; سنڌي شخصيتون: استاد عبداللطيف مھر - عظيم سنڌي

07 April, 2013

استاد عبداللطيف مھر - عظيم سنڌي


استاد عبداللطيف مھر
”ڏاڍو نينھن پنھل مون سان لايو تو“ ڳائي، مشھوري ماڻيندڙ
عظيم سنڌي
ها! هتي مون وٽ عبداللطيف مهر به ايندو هو. عبداللطيف مهر پهرين پنهنجي راڳ جي شروعات فنڪار يوسف سان گڏ ڪئي ۽ آخر ۾ وڃي سنڌ جي وڏي فنڪار خان صاحب محمد يوسف حيدرآباد واري جو قابل فخر شاگرد بڻيو، عبداللطيف مهر جي ڳائڻ جو انداز مڪمل منفرد، سريلو من موهيندڙ آواز، ڪافي ٻڍل شاهه شڪارپور واري جي ”ڏاڍو نيهن پنهل مون سان لايو تو، لايو توڙ نڀايو تو.“

اهو عبداللطيف منهنجي جاءِ تي ٻه ٻه ڏينهن هفتو ۱۵ ڏينهن به ٿي رهيو. ٽيپ به پئي هلي ڪچهري به ان راڳ تي سر تي، مون وٽ جيڪي نانءِ ڳڻيا فنڪار هو وٺي آيو تن ۾ سهراب فقير به ۳ ڏينهن عبداللطيف سان گڏ رهيو. تر جو محفلون به ڪيائون منهنجي ڪري ۽ منهنجي ڀاءُ عبدالڪبير جي ڪري هن کي راڳ جون دعوتون جام ملنديون هيون. هڪ محفل قاضي فيض محمد سان شام ۾ قاضي فيض محمد جي شاعري جي ڪتاب ماندي ٿي نه مارئي، سر مارئي ۾ ڳائي قاضي فيض محمد کي جهومائي ڇڏيائين. قاضي صاحب جو ڊگهو نظم هيو، جنهن ۾ چار چار شاهه سٽون کڻي وراڻيءَ ۾ قافيو ڏئي مون ۽ عبداللطيف ڪلام ٺاهي ورتو. مون کيس پنهنجو هڪ بيت به ان ڪلام ۾ ڳائڻ لاءِ ڏنو.
کنيئه اچي کوهه تان، سانگئيڙن جو ساهه
توکي شايد ناهه، ڀرم ڪنهن جي ڀيڻ جو
موضوع سان ٺهڪي ايندڙ بيت مٿان بيت چوڻ عبداللطيف جو ڪمال هو. وڃي دنگ ڪندو. چيزل شاهه ۽ رکيل شاهه جي ڪافين تي. پڇاڙيءَ ته گندا واهه وڃي رکيل ۽ چيزل جو مريد ٿي آيو پوءِ ته سڄو رسالو يا دٿي ويس پيو بيت مٿان بيت ٻڌائي. ٻڌڻ جي سگهه گهٽجيو وڃي پر مهر جا بيت کُٽن ئي ڪونه.
عبداللطيف مهر فنڪار ريڊيو ٽي وي تي به آيو. سال ۷۶ ۽ ۷۷ دوران غلام سرور جتوئي ڳالهه ڪئي ته گڏجي وياسون لک عزتون محبتون مليون. مون عبداللطيف مهر کي چيو مون تنهنجي ڀٽ شاهه واري ميلي واري راڳ ۾ ماڻهن کي جهومندي ڏٺو. اهو ڪلام هو لطيف جي ڪلام کان پوءِ مخدوم طالب الموليٰ سائين جو
منهنجو پنهل اٿو ساري ڇپر جو چٽ
جنهن جو ڪونهي ملڪ ۾ ڪو مٽ
ڪنڊياري ۾ شاهه لطيف جي ورسي سگا طرفان منعقد ڪرايل هئي ان ۾ عبداللطيف کي آڻڻ جو ذمو مون کنيو. مونسان وري ايس ايڇ او بوزدار واعدو ڪيو ته عبداللطيف سان گڏ اوهان کي اچڻ وڃڻ تائين سواري ڏبي. هڪ يادگار هاءِ اسڪول ڪنڊياري جي وراندي نما هال ۾ هلڪي هلڪي بونداباندي ۽ وڻندڙ ٿڌڪار ۾ منظور سخيراڻي محفل لٽي ويو. پر هن راڳ کان اڳ ۾ جيڪي لفظ چيا اهي غور طلب هئا. ته ”استاد عبداللطيف مهر خان صاحب فنڪار آهي. مون کي پوءِ استاد عبداللطيف کي پهريون دفعو سامهون راڳ ٻڌڻ جو موقعو ملندو.“
سخيراڻي محفل لٽي ويو استاد بخاري به ان محفل ۾ موجود هو. مون دل ۾ دعا گهري ته عبداللطيف جو خدا خير ڪجان مان کيس وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان وٺي آيو آهيان. محفل ۾ عبداللطيف استاد بخاري جو پراڻو ڪلام الائي ڪٿان کوٽي لڌو.
پنهنجي ديد هجي، مون لاءِ عيد هجي
اهڙي منهنجي ڪٿي تقدير مٺا
تنهنجي محبت آ ڪثير مٺا مونکي
ڄڻ مون کي ملي جاگير مٺا
تنهنجو ملڻ آهي کنڊ کير مٺا
عبداللطيف کي داد جو هڪڙو ئي حوالو ڪافي آهي ته منظور سخيراڻي جهومندو عبداللطيف مٿان گهور گهوري رهيو هو. عبداللطيف لاءِ ڪا جاءِ منهنجي سمجهه مطابق منظور ڪا نه ڇڏي هجي. عبداللطيف الائي ڪڏهن ڳائڻ شروع ڪيو پر بخاريءَ ۽ مون کيس اتي ٻڌو. عبداللطيف ٻهڪي پيو، کيس ڄڻ ته جواني ملي هجي. ايئن پوءِ عبداللطيف کي تمام گهڻي عزت ملندي هئي. ڪڏهن وڃڻ به عبداللطيف سان گڏ پوندو هو. سواري به ڪرڻي پوندي هئي پوءِ ڪم هلندو هو. آخر ۾ آمدني ۽ ڪم ڪار جي سيڙپ سبب عبداللطيف کي مون چيو. اوهان پاڻ وڃو منهنجو ڪجهه احساس ڪندؤ ته وري ٻئي دفعي هلبو، پوءِ عبداللطيف پاڻ اڪيلو به پيو محفلون ڪندو هو.
منهنجي ڀاءُ عبدالڪبير جي شادي تي سڏ ڏنومانس سازيندن سان مڪمل جوڙ کڻي آيو، چئي محمد عظيم! توکي راڳ ٻڌائڻ آيو آهيان. اسٽيج وچ شهر ۾ پنهنجي گهر ڀرسان مصري شاهه جو ميدان وري جو فلم تان ٻئي شو مان خلق نڪتي ته محفل ماڻهن سان ڀرجي وئي. ان محفل ۾ مون وٽ سنڌي فلمن جو هدايتڪار اسماعيل بن واصف به هو. استاد بخاري به هو. هن محفل ۾ وري عبداللطيف استاد جي ٻي سوکڙي کڻي آيو
هتي تو اڪيلو هتي مان اڪيلو
ملي ڪو مچايون مٺا محب ميلو
هتان جو اڏاڻو ڪريو يا ڌڪاڻو
نظر ناظرن جي گليلي گليلو
عبداللطيف مهر جي وفات جي خبر ئي نه آئي. ايئن هي فنڪار گمنامي ۾ هليو ويو. جنهن هن فنڪار تي توجهه نه ڏنو اها وڏي ميار ته قاسم ماڪا تي آهي جنهن به عبدالطيف کي وساري ڇڏيو مان قاسم ماڪا کان معزت سان سوال ڪندس ته فنڪار جي حيثيت سان تو مهر کي ياد ناهي ڪيو مهر جي اهميت اسان کان وسري وئي. ان ڪري ان تي لکڻ ڄڻ عبادت پيو سمجهان. ڇو ته هن فنڪار جو تعارف هن طرح سان ڪرڻ فرض به سمجهان ٿو.
منهنجي اوطاق تي هن سان ملڻ لاءِ جيڪي فنڪار ايندا هئا تن ۾ يوسف پنوهر، جلال چانڊيو، گل شير تيوڻو، علي گل مهر جلال جو استاد، امانت علي ماڙي وارو، غلام ميراسي قاضي احمد وارو وغيره وغيره.
عبداللطيف مهر پهرين راڳ جي تربيت استاد منور شاهه سکر واري کان ورتي، سينگار علي سليم برڪت علي ڀٽ جو والد رسول ڀخش ڀٽ به استاد منور علي شاهه سکر واري جا شاگرد هئا.
جنهن کان پوءِ وڌيڪ راڳ جي سکيا عبداللطيف، استاد منظور علي خان، گلزار علي خان دايو ۽ محمد يوسف کان ورتي.
سنڌ جو مشهور فنڪار جلال چانڊيو هن جي گهڻي عزت ڪندو هو، عبداللطيف مهر جا ريڊيو تي پنجويهه ڪلام رڪارڊ ڪيل آهن، جيڪي سڀ گهڻو مشهور ٿيا. هن ٽي تي پروگرام سنڌ سينگار ۾ به شرڪت ڪئي، هن فنڪار تي صدر ضيا جي دور ۾ ڪيس به ڪيو ويو، جنهن جو سبب محمد کان مجيديءَ جو هيٺيون نظم ڳائڻ هو.
سنڌ امڙ جا دشمن تو سان، هر جاءِ جاري رهندي جنگ،
تو کي سٽي، فٽي، ڪٽي، دودا وٺندا پنهنجو دنگ.
مان سنڌ جي هن سدا بهار پر-وساريل فنڪار کي ياد ڪري گهڻو خوش ٿيو آهيان.


No comments:

راءِ ڏيندا