; سنڌي شخصيتون: انور سولنگي - عيساڻي ميمڻ

05 April, 2013

انور سولنگي - عيساڻي ميمڻ


انور سولنگي
ليجنڊ اداڪار
رفيق عيساڻي ميمڻ/ حيدرآباد
سنڌ جي سونهاري سر زمين سدائين اهڙن انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي علم، ڏاهپ ۽ فن جي بدولت پنهنجو ۽ پنهنجي وطن جو نالو روشن ڪيو آهي. اهڙن ئي انمول ۽ باصلاحيت انسانن ۾ هڪ نالو مرحوم انور سولنگيءَ جو آهي.
ناليواري اداڪار، انور سولنگيءَ پنهنجي فني زندگيءَ جي شروعات، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ۱۹۷۳ع ۾ ڪئي. هن ريڊيو حيدرآباد تان ڪمپيئرنگ کان شروعات ڪئي. ريڊيو جي ڪافي پروگرامن ۾ ميزباني به ڪيائين. ان کانپوءِ ريڊيو ڊرامن ۾ اداڪاري ڪيائين. اهڙيءَ طرح مرحوم انور سولنگي ريڊيو حيدرآباد تي لاتعداد سنڌي ۽ اردو ڊراما ڪيا، جنهن ڪري کيس سڄيءَ سنڌ ۾ تمام گهڻي مشهوري ملي. پوءِ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نوڪري به ملي. اڳتي هلي جنرل ضياءَ، کيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شيدائي هجڻ جي ڏوهه ۾، نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.

ان کانپوءِ انور سولنگي پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا. هن پي ٽي وي تان سوين سنڌي ۽ اردو ڊراما، جنهن ۾؛ راڻي جي ڪهاڻي، ديوارين، ڄار، جنگل، هوائين، بدنصيب ٿري، خانصاب، آڏي پڇا، ڇوٽي سي دنيا، پاتال، ڪشمڪش، اعتماد شامل آهن.
مرحوم انور سولنگي ڊرامي جي دنيا ۾ پنهنجي فني حيثيت مڃرائي ڪيترا ئي ايوارڊ حاصل ڪيا. هن جي اداڪاري اهڙي شاندار هوندي هئي، جو هو هر ڪردار جي گهرائيءَ ۾ هليو ويندو هو. هن پنهنجي سڄي زندگي فن کي ارپي ڇڏي. اداڪاريءَ کانسواءِ انور سولنگي هڪ اديب ۽ ڪهاڻيڪار پڻ هو. هن جو هڪ ڪتاب وٽيون ويهه گاڏڙيون پڻ ڇپيل آهي. هن ڪيترين ڪهاڻين کي ڊرامائي تشڪيل پڻ ڏني ۽ ڊراما لکيا.
پاڻ لطيف سرڪار جو عاشق هجڻ سان گڏ، لطيف سائينءَ جو وڏو پارکو پڻ هو.
هو گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. جنهن جي ڪري کيس سنڌ جو عوام ڪڏهن به وساري نٿو سگهي.
سال ۸۰ع واري ڏهاڪي ۾، سنڌي فلمن جو وڏو دور هو. جنهن ڪري سئنيما گهرن تي وڏي رش هوندي هئي. پاڻ ان وقت ڪافي فلمن ۾ اهم ڪردار پڻ ادا ڪيا.
مرحوم انور سولنگي ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج تي اداڪاري ڪرڻ سان گڏ، سنڌي چئنلز تي هدايتڪاري پڻ ڪئي. هن زندگيءَ جا ۴۰ سال فن کي ارپيا.
مرحوم انور سولنگي جي پونئيرن ۾ ستن سالن جو معصوم محمد طلحه ۽ هڪ نياڻي آهي.
سنڌ جو هي مهان اداڪار جنهن پي ٽي وي سميت، ٻين نجي ٽي وي چئنلز تي ايترو شاندار ۽ تاريخي ڪم ڪيو، جو سڄي ملڪ جو عوام کيس هر ڪردار ۾ پسند ڪندو هو. اڄ هو اسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس ادا ڪيل مختلف ڪردار اسا جي دلين تي نقش ٿيل آهن. جنهن ڪري اسان کيس ڪڏهن به وساري نٿا سگهون. هونئن به سُڄاڻ قومون هميشه پنهنجي فنڪارن، شاعرن ۽ اديبن کي ياد رکنديون آهن.


No comments:

راءِ ڏيندا