; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ مير محمد ٽالپر - ارباب نيڪ محمد

18 April, 2013

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر - ارباب نيڪ محمد


ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
بي باڪ ڪامريڊ ۽ ”يادگيرين جو سفر“
ارباب نيڪ محمد
’عوامي فليسوف‘ واري اصطلاح جو باني ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. فولاد فقير شر ۽ عليم درس پارن سماج جي ’منفرد معالجن‘ کي موصوف انهيءَ لقب سان ياد ڪندو هو.... انهيءَ پيڙهيءَ جو قد آور ماڻهو ڪالهه مير ڪالوني ٽنڊي ڄام مان هڪ صديءَ واري تاريخ کي سيني ۾ سانڍي وڃي سائينءَ کي پرتو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جون عجيب پر پسڻ واريون اکيون، تجسس سان مالا مال هيون. معاشري جي ڌار ڌار پاسن بابت سندس اک جو ’ريفرنڊم‘ نرالو هوندو هو... علي احمد بروهيءَ ۽ ڪامريڊ جون تحريرون ۽ تقريرون بوريت کي چرچن واري بم گولي سان نيست و نابود ڪري ڇڏينديون هيون. جيتوڻيڪ ’منهن موچارا، منهن ڪارا ماڻهو‘، ’اکين ڏٺو، ڪنين ٻڌو‘ ۽ ’يادگيرين جو سفر‘ سميت سندس اڌ درجن کن ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن، پر هن رهاڻين ۽ ڪچهرين ۾ جيڪي پهاڪا متعارف ڪرايا، ڪو ادريس جتوئي، ڪو عنايت هيسباڻي ۽ ڪو حافظ جهڙو متان ميدان تي نڪري ’فرهنگِ مير‘ جي نالي سان اهڙا ضرب المثل مُرتب ڪري ڌار ڪتاب منظر عام تي آڻي. سندس پهرئين ڪتاب ’منهن موچارا، منهن ڪارا ماڻهو‘ جو مهورت هجي، سائين امداد شاهه کي خاص مهمان طور زحمت ڏنائين، چئي: مون کي اهڙو ماڻهو سجهي ئي نٿو، جيڪو صدارت ڪري... مولانا ابوالڪلام آزاد جو قدِ آدم پورٽريٽ ٺهرائي آيو هو... ائين صدارتي ڪُرسيءَ تي مولانا آزاد کي صوري ۽ معنوي صورت ۾ براجمان ڪري، تقريب کي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي صدر ۽ خوبصورت نثر جي مالڪ ڏانهن منسوب ڪري پنهنجي قلبي تسڪين جو سامان هٿ ڪيائين.
مولانا آزاد سان سندس ارڙهن منٽن واري ملاقات جو جڏهن تذڪرو ڪندو هو ته اکيون نمناڪ ٿي وينديون هيون... سائين جي ايم سيد کيس ڪڏهن به ’ڪامريڊ‘ جي نالي سان ڪو نه سڏيندو هو...’مير صاحب‘ چئي مخاطب ٿيندو هو. ڪامريڊ ۾ آگ طوفان قسم جي ڪاوڙ هجي ۽ اوهان مولانا آزاد، شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني، حاجي احمد ملاح جو واسطو ڏيو، همراهه ائين هرکجي ويندو هو، جيئن ٻارڙو ريوڙين ۽ پتاشن تي راضي ٿئي. هن کي پيپلز پارٽيءَ ۾ صوبائي سيڪريٽري جنرل واري ڪرسي مليل هجي، مير رسول بخش خان ٽالپر جي بنگلي تي ڀٽو شهيد ڪنوينشن کي مخاطب هجي، فخرِ ايشيا ولولا انگيز خطاب ۾ فرمايو پئي ته: ”منهنجي پارٽي غريبن جي پارٽي آهي، آئون جاگيرون ٽوڙي زمين غريبن ۾ ورهائيندس، مون وٽ ڪو به جاگيردار ناهي...“ ڪامريڊ مير محمد اٿي بيٺو.... ”ها سائين! صحيح ٿا فرمايو، مخدوم صاحب، جتوئي صاحب ۽ مير صاحب جيڪي تنهنجي ساڄي کاٻي تشريف فرما آهن، تن وٽ جريب ٻنيءَ جو به ناهي، ڍڳن جو جوڙو به خريد نٿا ڪري سگهن، سڀ جا سڀ مير بندي علي خان جا ’سرڙيا‘ هاري آهن... ميان جا فقير... ائين به ڪا دروغ گوئي ڪبي آهي ڇا!!“ مير علي بخش ٽالپر، خير بخش مري ۽ مينگل صاحب سميت کوڙ سارن همراهن تي بغاوت جو ڪيس ٿيو ۽ ’حيدرآباد ٽريبيونل‘ جي نالي سان جسٽس رياض حسين جي اسپيشل ڪورٽ حيدرآباد ۾ مٿن ڪيس هلائڻ شروع ڪيو ۽ هتان ڪامريڊ مير محمد هميشه هميشه لاءِ پ پ کي داغِ مُفارقت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. نه وڻندڙ ڳالهه تي بروقت احتجاج ته ڪو ’ڪامريڊ‘ کان سکي.
ٿر بر جبل جهاڳي تاريخي ماڳن مڪانن تي سنگِ مرمر جا ڪتبا نصب ڪرائڻ لاءِ مياڻي ۽ دُٻي کان ويندي ٽوڙهي ۽ ٽلٽي پهتو. تتل ڪاڙهي ۾ هڪ لڱان ڪاهوءَ جي دڙي ڏانهن ڪاهي آيو... سائين امداد محمد شاهه گڏ هجي. ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر سيد ممتاز علي شاهه کي رفيقِ سفر بڻائي قافلي کي ڊينگاڻ وٺي ويو. مولوي ولي محمد ڀرڳڙيءَ جي قبي جي احاطي ۾ موجود بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙيءَ ۽ رئيس غلام مصطفى خان ڀرڳڙيءَ جي مزارات کي خوبصورت نقش نگار سان سينگاري تاريخي ڪتبا نصب ڪرائي پوءِ ترت ورڻ جي ڪيائين. پٿوري ۽ غلام نبي شاهه جي وچ ۾ جهرڪياري ديهه موجود آهي، ورهاڱي واري وقت اتي پوکي راهي ۽ رک جون ذميواريون سندس حوالي هيون. سموري خانداني زمين قومي ڪمن تي خرچ ڪري ڇڏيائين. هن وقت چاليهه پنجاهه ايڪڙ زمين باقي بچي آهي.
سٺ واري ڏهي ۾ بي ڊي ميمبريءَ لاءِ فارم داخل ڪرائي وڃي گهر آرامي ٿيو. حاجي خان محمد مڱريو ۽ وڏيرو ورُو پلي آمهان سامهان بيٺل هجن. وروءَ جي ونگار وهندي ڪاردار صاحب خان محمد جو فارم بحال ڪو نه ڪيو. ترڪو فقير ۽ امين فقير خان محمد فقير سميت جهرڪياري پهتا. فقيرن ماجرا بيان ڪئي ۽ پاڻ چيائين: ”فارم ڀرائڻ وقت اليڪشن وڙهڻ جو ارادو ڪو نه هئم.. هاڻ جي سندرا ٿا ٻڌايو ته پوءِ مُڙس ٿي ملهائجو... ميڙو واهه جو مچائينداسين.“ اريگيشن جي فرش موريءَ تي پولنگ هجي. وڏي گڙنگ زميندار خيرن سان ڪامريڊ هٿان هارايو... همراهن ڪامريڊ کي ڪلهن تي کڻي ڏهه ڪلوميٽر پنڌ ڪري اچي ڍوري ناري رسايو. سال ۾ هڪ ڀيرو عليم درس ۽ احمد ملاح جي تربتن کي ڏسڻ لاءِ سفر ڪندو هو... صاڀي جو قبرستان ’مائي صالحان‘ ڏانهن منسوب آهي. اتي عليم درس جي بُٺيءَ تي پڙ ڏسي پريان کان رڙ ڪيائين.... ”ڄمار سڄي پرايا پڙ ساڙي هاڻ پاڻ اوڍيو ويٺو آهين!“ ائين سائي رنگ واري انهيءَ ڪپڙي کي هڪڙي غريب معصوم ٻار جي قميص لاءِ درزيءَ حوالي ڪيائين.
ڪامريڊ وٽ ميونسپل مسافر خاني ميرپورخاص جي اڱڻ ۽ ۲۲-۲۱ نمبر ڪمرن جا فوٽو محفوظ هئا. ۱۹۳۰ع ڌاري سنڌ هاري تحريڪ جو بنياد انهن ماڳن تي پيو هو... هاڻوڪي نگران وڏي وزير جو سڳو ڏاڏو حاتم علوي مالي سهڪاري هو. جمشيد نسروانجي مهتا پارا به سندس سٿ ۾ شامل هئا. مير جي لانڍيءَ کان سڏ پنڌ واگهڙيجيءَ جو ڳوٺ موجود آهي، خميسو ۽ مصري لغاري ڪراچيءَ جي صنعت ڪارن کي گڙنگ زميندارن جو ساهه سوگهو ڪرڻ لاءِ ڪوٺي آيا هئا... شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پارا ترقي پسند ليڊر به سندن رفيق سفر هئا. هيئدي ۾ جنهن مائي بختاور لاشارڻ کي اجل راهه وٺرائي ويئي، ڪامريڊ مير محمد انهيءَ مقدمي جو ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جيان ٻانهن ٻيلي رهيو... تڏهن موصوف نبي سر روڊ ۾ هاري تحريڪ جو ڪُل وقتي ڪارڪن هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي رحلت کانپوءِ هاري تحريڪ کي جنهن ليڊر سنڀاليو، انهيءَ جو نالو مولوي عزيز الله جروار هو. ڪامريڊ مير محمد جو مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي انهيءَ تلميذ رشيد سان انس هو... ڄام صادق کان ويندي حاڪم علي زرداريءَ تائين امير ڪبير به سندس ’گفتگو‘ ٻڌڻ لاءِ ٻاڙيا ويٺا هوندا هئا. جي يو آءِ ۽ جماعت اسلاميءَ جا صوبائي صدر مولانا محمد شاهه امروٽي ۽ مولانا جان محمد عباسي به سندس حلقهءِ احباب ۾ شامل هئا. مولوي معاذ نواب شاهه وارو ۽ مولوي اسماعيل لغاري مسڻ وڏيءَ وارو هجي، سندس واسطا ڪثير الجهتي ۽ گهڻ رُخا هئا. مير آچن مرحوم سندس مائٽ هو. ميرپور خاص واري ’سچائي منزل‘ مير آچن ڪامريڊن کي هاري هلچل لاءِ وقف ڪري ڏني هئي. ڪاوش اخبار جي صفحن تي سندس پهريون ليک ’بلوچستان جا بلوچ، تاريخ جي آئيني ۾...‘ ڇپيو هو. فارسيءَ سان شغف هئس. شيخ سعديءَ جو هي بيت سندس پسنديده بيتن ۾ شامل هوندو هو:
تمتع ز هر گوشهءِ يافتم
ز هر خرمني خوشهءِ يافتم
(اسان هر ڪنڊ پاسي جو واس ورتو، اسان هر قسم جي کري مان داڻا ڪڻا حاصل ڪيا.)





ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي موڪلاڻي.....
حافظ مهراڻ
ڪالهه شام جو عمرڪوٽ جي دوست ارباب نيڪ محمد فون تي اطلاع ڏنو ته، ”ڪامريڊ مير محمد ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو آهي.“ اڃان ارباب صاحب جي اطلاع تي سوچي ئي رهيو هئس ته، ٽنڊي ڄام مان به اطلاع پهتو ته ڪامريڊ ڪَرها ڪاهي اڻ ڏٺي ڏيهه روانو ٿي ويو آهي.
منهنجي ڪامريڊ صاحب سان شناسائي ٻه ڏهاڪا اڳ هيئن ٿي ته، آئون ٽنڊو ڄام ۾ رهندو هئس ۽ صبح سوير ٽنڊي ڄام جي ڦاٽڪ تي اخبار پڙهڻ ايندو هئس. ڪامريڊ صاحب به پنهنجي گهران ڀاڄيءَ  جي لاءِ کجيءَ وارو ٿيلهو کڻي اتي پهچندو هو. اخبارون پڙهي پوءِ ڪامريڊ صاحب تبصرا ڪندو هو ته، يار! ويٺا مزا ڏسو هي جيڪي سياستدان ٽُوهن وانگر ڦُٽي نڪتا آهن، هنن کي ڪهڙي خبر ته سياست ڇا ٿيندي آهي. ڪامريڊ صاحب کي پاڻ پڏائڻ جي عادت نه هئي، نه ئي اهو پسند ڪندو هو ته ماڻهو سندس روبرو ويهي تعريف ڪن. هميشه چوندو هو ته حافظ پٽ! وڏو صِلو ته اهو آهي جو روح خوش ٿئي. ڪامريڊ صاحب هميشه چوندو هو ته، سنڌ جي مٽيءَ ۾ وڏي زرخيزي آهي. سنڌي ٻارن ۾ بي پناهه صلاحيتون آهن. ليڪن سنڌ ۾ پِيرن، مِيرن ۽ وڏيرن جون ظالماڻه ريتون رسمون، عادتون ۽ ڪڌا ڪم سنڌين جي نسلن کي تباهه ڪري رهيا آهن. آئون ٻه ڏهاڪا سندس ايترو ويجهو رهيس پر ڪامريڊ صاحب کي اها خبر نه پئجي سگهي ته آئون پير سائين پاڳاري جو فقير آهيان. آخري ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو ڪامريڊ صاحب جي ٽَنگ ۾ ڌڪ لڳل هو، آئون مهيني ماس ۾ هڪ ٻه دفعا پيو چڪر ڏيڻ ويندو هئس. مون تي ڪامريڊ جي ڊيوٽي هئي ته، مارڪيٽ ۾ ڪو نئون ڪتاب اچي ته ضرور اطلاع ڏيان. مون ٻڌايو ته، پنهنجي شهر جي پروفيسر عمر چنڊ انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو پير سائين پاڳاري جي تحريڪ جي حوالي سان آهي. چيائين لڳي ٿو ته، پيرن جي چڪر ۾ آهين. ائين ڪري چوڻ لڳو ته، نسرين جليل جليبيون پيرن کي ته کارائڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿي ڪري پر مون پوڙهي ڪامريڊ کي ڪو به جليبي کارائڻ لاءِ تيار نه آهي. تون ٿر جو ڏُٿُ ڪنڊين جون سڳريون، چڀڙن سڪل جون ڪاچريون ۽ پيرون ته کارائيندو وڃ. ڪامريڊ صاحب مون سان ڪيتريون ئي ڪچهريون ڪندو هو ۽ مون کي پاڻ سان سفر تي به گڏ وٺي ويندو هو. نواب اڪبر بگٽي، عطاءُ الله مينگل ۽ مير مرتضى ڀٽو کان وٺي سائين جي ايم سيد جي پٽن امير حيدر شاهه ۽ امداد محمد شاهه جون حاضريون به ڏنيون.ڪامريڊ صاحب برصغير جي تاريخ جي هڪ صديءَ جو اکين ڏٺو گواهه هو. مولانا آزاد کي ۱۸ منٽ ڏٺو هيائين ته، ارونا آصف علي کان وٺي اولڊ انڊيا جي وينا شرنگي جڏهن وٽس آئي هئي ته به مون کي گهرايائين. ڊاڪٽر بلوچ صاحب به ڪامريڊ وٽ ايندو ويندو هو. مون هڪ دفعي پڇيو ته، اوهان کي سنڌيءَ جو ليکڪ سڀ کان وڌيڪ ڪير ٿو پسند اچي؟ چيائين: منهنجو يار ڪريم بخش نظاماڻي، جنهن سان منهنجون ڪيتريون ئي بي تڪلفانه حجتون، محبتون، صداقتون ۽ الفتون رهيون آهن. سائين جي ايم سيد کيس هميشه ”مير صاحب“ ڪري سڏ ڪندو هو، ڪڏهن به ڪامريڊ نه سڏيائين. اسان کي ڪامريڊ مير محمد ٽالپر صاحب جون ڏنل محبتون ۽ پيار هميشه ياد رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا