ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
سچ چوڻ جي سگهه رکندڙ
شخص
مٺل جسڪاڻي
اهو ۱۹۸۱ – ۱۹۸۰
جو زمانو هو. ورڪ شاپ بس اسٽاپ
ٽنڊوڄام تي مرحوم منظور لاشاري جي اخبار واري اسٽال تي بيهي، ٻه ٽي اخبارون اٿلائي،
ڪا هڪ وٺندو هئس. صبح سوير جنهن به ڏينهن ويندو هئس، ان ڏينهن کجيءَ مان ٺهيل ڇٻيءَ
هٿ ۾، اکين تي چشمو پهريل، کل مُک ماڻهو ايندو هو، اخبار وٺي هليو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن
ساڻس ڪو مخاطب ٿيندو هو، ته پهرين اُن کي چتائي ڏسي، پوءِ ان حساب سان جواب ڏيندو هو.
جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ٻڌندڙ کلڻ تي مجبور ٿي پوندا هئا. مون کي پهريون ڀيرو منظور لاشاري
ٻڌائڻ بدران پڇيو هو ”سڃاڻينس؟ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر اٿئي.“
منظور لاشاري جي اسٽال کانسواءِ جتي ڪامريڊ کي اڪثر ڏسندو هئس، اهو جمن
شاهه جو پاساريءَ وارو دڪان هوندو هو. جتي ڪامريڊ ڪجهه گهڙيون ويهي، ڪڏهن ڪنهن سان
ڪچهري، ڪڏهن اخبار يا وري ڪڏهن ڪتاب پڙهندي نظر ايندو هو.
اسان ساڳئي شهر جا رهواسي هجڻ ناتي، ڪٿي نه ڪٿي هڪ ٻئي کي ڏسندا هئاسين،
ڪو هڪ ٻه ڀيرو ساڳئين ڪچهري ۾ به ويٺاسين، ڪنهن مرڻي پرڻي به گڏياسين، پر ڪڏهن به مون
ساڻس تعارف نه ڪرايو، اسان پاڻ ۾ سڌو نه ڳالهايو، پر ڪچهري ٻڌڻ جو موقعو به مون نه
وڃايو.
منهنجو تعارف نه ڪرائڻ، ساڻس نه ڳالهائڻ پٺيان، سندس واجب احترام هوندو
هو. ڇاڪاڻ ته مون وڏن کي عزت ڏيڻ جو سبق ورتو، پرايو آهي. جڏهن ته ڪامريڊ مير محمد
ٽالپر خوش طبيعت هجڻ ڪري، ساڻس مخاطب ٿيندڙ اڪثر عام ماڻهن جو رويو، مون کي طنز ۽ مزاح،
کل ڀوڳ وارو، اجايو وڌيڪ لڳندو هو، جيڪو ڪامريڊ سان سٺو ورتاءُ نه سمجهندو هئس، پر
ڪامريڊ ڪو رواجي، روايتي، اڌ پڙهيو ڪامريڊ نه هو، تنهن ڪري سندس طبيعت تي ڪو به منفي
اثر، مون کي ڪڏهن به نظر نه آيو!...
عام زندگيءَ ۾ هو خوددار شخص هو، بردبار هو. پوليس ورديءَ وارو کيس نه
وڻندو هو. عام ماڻهو سرڪاري عملدارن آڏو ڪڇندا ئي نه آهن، پر ڪامريڊ کي ڪنهن کان به
مون ڊڄندي نه ڏٺو! هڪ ٻن چڱن موچارن عملدارن کي سڌيون ٻڌائيندي ڏٺم ۽ سندس ٻولي ٻڌم.
جيڪا ڪامريڊ جي پهرئين ڪتاب ”اڇا منهن ڪارا منهن“ واري ٻولي کان به وڌيڪ آزاد ٻولي
هئي.
ڪامريڊ ڪچهرين جو ڪوڏيو هوندو هو، پر پهرين شايد نه لکندو، يا تمام ٿورو
لکندو هو، البت سندس پهريون ڪتاب منظر تي آڻيندڙ سيد ارشاد شاهه ۽ ان جي سنگت ڪامريڊ
کي لکڻ لاءِ منٿون ڪيون. جڏهن لکڻ شروع ڪيائين ته اخبارن ۾ مضمون ۽ ڪالم ته پڙهڻ لاءِ
مليا، پر هڪ پٺيان ٻيون، ٽيون، چوٿون، ائين ڪي ۷
ڪتاب ڇپجي ويا. سندس ڪو هڪ
به ڪتاب مون وٽ نه آهي، نه ڏوڪڙن سان ورتو هئم! جڏهن ته پڙهي به ڪي چند ڪتاب سگهيس
۽ ڪجهه مضمون ۽ ڪالم، ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي اخبار ۾ پڙهيم.
ڪامريڊ سندس فرزندن مير مظفرعلي ٽالپر ۽ مير غلام رسول ٽالپر جي شادي
بعد وليمي جي دعوت ڪئي. آئون اهڙي پهرين ۽ آخري دعوت ۾ شريڪ ٿيو هئس، جنهن ۾ مهمان آيا، ڪچهريون ٿيون،
ڍءُ تي کاڌو پيتو، پر پوئو ڪنهن به نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته ڪامريد اڳواٽ چئي ڇڏيو هو، ته
بنا پوئي شاديءَ جي دعوت آهي! هاڻي اوهان اندازو لڳايو ته ڪامريڊ ڪيترو غير روايتي
شخص هو!
مون وٽ اهڙا ڪيترا ئي مثال آهن، جن جي مدد سان ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
کي سچ چوڻ ۽ ٻُڌڻ جي سگهه رکندڙ شخص، چوڻ ۽ مڃڻ کان رهي نه ٿو سگهان. ان حوالي سان
وڌيڪ تفصيل به آئون ڇو لکان؟ اها ته گهڻن کي خبر آهي، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ سان ملڻ، ڪچهريون
ڪرڻ، ڪامريڊ جون لکڻيون، اخبارن توڙي ڪتابن ۾ پڙهڻ تي ڪو ضابطو نه رهيو، تنهن ڪري هر
ڪو واقف به آهي، ته ساڳيون ڳالهيون، ساڳيا حوالا ڇو دهرايان!؟
پروفيسر نذير احمد سومرو ”اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو“ جو تنقيدي جائزو لکندي، لکي
ٿو ته ”گذريل ويهين صديءَ جي آخري ۲۰
سالن واري عرصي ۾، ڪامريڊ
مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتابن ۾ ڇرڪائيندڙ ڳالهين لکڻ ڪري گهڻو مشهور ٿيو. ”اکين ڏٺو،
ڪنن ٻڌو“ سندس پنجون نمبر ڪتاب آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان جنوري ۲۰۰۴ع ۾ شايع ٿي پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهتو آهي. ڪتاب جي آخري
صفحي تي، سنڌ جي هڪ مانائتي اديب، مرحوم علي احمد بروهي طرفان ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
جي ڪتاب ”يادگيرين جو سفر“ بابت راءِ ”اڃا ڪي آهين جوڳي سندي جوءِ ۾“ جي نالي سان لکيل
آهي، جنهن ۾ مرحوم علي احمد بروهي لکي ٿو: ”هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشهور ۽ معروف اديب رئيس
ڪريم بخش نظاماڻي جي منفرد تصنيف ”ڪيئي ڪتاب“ جي طرز تي لکيل پنهنجي نوعيت جو ”انوکو“
ڪتاب آهي. اميد آهي ته پارکن کي پسند پوندو.“ ”وسريل واٽن جا مُسافر“ عنوان سان حافظ
مهراڻ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ”اهي ڏينهن به هئا جو ليڊرن کي منهن تي ئي سَت سُريون
ٻڌائيون ننڍي کنڊ جي هڪ سئو ساله تاريخ جو اکين ڏٺو شاهد ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جيڪو
مولانا ابوالڪلام آزاد سان به ملي چڪو آهي ته اَرونا آصف علي کان وٺي ذوالفقار علي
ڀٽو جو ساٿي رهيو آهي“.
سچ چوڻ ۽ ٻُڌڻ جي سگهه رکندڙ شخصيت ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي حوالي سان
اربع ۱۷ اپريل
۲۰۱۳ع وارين اڪثر سنڌي اخبارن ۾ اوهان پڙهيو هوندو ته
”ناميارو سياستدان، شهيد ڀٽي جو ويجهو ساٿي پ پ پ سنڌ جو پهريون جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ
مير محمد خان ٽالپور ۸۸ سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، خبر موجب پ پ پ جو بنيادي
ميمبر، شهيد ڀٽي جو ويجهو ساٿي، پ پ پ جو پهريون جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ مير محمد خان
ٽالپور ۸۸-سالن جي عمر ۾ ڪجهه عرصو عليل رهڻ بعد دم ڌڻي حوالي
ڪيو، ڪامريڊ مير محمد خان ٽالپور ۱۹۲۵ع
۾ پيدا ٿيو، هن سياست جي شروعات خاڪسار تحريڪ ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کان ڪئي، هو سائين
جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي جو سياسي همسفر رهيو، جڏهن ته بعد ۾ هن شهيد ذوالفقار علي
ڀٽو سان گڏ پ پ پ جي باني ميمبرن ۾ هو، هو پ پ پ سنڌ جو پهريون جنرل سيڪريٽري هو، ڪامريڊ
مير محمد خان مزاجن قومپرست هو، هن ڪافي قومي ڪم ڪيا، سائين جي ايم سيد جي سالگرهه
۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ٺوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي يادگار جوڙائڻ سميت ڪيترائي قومي ڪم
سرانجام ڏنا، هن ۷-کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، جنهن ۾ اڇا منهن، ڪارا منهن وڌيڪ
شهرت ماڻي. هن پنهنجي زرعي زمين ۾ باغ لطيف ۾ پاڻ کي مٽيءَ ماءَ حوالي ڪرڻ جي وصيت
ڪئي هئي، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي وڏي تعداد ۾ سندس مٽ مائٽ ۽ يونيورسٽي جا پروفيسر سندس
گهر پهتا.“
ٽالپر ڳوٺ ٽنڊوڄام جو رهواسي، سچ چوڻ ۽ ٻُڌڻ جي سگهه رکندڙ شخص ڪامريڊ
مير محمد ٽالپر، سندس ڳوٺ کان ”کٽياڻ اسٽيشن“ واري روڊ سان، سڏ پنڌ تي ”باغِ لطيف“
۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي آهي، جتي هو هاڻي ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو!...
No comments:
راءِ ڏيندا