ڪرشن
راھي
شخص
۽ شاعر
رکيل مورائي
ڪرشن راهيءَ سان منهنجي پهرئين ملاقات ۱۴-آڪٽوبر ۲۰۰۱ع تي ٿي هئي پر سندس
پهريون شاعراڻو ڪتاب ”ڪماچ“ ياد نه اٿم ته ڪيترا سال اڳ مون تائين پهتو هئو. ۽ پوءِ
ستت سندس ٻيو شاعراڻو ڪتاب ”وسڻ سندس ويس“ آيو هئو جيڪو پاڻ مون کي سيتا سنڌو ڀون ممبئيءَ
۾ ٿيل ملاقات ۾ هي اکر لکي ڏنو هئائين: ”پنهنجي دوست رکيل مورائي لاءِ“.
اڄ جڏهن مان هي ڪجهه سٽون لکي رهيو آهيان ته محسوس تي رهيو آهي ته ڪرشن
راهيءَ سان صديون اڳ ٿيل اها دوستي ڇهين اپريل تي ان وقت پچاڻيءَ تي پهتي، جنهن وقت
هن پنهنجي جنم ڀومي لاڙڪاڻي کان هزارين ميل ڏور مها نگري ممبئيءَ ۾ آخري هڏڪي ڀري،
پنهنجي ماءُ کي الوداع چيو هئو!
۽ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ منهنجي دوست تاج جويي فون تي ٻڌايو هئو: ”رکيل!
ڪرشن راهي اڄ اسان کان جدا ٿي ويو.“
۽ کن ۾ منهنجي اکين اڳيان سيتا سنڌو ڀون ممبئيءَ ۾ ٿيل ساڻس پهرئين
ملاقات وارو منظر تري آيو هئو.
ان ڏينهن شري ٺاڪر چاولا سيتا سنڌو ڀون ۾ اسان جو آجياڻو رکيو هئو، جنهن
سان گڏ هڪ مشاعرو به رکيل هئو، هال ۾ ماڻهو ايندا ٿي رهيا ۽ منهنجي سامهون ڊگهي قد
ڪڻڪائي رنگ واري چهري سان سفاري سوٽ ۾ڪرشن راهي بيٺو هئو. ساڻس گڏ سندس وني سنڌي ڪهاڻيڪاره
۽ شاعره مايا راهي به هئي. مون وڌي کيس ڀاڪر پاتو ته هن منهنجي ٻنهي ٻانهن کي پنهنجي
هٿن ۾ جهلي، منهنجي منهن ۾ گهوري نهاريو. مون محسوس ڪيو ته هن جي گهور منهنجي جسم مان
پار ٿيندي ٿي وئي، هو ڪجهه پل ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويو، سندس ڀرسان بيٺل دادي مايا اسان
ٻنهي ڏانهن عجب مان ڏسي رهي هئي. پوءِ هن مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هئو ۽ پڇيو
هئائين: ”رکيل پاڻ اڳ ۾ مليا ته نه آهيون!“
۽ منهنجي زبان مان بيساخته
نڪتو هئو:” اسين ته صدين کان هڪ ٻئي سان ملندا رهيا آهيون، فقط هڪ ٻئي سان تعارف
نه ڪرايو اٿئون.“
هن پڇيو هئو: ” تون مون کي سڃاتو ڪيئن؟“
۽ مون چيو هئو: ” مون اوهان جا ٻئي شاعريءَ جا ڪتاب پڙهيا آهن ! پر
سچ اهو آهي ته مان اوهان کي نه پڙهان ها تڏهن به سڃاڻان ضرور ها، ڇو ته هند توڙي سنڌ
۾ ڪرشن ته گهڻا ئي هوندا، پر ڪرشن راهي فقط هڪ آهي ۽ اهو منهنجي سامهون آهي جيڪو ڪٿي
به سڃاڻي سگهجي ٿو .“
مون هن جي ڀاڪر ۾ جيڪا پنهنجائي محسوس ڪئي هئي، اها اڄ به ياد اٿم.
هن کي اسٽيج تي ڳالهائيندي ۽ شعر پڙهندي نه ڏٺو هوم، هو نج شاعر هو، ان
۾ ٻه رايا ٿي ڪو نه سگهندا، جيتوڻيڪ هو هند ۾ ترقي پسند سوچ سان واڳيل رهيو، جنهن جو
احساس سندس ڳالهائڻ مان محسوس ٿيندو هئو، ته سندس شاعريءَ مان به.
مون سنڌ مان آندل ڪوئي شاعريءَ
جو ڪتاب کيس ڏنو هئو ته ڏاڍو خوش ٿيو هئو. ڳاڙهي گول تلڪ لڳل شاعراڻين اکين واري دادي
مايا راهي ساڻس ائين گڏ گڏ هئي، جيئن سنڌ ۾ امداد سان سحر گڏ گڏ هوندي آهي.
ٽن سالن کان پوءِ هو ڪراچي آيو، پنهنجي مايا سان گڏ، ڪيتريون ئي ڪچهريون
ڪيوسين، جيڪي اڄ ماضيءِ جو حصو بڻجي ويون آهن. ڪالهه جيڪي هو اڄ ڪونهي. اڄ اسان وٽ
ڪرشن راهي ڪونهي، پر سندس شاعري آهي. ڄمڻ آهي ئي ان لاءِ ته مرڻو آهي، ڪرشن راهيءَ
جي لفظن ۾ :
انسان ڄمي ٿو ته کلن ٿا ماڻهو،
انسان مري ٿو ته روئن ٿا ماڻهو،
تڪليف مرڻ ۾ ته جيئڻ ۾ ڀي آ،
پوءِ ڇا تي روئن، ڇا تي کلن ٿا ماڻهو.
اهو به سچ آهي، ته جيئن سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف سياسي/ قومي جنگ اسان جي اديبن
شاعرن سائين جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويي ۽ شيخ اياز جي اڳواڻيءَ ۾ ادبي محاذ تي
وڙهي، ساڳيءَ طرح هند ۾ سنڌيت جي جنگ گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ اي جي اتم جي اڳواڻيءَ
۾ ادبي ميدان تي وڙهي وئي آهي، جنهن جنگ ۾ هڪ جرنيل طور ڪرشن راهي به رهيو، پنهنجي
زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين. ۽ شاعر ڪرشن راهي ۲۰۰۴ع ۾ پنهنجي شاعرا، ڪهاڻيڪاره ونيءَ
سان گڏ سنڌ اچي ڇا محسوس ڪيو، ان کان اسين اڻ ڄاڻ رهجي وياسين. جو هو ان سفر کان پوءِ
محسوسات اسان سان شيئر ڪرڻ کان اڳ ئي هليو ويو. هن سنڌ ۾ پڇيل انهن سوالن جا جواب ڪئين
ڏنا هوندا، جيڪي هن کان سندس رچيل شعر:
ڌارين وانگيان جڏهين، سنڌ وڃي ڏسندا،
ماڻهو ائين چوندا، سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ.
بابت پڇيا ويا هوندا، جيڪو شعر هن تڏهن لکيو هئو جڏهن هو شاعر کان وڌيڪ
نظرياتي ماڻهو هئو.
تخليقي حوالي طور سندس ڪتاب ”وسڻ سندا ويس“ مون کي گهڻو اهم لڳندو آهي،
جو ان ۾ ڪرشن راهي نج تخليڪار طور وڌيڪ اڀري بيٺو آهي.
ڪرشن راهي پنهنجي شعور جي اسرڻ واريءَ عمر ۾ سنڌ ڇڏي هئي، جنهن ڪري شايد
سندس شعور/لاشعور ۾ اهي سنڌ ڇڏڻ وارا عڪس آخر تائين موجود رهيا، اهو ئي احساس هو، جنهن
اڳتي هلي کانئس لکرايو :
وطن تان جان گهوري، ته به ٿوري،
سنڌين جان نه گهوري، وطن گهوري آئيا.
توڙي جو اهو احساس سندس پوئين شعري ڪتاب ”وسڻ سندا ويس“ ۾ به آهي، پر
مڪمل شعر ۾ آهي، جنهن ڪري ان جي دائمي حيثيت آهي. مثال طور:
سڻي وٺ تون هن ساز جا ڀي ته سڏڪا،
بچيون جنهن جون آهن ڀڳل تارون تارون.
يا
ڪڏهن آرزوءَ ۾ ڪڏهن جستجوءَ ۾،
حياتي هئي پنڌ ئي پنڌ ئي سارا.
۽ اهڙي احساس پويان ڪرشن راهيءَ جو اهو شعور هئو، اها ڄاڻ هئي ته هو
ان سڀيتا جو وارث آهي، جنهن تي انسان ذات فخرڪري سگهي ٿي ۽ اڄ اها ڪهڙيءَ حالت ۾ آهي.
هيءَ کنڊ هري سڀيتا،
ويرانيءَ جي وسنئن،
برباديءَ جي آبادي.
۽ اسين جيڪي ڪرشن راهيءَ جي وارثيءَ جي دعويٰ ڪندڙ آهيون، اڄ جي کنڊ
هري سڀيتا جا به وارث آهيون، اهي اهو ڪيئن وساري ويٺا آهيون ته هزار سال گذرڻ کان پوءِ
اها اسان وساري ڇڏينداسين ۽ اسان کي اها مٽي ڇڪ نه ڪندي، جنهن ۾ اسان جي ڪيترين ئي
پيڙهين جا هڏا پوريل آهن.
اڄ جو هند ۾ رهندڙ سنڌي نوجوان ڀلي اڄ جي زندگيءَ کي ماڻي، پر هو پنهنجي
گذريل نسل جي ڀوڳنائن کي نه وساري، جيڪا ڀوڳنا ڪرشن راهيءَ جي شعرن ۾ آهي.
مان ڀانيان ٿو ته شاعري فقط ئي فقط احساسن جي اظهار جو نالو آهي پوءِ
اهو ماڻيل هجي يا ڀوڳيل، ڪرشن انهي ٻنهي صورتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ نهايت جاندار نموني
اظهاريو آهي، اهڙي طرح جهڙيءَ طرح ڪو به اعليٰ تخليقڪار پنهنجي تخليق ۾ پاڻ کي اظهاريندو
آهي. حوالي ۾ سندس نظم ”اجنبي“ پڙهي سگهجي ٿو:
مان هن شهر ۾ نئون ناهيان،
پوءِ به اجنبي آهيان.
اها شناسائيءَ واري اجنبيت به عجيب آهي ۽ هر نج تخليقڪار ائين ئي زندگيءَ
کي جيئندو آهي، يا وري هئين جيئندو آهي :
قيد خانو عمر جو، ۽ زندگي زنجير جي،
قيدي هڪڙي قيد ۾، ٻيو قيد پائيندا رهيا.
مان جڏهن ”نج“ لفظ ڪرشن راهيءَ لاءِ استعمال ڪريان ٿو ته، ڄڻ هن کي شخص
توڙي شاعر طور ٻنهي صورتن ۾ نج قبوليان ٿو ۽ مون کي منهنجي ننڍڙي ڄاڻ ٻڌائي ٿي ته هر
نج فنڪار/ تخليقڪار، سماج جي مروج قدرن جي سانچي ۾ ٺهڪي نه سگهندو آهي.
ڇا اهو سبب ڪافي نه آهي ته ڪرشن راهي هن سماج جي قيد مان تڪڙو ئي پاڻ
کي آزاد ڪرائي ورتو هجي. جنهن سماج/ماحول ۾ سندس چواڻي ماڻهو پاڻ کان به اوپرو، ان
سماج/ ماحول ۾ جيئڻ کي به ڪا معنيٰ آهي ڇا؟
ڪهڙو ٻئي کي سو ڏس ڏئي سگهندو،
جنهن کي پنهنجو نه آ پتو ڪوئي.
يا
حال ههڙو ٿو ڪري ڪوئي جنون،
پنهنجي مرضيءَ سان ڪو ديوانو نه هو.
تخليقڪار جي دل سان ڪرشن راهيءَ جيڪو ڀوڳيو يا ماڻيو، ان جو اظهار هن
پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو ۽ خوبصورت نموني ڪيو آهي. مان ڪجهه شعر ڏيڻ چاهيندس:
ناءُ منهنجي ڪا ائين ناهي ٻڏي،
هٿ اوهان جو ڀي آ ان ۾ ساحلو.
ــــــــــــــــــ
هيءُ زندگيءَ ۾ موت جو ناٽڪ عجيب هو،
ويٺا ها ناظرين، اداڪار ٿي اٿيا.
ـــــــــــــــــــــ
هيءُ ووٽ منهنجو آهي،
ائين
منهنجو نالو
جنهن جو فائدو
مان نه، پر ڪو ٻيو وٺي.
۽ جڏهن مون سندس هيءُ شعر پڙهيو
هئو ته وٺجي ويو هوس، ڇو ته هن ۾ هڪ نئون اظهار هئو ، سنڌي شاعريءَ جي مروج
لهجي جي بنهه ابتڙ. اڄ جي غزل ۾ هيءُ اظهار گهڻو اچي چڪو آهي پر ڪرشن راهيءَ جو هيءُ
غزل آڳاٽو آهي :
تون آئين ته ڌڙڪڻ لڳيون هيون اکيون،
وئين تون ته دل مان ها ڳوڙها ڳڙيا.
ڇا به هجي،اسان جي هن مهان ڪويءَ جا املهه ڪتاب اسان وٽ آهن ۽ جيستائين
سنڌي آهن، سنڌ آهي، سنڌي ٻولي آهي، تيستائين هو شاعر جي حيثيت سان زنده رهندو ۽ جيستائين
منهنجي دل سلامت آهي، منهنجو دماغ سلامت آهي، منهنجون اکيون سلامت آهن، تيستائين هو
شخص طور منهنجي دل، منهنجي دماغ ۽ منهنجي اکين ۾ سلامت رهندو.
(ڇهه اپريل ڪرشن راهيءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي)
No comments:
راءِ ڏيندا