ هينئر جيئن پوءِ تيئن سندس زندگيءَ جي سفر جون وکون خاموش پسند وستيءَ ڏانهن وڌي رهيون آهن. مون فيصلو ڪيو ته سنڌالاجيءَ جي سامهون وارن بنگلن مان هڪ ۾ رهندڙ هن اديبا کان اڄوڪي سنڌ کي واقف ڪرائجي. ٻاهر سج لهي چڪو آهي، ڄام شوري جون هوائون بهار جي موسم ۾ سياري طرفان وڻن جي ڪيرايل زرد پنن سان کيڏي رهيون آهن. نسيم ٿيٻو جي گهر جي ڪمري ۾ صوفي تي سندس مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ اليڪٽرانڪ جي آخري سال ۾ پڙهندڙ ڌيءُ تانيا، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ چوٿين سال ۾ پڙهندڙ ڌيءُ انيتا، انيتا جو گهر وارو اعجاز ۽ انيتا جو ٽن سالن جو پٽ سارنگ ويٺل آهن.

نسيم کان منهنجو پهريون سوال ان ڪيفيت بابت هو، جنهن هن کي لکڻ لاءِ اتساهيو. جواب ۾ هن پنهنجي ان ئي گهريلو ادبي ماحول جو ذڪر ڪيو، جنهن جو مٿي بيان ٿي چڪو آهي. پنهنجي گهريلو ادبي ماحول جي تشريح ڪندي هن چيو ته ”آءٌ ننڍي هوندي کان ان ادبي ماحول ۾ پلي آهيان، جتي جذبن جو اظهار قلم ذريعي ٿيندو هو“. سندس ئي  لفظن ۾ ته سندس خيالن ۽ قلم کي سگهاري بنائڻ جا ٻيا ذريعا سندس ڳوٺ جي غربت ۽ ان وقت هندستان مان نڪرندڙ رسالو ”بيسوين صدي“هو. ته پوءِ ان جو مطلب ته اڄ اهي محرڪ نه رهيا آهن، جيڪي اڳي هئا. ان سوال ذريعي مون کانئس هاڻي نه لکڻ جو سبب پڇيو. پاڻ جواب ۾ نه لکڻ جي سبب کي سستي ڄاڻائيندي چيائين ته هن جيڪڏهن لکيو به ته اهو شايع نه ڪرائيندي. ميهڙ جي ٻاهران ”گهاڙيءَ“ نالي سڏجندڙ اهو ڳوٺ جنهن جي غربت مان متاثر ٿي هوءَ لکندي هئي، ان کي ڇڏئي هن کي سال ٿي ويا آهن ۽ ڄام شورو توڙي حيدرآباد عام طرح سفيد پوشن جون وسنديون آهن. مون کيس  کولڻ جي ڪوشش ڪندي کانئس پڇيو ته ڪٿي ائين ته ناهي ته توهان پنهنجي اتساهه بخشيندڙ ان غربت واري ماحول کان ڪٽجي ويا آهيو، جيڪو توهان ٻهراڙيءَ ۾ ڏسندا هئا؟ ان تي ”نه“ جي لفظ کي  ٻه ڀيرا ورجائيندي هن چيو ته هوءَ اڄ به عام ماڻهوءَ جي حالت کان چڱي طرح واقف آهي. پاڻ هن ڀيري به ساڳي راءِ جي هئي ته سندس نه لکڻ جو سبب صرف ۽ صرف سستي آهي. سستيءَ جي لفظ تي جڏهن هن زور ڏنو، تڏهن مون کانئس سنڌ جي ٻين اديبن بابت راءِ پڇي، جيڪي پڻ هن وانگي گوشانشيني اختيار ڪري ويا آهن. منهنجي خيال کي روڪيندي پاڻ چيائين ته امر جليل ۽ آغا سليم لکڻ ڇو ڇڏي ڏنو آهي. ان جي کيس خبر ناهي. ”شايد اهي به  مون وانگي سست ٿي ويا آهن. باقي نئين ٽهيءَ ۾ نوجوان لکي رهيا آهن.“ . پنهنجي ڌيءُ جو مثال ڏيندي هن چيو ته  تانيا باقاعده ڪهاڻيون لکي رهي آهي، جن مان ڪافي ڇپجي چڪيون آهن. ادب لکجي پيو، ان ۾ مڪل جمود ڪو نه آهي. ”ها ڪهاڻيون ته ايڪڙ ٻيڪڙ لکجن پيون پر ”ناول“ ته پراڻي دور جي ڳالهه ٿي وئي آهي“. سنڌ ۾ ناول جي ته لکجڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟ ان  تي هن جواب ۾ اديبن ڏانهن معذرت به شامل هئي. سندس خيال هو ته  ”ناول جي لاءِ جيتري وقت ۽ ريسرچ جي ضرورت آهي، اها اسان جي اديبن کان نه ٿي پڄي.“ مون امر جليل جي انهن لکڻين بابت جڏهن هن کان پڇيو ته ”اڄ ڪلهه جي امر جليل وارين اخباري لکڻين ۾ هو نه رڳو پنهنجي پراڻن ڪردارن کي ورجائي رهيو آهي پر ٻولي، حوالا، ۽ محاورا به ساڳيا پراڻا استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ڇا جيڪڏهن توهان لکڻ شروع  ڪيو ته پوءِ توهين به پنهنجن پراڻن موضوعن ۽ اسٽائل تي لکڻ پسند ڪندؤ؟“ تڏهن هن جو جواب ”نهڪر“ ۾ هئو. هن چيو ته ”ڏسڻو آهي ته اها ڪيفيت ڪيستائين ٿي رهي، پر جيڪڏهن ۽ جڏهن به مون لکڻ شروع ڪيو ته آءٌ انهن نون ڏکن ۽ ڏاکڙن بابت لکندس، جن مان اسان جو عام ماڻهو هاڻي گذري رهيو آهي“.

مون لٽريچر تي هلندڙ بحث دوران سوالن جو مُنهن صحافت ڏانهن موڙيو ۽ کانئس پڇيو ته عام تاثر اهو آهي ته جيئن جيئن صحافت پنهنجو اثر مڃرائي رهي آهي، تيئن تيئن لٽريچر پس منظر ۾ وڃي رهيو آهي. توهان جو ان بابت ڪهڙو خيال آهي؟“ ان تي لٽريچر جي دنيا جي واسيءَ صحافت جي حق ۾ راءِ ڏني. هن جو چوڻ هو ته ماضيءَ ۾ جنهن شعور جي سنڌي ماڻهن کي ضرورت هئي، اها کين لٽريچر مهيا ڪندو هو پر هاڻي سنڌي ماڻهو به ٻي سڄي دنيا وانگي تڪڙي معلومات ٿو چاهي. هو اهو جهٽ پٽ معلوم ڪرڻ ٿو چاهي ته کيس پوئتي رکڻ واريون  قوتون اڄ ڪلهه ڇا ڪري رهيون آهن ته جيئن هو پنهنجي پاڻ کي به ان جي مقابلي لاءِ تيار ڪري سگهي. مون نسيم جي دلچسپي ۽ ذهني وابستگيءَ  کي وڌيڪ سمجهڻ پئي چاهيو ۽ سندس خيال جي تارازيءَ ۾ صحافت ۽  لٽريچر کي وري تورڻ لاءِ کانئس پڇيو ”اڄ ڪلهه سنڌي صحافت ۽ جديد سنڌي لٽريچر جيڪي هاڻي پاڻ ۾ مقابلو پيا ڪن. ان مقابلي ۾ توهان جي اڳيان جيڪڏهن هڪ تازو رسالو ۽ ڪنهن ليکڪ جو ناول يا لکڻين جو مجموعو رکجي ته پوءِ توهان پهريائين ڪنهن کي پڙهڻ چاهيندا؟“ ان تي هوءَ گهڙي کن لاءِ منجهي پئي ۽ وراڻيائين ته ”اهو توهان ڏاڍو ڏکيو سوال ڪيو آهي“. پنهنجي مونجهاري کي پاڻ ئي حل ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن سندس اڳيان ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ يا ”ديوداس“ يا ”ناگ مين“ جهڙو ڪو سٺو ڪتاب رکيو وڃي ته آءٌ پهريائين انهن کي پڙهنديس. پنهنجي ڳالهه جي هن ستت ئي پاڻ ترديد ڪئي ۽ چيائين اڄ ڪلهه مون رسالا پڙهڻ، ريڊيو ٻڌڻ ۽ اخبارون ڏسڻ ڇڏي ڏنيون آهن، ان ڪري توهان جي سوال جو صحيح جواب آءٌ ڪيئن ٿي ڏئي سگهان“. سندس خيال موجب صحافت سياست جي ترجمان هئي. ان ڪري پاڻ چيائين ته کيس سياست توڙي لٽريچر سان ڪا به دلچسپي نه هئي، ان ڪري پاڻ ان دنيا کان ڪٽجي ويئي آهي. ڳالهه هلندي اخبار جو ذڪر ڪندي چيائين ”توهان کي حيرت ٿيندي ته مان اخبار رڳو ”تاريخ“ ڏسڻ لاءِ ڏسندي آهيان. مون سندس اهڙي عمل تي جڏهن کانئس پڇيو ته ”ان جو مطلب ته توهان اخبار کي ڪئلينڊر طور استعمال ڪري رهيا آهيو؟“ ان تي پاڻ ٿوري ديوانگيءَ واري کل کلندي ۽ بعد ۾ سنجيده ٿي وراڻيائين ”جيڪڏهن ماڻهو ذهني سڪون چاهي ٿو ته بهتر آهي ته هو اخبار نه پڙهي“. ماضيءَ جي مڃيل ڪهاڻيڪارا جي موجوده زندگيءَ تي اُڃَ جو پاڇو ڏسي مون ان پاڇي جي پٺيان ڊوڙ پاتي ۽ مون کانئس اهو سوال پڇيو جيڪو منهنجي سمجهه مطابق نسيم جي موجوده زندگيءَ واري ڪيفيت جو اصل سبب هو. منهنجو سوال هو ”توهان کي پنهنجي شاديءَ جو تجربو ڪيئن لڳو؟“ هن جي ٻن لفظن واري جملي جي پهرئين لفظ جو اچار تمام ڊگهو هو. اهي لفظ هئا ”تمام – تلخ“ هن پنهنجي زندگيءَ جي انتهائي اهم ۽ نازڪ سوال جي جواب ۾ تڪڙ ۾ چيل انهن لفظن جي تصحيح ڪئي ۽ چيو ”تلخ به اڃا هلڪو لفظ آهي – مون وٽ اهي لفظ به ڪونهن، جنهن کي آءٌ انهيءَ لاءِ استعمال ڪري سگهان. ”مرد بنيادي طرح بيوفا آهي. هو پيار ڪري نه ڄاڻي“. سندس جواب ڏيڻ مهل موڊ جي ڳنڀيرتا ڏسي مون  کان ان ساڳي موضوع تي ٻيو سوال ڪرڻ جي جرئت نه ٿي ۽ موضوع مٽائي ڇڏيو.

”ها ميڊم! توهان پنهنجي ڪهڙي اولاد مان وڌيڪ متاثر  آهيو؟“ جواب ۾ هن پنهنجي اولاد مان متاثر هئڻ جي ترديد ڪئي. پاڻ چيائين ته جيئن ته هو ٻئي (تانيا ۽ انيتا) سندس تخليق آهن، ان ڪري ٻئي کيس پياريون آهن. نسيم کي پنهنجي ٻنهي ڌيئرن جي صلاحيتن تي به پختو ويساهه هو. پنهنجي پٽن جهڙين نياڻين جي جوڙي جي پاڻ واکاڻ ڪندي هن چيو ته ”تانيا گهر ويٺي پاڻ کي شاعري ۽ ڪهاڻيءَ جي صنعت ۾ مڃائي ورتو آهي، ته انيتا جو وري آواز تمام ڀلو آهي، جي هن کي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻ جو موقعو مليو ته هوءَ پنهنجو پاڻ مڃائيندي.“

ويساهه گهاتيءَ جي ماريل سنڌ جي هن انوکي اديبا کان مون دوستيءَ بابت پڇيو. منهنجو سوال هو ته ”حضرت عيسيٰ کي  صليب تي چاڙهڻ کان اڳ جڏهن سندس آخري خواهش بابت پڇيو ويو هو ته هن وراڻيو هو ته اي ڪاش خدا مون کي هڪڙو دوست ڏئي“! ساڳيءَ ريت سيزا به بروٽس کي پنهنجو دوست سمجهندو هو پر جڏهن بروٽس، سيزا کي خنجر هڻي ڪڍيو. انهن مثالن کي سامهون رکندي ڇا توهان چوندا ته توهان کي به ڪو دوست مليو يا . . . . .؟

هن جي وراڻي لٽريچر جي زبان وانگي لڪايل نه هئي. هن چيو ”مون کي اڄ تائين ڪو به سچو دوست ناهي مليو، منهنجي جذبن کي پنهنجن توڙي پراون ايترو چيڀاٽيو آهي ۽ منهنجا احساس ايترا ته ڇيهون ڇيهون ٿيل آهن، جو انهن کي هاڻي ڪنهن دوست جي تمنا ناهي رهي، پر آءٌ هڪ ڀيرو پنهنجي پراڻن دوستن سان ضرور ملڻ چاهيندس ۽ انهن کي ٻانهن کان جهلي سيزا وارو ساڳيو سوال پڇنديس ته ”يو ٽو – بروٽس؟“

سندس زندگيءَ بابت مون سندس  عقل جي راءِ پئي وٺڻ چاهي ۽ کانئس سوال  ڪيو ته ”ڇا توهان پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن آهيو؟“ ته هن نه چاهيندي به ڪنڌ اوچو ڪري ڄڻ ضدي انداز ۾ وراڻيو ”ڪافي حد تائين آءٌ پنهنجي گذرندڙ زندگيءَ مان مطمئن آهيان. بس ننڍا ننڍا مسئلا آهن، جيڪي وقفي آهن. جيئن پئسي جي اڻاٺ وغيره هئي، پر گهر جي ڀاتين سان آءٌ ايڏي ويجهي آهيان جو اهي مسئلا گهٽ ۽ ڪڏهن ڪڏهن محسوس ئي نه ٿيندا آهن.

ويساهه گهاتين ۽ بيوفائين جو ماريل هي انسان اڄ به ايڏو اطمينان بخش ڪيئن آهي؟ اها ڳالهه مون لاءِ عجب کان گهٽ نه هئي.  مون پنهنجي سوچ کي سوال ۾ بدلائي کانئس پڇيو ته ان سڄي صورتحال جي باوجود توهان جي اطمينان جو سبب ڪهڙو آهي. هن جواب ۾ وراڻيو ”پنهنجائپ ماڻهوءَ کي ڪمزور ڪندي آهي، جڏهن ته دشمن ماڻهوءَ کي مضبوط ڪندوآهي. هن وقت آءٌ ڪنهن کي پنهنجو سمجهان ئي نه ٿي. مان ته ان بيت جي ڀر پهتي آهيان ”چريا ٿياسين – يار پرکياسين“ سو منهنجي اطمينان جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته جڏهن ڪو پنهنجو ئي ڪونهي ته ميار ڪنهن کي ڏجي. هن شعر وانگي:

زندگي ڪي اس مڪان پر مين لاتا چلا گيا

غم اور خوشي ڪا نه فرق محسوس هو.

جهان زندگي ڪو اس موڙ پر مين لاتا چلا گيا

 

(ڪاوش مئگزين تان کنيل)


 

نسيم ٿيٻو

۱۹ مارچ ورسي جو ڏينهن

حسن پٺاڻ

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪاره ۽ دانشور خاتون نسيم ٿيٻو ۱ اپريل ۱۹۴۸ع تي گهاڙي، ٿيٻن جي ڳوٺ تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ مير عبدالباقي ٿيٻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والده بيگم بادام ناتوان، پنهنجي دور جي بهترين ليکڪا هئي، جنهن “خوش خصلت خاتون” جهڙو آدرشي ڪتاب لکي ادبي ميدان ۾ مڃتا حاصل ڪئي، اهو ڪتاب پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي پڌرو ڪيو. نسيم ٿيٻو ملڪ جي ناليواري سياستدان رسول بخش پليجي جي گهر واري ۽ ناليواري ڪميونسٽ اڳواڻ مير ٿيٻي جي ڀيڻ هئي. کيس ٻه نياڻيون تانيا ٿيٻو ۽ انيتا ٿيٻو آھن، ٻئي ادبي کيتر ۾ ڄاتل ۽ سڃاتل ليکڪائون آهن. نسيم ٿيٻو پيشي جي حوالي سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اقتصاديات جي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي رهي ۽ ۲۰۰۰ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. نسيم سنڌي ادب جي سٺي ليکڪا هئي، خاص ڪري ڪهاڻيءَ ۾ کيس مخصوص سڃاڻپ ۽ حيثيت حاصل رهي. هن ۸۰-۷۰ وارن ڏهاڪن ۾ تمام سٺيون ۽ ڇرڪائيندڙ ڪهاڻيون لکي ادبي حلقي ۾ پنهنجو ڌاڪو ويهاريو. هن اٽڪل ۲۵ ڪهاڻيون لکيون. ۸۰ واري ڏهاڪي کانپوءِ هن لکڻ گهٽائي ڇڏيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ هن ڪراچيءَ ۾ سچل ڳوٺ واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي. نسيم ٿيٻو جا ناناڻا شڪارپور جا ويٺل هئا، تنهنڪري هن جو ننڍپڻ ۽ جواني به شڪارپور ۾ گذري. سندس ڪهاڻين جو مجموعو “اُڀر چنڊ پس پرين” سنڌي ادبي بورڊ ۾ ۲۰۱۳ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جو مرتب دين محمد ڪلهوڙو آهي.

نسيم ٿيٻو ۱۹ مارچ ۲۰۱۲ع تي ۶۴ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.

 

(حسن پٺاڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


نسيم ٿيٻو

جوڳي جادو لائي ويا

اعجاز منگي

هن جي جسماني وڇوڙي کي ڏھ ورهيه گذري ويا آهن.

پوءِ به هر وقت اهو محسوس ٿيندو آهي ته انيتا وانگر

هوءَ هتي آ، هن گهر ۾، گهر جي اڱڻ ۾، ڪمري ۾...!

هوءَ الڳ ڪٿي ٿي آهي؟ هوءَ ته وڇڙي

اڃان وڌيڪ ويجهو ٿي وئي آهي!!

هوءَ جيڪا هڪ شهزادي هئي.

هڪ اهڙي شهزادي جيڪا دل جي فقير هئي.

سنڌ اهڙي سهڻي، اهڙي سياڻي ۽ اهڙي نماڻي

سنڌ اهڙي دلڪش، اهڙي دلبر ۽ اهڙي دلير نياڻي

وري ڪڏهن ڄڻيندي............؟؟؟؟؟؟؟؟

مرزا غالب لکيو هو:

“سب ڪهان ڪڇ لاله و گل مين نمايان هوگئين

خاڪ مين ڪيا صورتين هونگين ڪه پنهان هوگئين؟”

اسان هن کي شاھ عنايت قبرستان ۾ امانت طور دفن ڪيو

پر هن کان پوءِ مون کي هن ڌرتيءَ تي اهڙو گل نظر ناهي آيو

جيڪو هن جهڙو سهڻو، سڳنڌ ڀريو ۽ سرڪش هجي!!

نسيم سرڪش گلاب هئي، رابيل هئي، سرنهن جو ڦول هئي

هر گل وانگر ٻاهران خوش ۽ اندر ۾ اداس

قدرت نسيم جي وجود لاءِ دادوءَ جي گيڙو مٽي منتخب ڪئي هئي

هوءَ پنهنجي خيالن ۾ سرخ رنگ هئي. هوءَ پنهنجي احساس ۾ زرد هئي.

جڏهن زرد ۽ سرخ رنگ ملندا آهن، تڏهن گيڙو رنگ جنم وٺندو آهي.

نسيم جو صرف انداز گيڙو نه هو پر هن جو آواز به گيڙو هو

ان ڪري هوءَ دل جي اٿاھ اڪير سان ڳائيندي هئي

“جوڳي جادو لائي ويا

جوڳيءَ رتا ڪپڙا

ڪالھ ڪلهن تي پائي ويا

جڙ لائي ويا..... ”

جڏهن نسيم پنهجيون اکڙيون پوري اهو ڪلام ڳائيندي هئي

تڏهن محسوس ٿيندو هو ته لطيف ڪنهن ٻٻر جي وڻ هيٺان

پنهنجي سٿر تي سرگم سمان هٿ هلائي رهيو آ

۽ معصوم چپن جي ساھ سان سر ونڊائي رهيو آ

“جوڳي جادو لائي ويا.......!!”

ادي نسيم هڪ جوڳياڻي هئي.

هن جي نس نس ۾ زهر ڀريل هئي.

هوءَ انهن نانگن جي ڏنگيل هئي

جن کي هي ڏيھ ڏاهو ٿو چوي!!

نسيم ٿيٻو هڪ نقلي ۽ چالاڪ عورت نه هئي.

هوءَ هڪ اصلي ۽ حسناڪ ناري هئي.

هن جو جيون سونهن ۽ سچ جي تلاش هو.

هوءَ هڪ مسلسل متلاشي مسافر هئي.

هن جي شخصيت کي هڪ مختصر پوسٽ ۾

ڪيئن ٿو سمائي سگهجي؟

هن جي ارڏي انقلابيت، هن جي معصوم آتما

هن جي تلاش وفا

نسيم صرف سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر نه هئي

نسيم تصورن کي لفظن جا لباس اوڍائيندڙ اديب به هئي

هن جون ڪهاڻيون، تاريخ جو سچيون ڪٿائون آهن

اها تاريخ جن ۾ صرف ڪردارن جا اصل نالا ناهن..!

ڪير هئي “ڳوڙهن جي ريکا؟” ڪير هئي اها ناري

جنهن نڀ ۾ نهاري جهونگاريو هو “اڀر چنڊ، پس پرين”

اها صرف ۽ صرف نسيم هئي!

جي ها نسيم ٿيٻو!

ٿيٻن وري اهڙي انسان کي جنم ئي نه ڏنو جهڙي نسيم هئي

هوءَ جيڪا هرڻي هئي ۽ پليجن جي پنجوڙ ۾ ڦاٿي هئي

نسيم جي ڪهاڻي مس سان نه ٿي لکي سگهجي

هن جي ڪهاڻي لکڻ لاءِ سرمي سان ڀريل لڙڪ گهرجي

نسيم جي اڻ پوري ناول جو نالو هو “رسندو ڀرجندو گهاءُ”

اهو ناول هاڻي سدائين اڻپورو رهندو

 

(اعجاز منگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا