غمدل فقير
غمدل نام ڌرايم
قاضي مقصود حيات گل
سنڌڙيءَ جي سرزمين هميشه کان صوفي فقيرن ۽ بزرگن جو آستان ۽ مسڪن پئي
رهي آهي. هتان جي صوفين هميشه امن، آشتي، پيار، محبت، انسان دوستيءَ، سڪ ۽ سلامتيءَ
جو پيغام ڏئي پنهنجن توڙي پراون کي سيني سان لاتو آهي. جڏهن به، جتي به، نفرت، نفاق،
دوئي ۽ ڌڪار جي آڳ الا ڪري اٿي آهي، اتي صوفي بزرگن، پنهنجي قول، فعل ۽ ڪردار سان دوئي
۽ ڌڪار کي ڌڪي ڌار ڪري هميشه پيار ۽ محبت سان انهيءَ ناسور جي چيٽ کي سک ۽ سلامتيءَ
جي فضا کي بحال ڪري، ميٺ ۽ محبت جون سرڪيون عام کي انسانيت، محبت ۽ ماڻهپي جا سبق ڏيئي
مجبور ماڻهن کي پنهنجي دلبريءَ جي دامن ۾ پناهه ڏئي، پيار ۽ پاٻوهه جون ورکائون ڪيون
آهن.
سنڌ جو اتر هجي، سرو، وچولو يا لاڙ، هر جاءِ تي، هر هنڌ تي با صفا صوفين
جون درگاهون اهو ثبوت پيش ڪن ٿيون ته هر دور ۾ صوفي فقيرن ۽ بزرگن هميشه تصوف جو پرچار
ڪري سنڌ کي امن ۽ سڪون جو گهوارو بڻائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. صوفي فقير هر دور ۾ نه
صرف پيار جا پرچارڪ رهيا آهن، پر انهن هميشه سچ جو بول بالا رکڻ لاءِ ڪيئي ڪشالا ڪاٽيا
۽ ضرورت پوڻ تي هو ڏاڍ ۽ ڏمر جي طوفان آڏو سينا سپر ڪري مهاڏو اٽڪائي بيٺا، ايتريقدر
جو هر ڪوڙ، ڪروڌ، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان جوٽڻيون جوٽي پنهنجا سر به قربان ڪري ڇڏيا، پر ڪڏهن
به همٿ جا هٿيار ڦٽا ڪونه ڪيائون ۽ مڙس ٿي، ميدان ملهائي، موت کي مهماني سمجهي ڀاڪرين
پيا ۽ مري امر ٿي ويا. عشق الستيءَ جي آڳ ۾ پتنگن جان پچي، ڳچين جا ڳچ وڃائي، وجود
وساري، فنا في الله ٿي سچ جي ساک بچائي، سر ڏيئي سرها ٿيا.
پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لڇيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.
(شاهه)
صوفي شاهه عنايت شهيد جھوڪ وارو اهڙن حق پرست، با صفا صوفين جو سرواڻ
آهي، جيڪو ڏاڍ ۽ جبر جي آڏو عام انسان جي حقن جي حفاظت جو علمبردار ٿي ميدان عمل ۾
آيو ۽ ’جيڪو کيڙي سو کائي‘ جو نعرو هڻي، مزدور، محنت ڪش، پورهيت ۽ هارين جو حمايتي
ٿي بيٺو. هن سالڪ صوفيءَ ڏاڍن سان جنگ جوٽي، نه صرف هيڻن جي حمايت ڪئي، پر اهو به ثابت
ڪري ڏيکاريو ته صوفيءَ جو مسلڪ صرف ساز سرود تي ڪنڌ جھوٽي راڳ ۽ ويراڳ ۾ گم ٿيڻ نه
آهي، پر ضرورت وقت ڏاڍ سان جنگ جوٽي مقتل جي سازن تي، تلوارن جي جھنڪار سان سر نچائڻ
به سچي صوفيءَ جو عين مسلڪ آهي.
سنڌ ۾ ٻيا به گھڻا ئي صوفي آهن، پر اڄ اتر جي هڪ صوفي فقير غمدل سائينءَ
جي فڪر، فن، شخصيت، ڪردار ۽ شاعريءَ تي ويچار ونڊڻ جي ڪوشش ڪبي. هن فقير عشق سردار
جي غلاميءَ ۾ پنهنجو وجود وقف ڪيو ۽ سموري زندگي حق جي ڳولها ۾ کيس واٽون وهه ڪري وڻ
وڻ جا واس وٺڻا پيا. هن فقير جيڪي ڪشالا ڪاٽيا آهن، تن جو وچور تمام وسيع ۽ ويڪرو آهي،
جيڪو چند پنن جي سيني تي سمائڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي.
غمدل فقير جو اصل نالو عبدالخالق هو، هو ذات جو دايو هو ۽ سندس والد محترم
جو نالو پير بخش هو، جيڪو انگريزن جي وقت ۾ پوليس عملدار هو. انگريزن جي دور ۾ سرڪاري
ملازمن جو وڏو مان هوندو هو، خاص طور سان پوليس عملدارن کي عوام جي محافظ جي حوالي
سان سٺي حيثيت ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، تنهنڪري جناب پير بخش دايو به پنهنجي
دؤر ۾ وڏي عزت ۽ حيثيت جو مالڪ هو. سرڪاري ملازمت جي حوالي سان به ۽ وري پنهنجي ياريءَ
دوستيءَ ۽ رس رسائيءَ جي حوالي سان به.
غمدل سائين جي فرزند مرحوم فقير لطف علي جي تحقيق موجب فقير سائين جا
وڏا، جد، امجد والد جي حوالي سان نسبت ۾ ’قمبري‘ حضرت مولى علي عليه السلام جن جي غلام
حضرت قمبر جي اولاد ۽ والده ماجده جي حوالي سان ’فضائي‘ امڙ فضه سانئڻ جي اولاد مان
هئا.
توڙي جو پير بخش دايو پوليس جو با اختيار عملدار، وڏي ٺٺ ٺانگر، هلندي
پڄنديءَ ۽ رعب تاب وارو ماڻهو هو، مگر فطري طور سندس طبيعت فقيراڻي هئي، جنهنڪري ’فقير
پوليس عملدار‘ طور مشهور هوندو هو. سندس دروازي تي جيڪو به سائل سوال جي جھولي دراز
ڪري ايندو هو، سو پنهنجي مناسب مراد ضرور ماڻي ويندو هو. جناب پير بخش دائي کي قدرت
جي مهربانيءَ سان سڀ ڪا عطا عام هئي، مال، رزق، عزت، آبرو، يار، دوست، مان ۽ مرتبو،
پر پاڻ نريني اولاد کان وانجهو هو، تنهنڪري سندس طبيعت بي مزي، اداس ۽ غمگينيءَ طرف
مائل هوندي هئي، ڪيترا ئي حيلا ۽ جتن ڪيائين، ٻن شادين جي باوجود سندس مراد جي جھولي
خالي رهي.
آخر هڪ درويش مخدوم محمد صديق جي اشاري سان سيوهاڻي شهباز جي درٻار ۾
پهتو ۽ رياضت سان گڏ وسيلو وٺي، قلندر لعل شهباز جي سهاري سان رب جي درٻار ۾ دعائون
گھرندو رهيو، اتان کيس مرشد لطيف جي درٻار ۾ وڃڻ جي هدايت ملي، جتي ڀٽائي صاحب عالم
نيم خوابيءَ ۾ هڪ فانوس عطا ڪيس، جيڪو وسائل هيو ۽ فقير پير بخش کي چيو ويو ته اهو
ڀور ڀٽ تان ٻري ملندءِ. اولاد جو پياسو پير بخش ڀور ڀٽ (انباهه) ۾ پهتو، جتان کيس گلاب
جي گل جي صورت ۾ امام حسين جي سوءَ ۽ سڪ ۾ گلگون رنگ ۾ رڱيل پٽ جي عنايت ٿيڻ جون مٺيون
مبارڪون مليون. اهڙيءَ طرح ڪشالا ڪاٽي، پيرن
فقيرن جا در ڀيٽي، الله جي درٻار مان ٻچڙي جون واڌايون وٺي، پنهنجي گھر پهتو. پير بخش
کي گھر وارا زندهه ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. ’ديوان گلزار غمدل‘ جي مرتب موجب فقير سائين غمدل
۱8۶۷ع
۾ پني عاقل لڳ ڳوٺ ڪچا چاچڙ ۾ پوليس عملدار پير بخش دائي جي گھر ۾ جنم ورتو، پر روايت
موجب اهو فقيرن جي ٻڌايل اشاري موجب مستن جي نظر ۽ سنڀال هيٺ رهيو. بهرحال هي سلوڪ
جي رستي جو سالڪ، پيار جو پرچارڪ ۽ پريم جي رستي جو پانڌيئڙو ننڍڙي عمر کان ئي سادگي
۽ سلوڪ جي سڪ سان سرشار سيني جو مالڪ هو.
غمدل سائين جي ٻالجتي به انوکي ۽ نرالي نموني گذري، پر جڏهن جواني يگانيءَ
جي سرحد ۾ پير پاتائين، تڏهن عشق سردار جو امر، حضرت عشق جي غلامي مڃي، مجاز جون مهميزون
کائڻ لاءِ سينا سپر ڪري سڄي حياتي يار جي نيڻن جي خمار جو نشو کڻي حقيقي دلبر جي تلاش
۾ شهر بدر نڪري پيو ۽ شهر نگر ۽ هر ڳلي گھٽيءَ ۾ پرينءَ جا پير پڇائيندو رهيو.
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳولهيان ويٺي، منهنجي من جي رانجھن کي....
ماڻهن جي ليکي ته فقير سائين پنهنجي مجازي رانجھن جي لاءِ ٿو رلندو ۽
رڙندو وتي، پر ائين نه هو، شيخ اياز چواڻيءَ ته:
عشق اسان وٽ آرائينءَ جان آيو جھول
ڀري......
سو فقير سائين وٽ به جڏهن مجازي عشق آرائينءَ جان گلن جا جھول ڀري آيو،
تڏهن انهن گلن جي مهڪار مجاز جي منزل کان تمام گھڻي آڳاهين، حقيقت جي طرف اشارو ڪري
چڪي هئي ۽ فقير سائين تمام گھڻو اڳتي وڌي حقيقت جي منزل جي ويجھو پهچي چڪو هو. هاڻي
فقير سائين کي پنهنجي مرشد هادي قلندر شاهه جيلاني، نبي شاهه وڳڻن واري جي تلاش هئي،
جنهن خواب توڙي نيم خوابيءَ جي عالم ۾ فقير کي درشن ڪرائي، سندس دل ڌتاري ورتي هئي
۽ انهيءَ سلطاني صورت کي پسڻ ۽ مک مهتاب ويکڻ لاءِ غمدل سائين غم ۽ گوندر جا خاصا خمار
کڻي سموري سنڌ جون درگاهون ۽ صوفي فقيرن جا آستانا گھميو ۽ سالن جا سال ڪٽي نيٺ صوفي
وريل فقير ابڙي جي اشاري تي نبي شاهه وڳڻن ۾ پنهنجي منزل لوچي لڌي ۽ مرشد جو ديدار
ڪري پنهنجي دل ديوانيءَ کي قرار رسايو. پنهنجي مرشد سائين قلندر شاهه جيلانيءَ لاءِ
فقير غمدل سائين هيئن فرمايو:
عشق لڳا الحمد لله، صدبار تـي شـڪـر
هـزار مـيـان،
مـرشـد مـيڏا وڳـڻـيـن وسـدا،
قـلـنـدر قـربـدار مـيــان،
ڪيـتس قـرب ايـاز والا وچ عـالـم دي
اظـهـار ميان،
’غمدل‘ نال وصال هميشه نينهن ڪيتس
نروار ميان.
نبي شاهه وڳڻ شڪارپور ضلعي جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جيڪو رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي
کان اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. مرشد جي محبت ۽ عقيدت جي ڪري ئي فقير غمدل سائين
پنهنجو آبائي ڳوٺ پنو عاقل ڇڏي رتيديري ۾ اچي آباد ٿيو ۽ باقي سموري زندگي مرشد جي
پاڙي رتيديري ۾ گذاريائين. آخر مرشد جي وفات کانپوءِ فقير سائين سندس مزار تي حاضري
ڀريندو ۽ رياضت ڪندو رهيو.
فقير عبدالخالق ’غمدل‘ سائين ۱۵
مئي ۱۹۷۲ع تي ۱۰۵
ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ سندس وصيت مطابق کيس سندس مرشد
هادي سيد قلندر شاهه جيلانيءَ جي پيرانديءَ ۾ نبي شاهه وڳڻن ۾ دفنايو ويو. سندس ورسي
هر سال ۱۶ اپريل
تي نبي شاهه وڳڻ ۾ ساڳئي درگاهه جي ايوان ۾ ملهائي ويندي آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا