استاد
عبداللطيف مھر
”ڏاڍو
نينھن پنھل مون سان لايو تو“ ڳائي، مشھوري ماڻيندڙ
عظيم سنڌي
ها! هتي مون وٽ عبداللطيف مهر به ايندو هو. عبداللطيف مهر پهرين پنهنجي
راڳ جي شروعات فنڪار يوسف سان گڏ ڪئي ۽ آخر ۾ وڃي سنڌ جي وڏي فنڪار خان صاحب محمد يوسف
حيدرآباد واري جو قابل فخر شاگرد بڻيو، عبداللطيف مهر جي ڳائڻ جو انداز مڪمل منفرد،
سريلو من موهيندڙ آواز، ڪافي ٻڍل شاهه شڪارپور واري جي ”ڏاڍو نيهن پنهل مون سان لايو
تو، لايو توڙ نڀايو تو.“
