; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ - عطا الرحمان سمون

17 April, 2013

ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ - عطا الرحمان سمون


ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ
پي ايس ۱۹نوشهرو فيروز جي آزاد اميدوار سان ڳالھه ٻولھه
انٽرويو: عطا الرحمان سمون
زندگيءَ جي خوبصورت ڏينهن ۾ ڌرتيءَ جي نيڪ ۽ حلالي پٽ ڊاڪٽر عبدالقديرميمڻ ۱۰ مارچ ۱۹۶۵ ۾ تعليم يافته خليفه ميمڻ خاندان ۾ استاد عبدالستار ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم خليفه غلام شبير، هائير سيڪنڊري تعليم تواريخي گورنمينٽ مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز، انٽر گورنمينٽ مهراڻ ڪاليج مورو۽ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل هيلٿ سائنس يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. سندس سياسي اک ۽ سياسي شعوري ايم آرڊي (جمهوريت جي بحاليءَ واري جدوجهد) آگسٽ ۱۹۸۳ ۾ جنم ورتو، جتي ضيائي آمريت جي خلاف ٿيل جدوجھد کي گولين ۽ پر امن ماڻهن کي شهادت نوش ڪرائي جدوجهد کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هتي ڊاڪٽر صاحب پنهنجن سينئر ساٿين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جيل ڀريو تحريڪ کي ايترو ته منظم ڪيو جو حڪومت جا جيل ڀرجي ويا ۽ حڪومت گرفتارين وٺڻ کان انڪاري ٿي وئي. وري ۱۹۸۶ ۾ ٻيهر شروع ٿيل ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ايئن اها سياسي جدوجهد ۽ عوامي ڀلائي جون ڪوششون ڊاڪٽر صاحب جون هر مصيبت کي منهن ڏئي سچائي ايمانداريءَ سان ان کي اڳتي کڻي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪندو رهڻ ۾ پرسڪون هوندو آهي، ۲۰۰۵ع ۾ عوام دوست پينل طرفان تعلقي نوشهرو فيروز ۾ واحد اڪيلو يونين نائب ناظم چونڊجي آيو جنهن پورا چار سال اڪيلي حزب اختلاف ۾ رهندي ماڻهن کي هينڊ پمپ (نلڪا) سلائي مشينون، روڊ رستا، صفائي ۽ بهتريءَ سان گڏ تعليم ۽ غريب شاگردن کي اسڪالرشپس ڏيارڻ کان علاوه گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جي ۱۴ ايڪڙن واري راندين جي ميدان تي مشرف دور جي ساٿارين جي ڪيل قبضي کي ختم ڪرائڻ لاءِ رات ڏينهن جي ڪوششن کي ساراهڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب طاقتور ڌرين سان اکيون اکين ۾ ملائي اهو قبضو ختم ڪرائي ۵ ڪروڙ روپين جو اسپورٽس ڪملپيڪس منظور ڪرايو جنهن جو ڪم هلي رهيو آهي، ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي ترقي ۽ خوبصورتيءَ لاءِ هيءُ واحد ماڻهو آهي جيڪو رات ڏينهن جدوجھد ڪري ٿو ۽ ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ تڙپندو رهي ٿو، نيڪي جي ڪمن ۾ مدد ڪرڻ، ضرورت مند ۽ بي سهارا ماڻهن جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ ڄڻ ته سندس پيشو آهي، پروفيشنل ڊاڪٽر هئڻ سان گڏو گڏ سياسي سماجي ميدان ۾ نوجوانن سان راندين ۽ تفريح جي ميدانن ۾ هميشه انهن سان گڏ رهندڙ ادب دوست ۽ سنڌ دوست هيءُ نوجوان جڏهن به ڪنهن نيڪ عوامي مقصد لاءِ اٿيو ته ان جي حاصلات ۽ بهتري حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪڏهن به هڪ گھڙي به آرام نه ڪيو.

جڏهن هتي ٽن سالن کان ضلعي جي مسڪين ماڻهن سان وزير اعلي سنڌ جي هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام ۾ ڪروڙين روپين جي گھوٻين جي ڪري  هن ضلعي جي هزارين معصوم  ماڻهن کي ڪوڙين پي سي آر رپورٽن آڌار تي موت جي ننڊ سمهاريو پيو وڃي ته ضلعي ۾ هيءَ واحد ڊاڪٽر ۽ سياسي اڳواڻ هيو جنهن انهن ظالمن کي ڪيفر ڪردار تي پهچائڻ ۽ انهن کي ظاهر ڪرڻ جو عزم ڪيو ۽ انهن مجرمن کي بي نقاب ڪيو جيڪي اڄ ڪورٽن جي رحم وڪرم تي ضمانتن تي آزاد آهن. اهڙن بااثر ظالمن جي ڌمڪين کان بي خوف ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ نوشهرو فيروز جي شهرين لاءِ پبلڪ پارڪ کي نئين سر آباد ڪرڻ، چلڊرين پارڪ کي جيم خانا بنائڻ جي ناپاڪ ارادن کي روڪڻ لاءِ اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ ڊاڪٽر ارباب رحيم جي لڳل افتتاحي تختي باوجود کيس افتتاح کي عوام جي طاقت سان روڪيو، نوشهرو فيروز جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وزير اعليٰ کان نوشهروفيروز جي اربن سيوريج سسٽم لاءِ ۲۳ ڪروڙن جي اي ڊي پي  اسڪيم منظور ڪرائڻ هتان جي چونديل نمائندن لاءِ ديوار نوشته آهي جن هتي گذريل ۱۵ سالن ۾ گڏيل خرچ ان اسڪيم جي اڌ برابر به ناهي ڪرايو ، وچ شهر مان گذرندڙ نيشنل هاءِ وي جي روڊ کي ٻه دفعا ٺهرائڻ ئي ڊاڪٽر صاحب جي محنتن ۽ ڪاوشن جو نتيجو آهي، جڏهن ته هتي جا چونڊيل ۽ هارايل اميدوار هميشه ماڻهن سان ڌوڪا ۽ مذاقون ڪندا آيا آهن ۽ اهي ووٽ وٺي هتان جي عوام جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجھڻ جو روڙا استعمال ڪرڻ سان گڏ اهي پنهنجي حلقي کي پنهنجو حلقو ئي تصور ناهن ڪندا ۽ اقتدار جي نشي ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن ڄڻ ته انهن کي فرشتن ووٽ ڏنا هجن، روايتي جاگيرداري ۽ خانداني سيٽن جي نالي ۾ چونڊجي ايندڙ ماڊريٽ وڏيرن ۽ لالچي ٺيڪيدارن جي پارٽين ۾ اثر رسوخ هئڻ جي ڪري پارٽي قيادت خصوصن پاڪستان پيپلز پارٽي جي طرفان پي ايس ۱۹ تي اهو ٺيڪيداريءَ مان امير ٿيندڙ ماڻهونءَ کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جيڪو ڪالھه تائين پارٽيءَ سان وابسطه نه هيو، جيڪو مخالفن جي مهربانين سان تيار ڪيل کي سيٽ ٺاهي ڏيڻ لاءِ اهڙي قسم جا اميدوار علائقي ۽ تڪ جي عوام سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي نالي اهڙو ته خوبصورت ڌوڪو ڪيو پيو جيڪو جيڪو ۵ ڪروڙ خرچ ڪرڻ کانپوءِ ۵۰ ڪروڙ ڪمائڻ جو ڄڻ ته آزمايل نسخو هجي. اهڙي صورتحال ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ جو چوڻ آهي ته پنهنجي ووٽ جي حفاطت اسان کي پاڻ ۽ عوام کي ڪرڻي آهي جيڪو ووٽ قوم جي تقديرن جي امانت هوندو آهي، هاڻي اهو وقت ناهي جو اسين اکيون ٻوٽي پنهنجن ماڻهن ۽ سنڌ جي ماڻهن کي شعور، تعليم ۽ روزگار جي بدران اکين ۾ ڏرا ۽ مايوسيون ڏئي خودڪشين ڏانهن ڌڪيندا رهون، هاڻي هي اهم وقت آهي ته اسين پاڻ ۾ همت پيدا ڪري اڳتي نڪري اچون جيڪڏهن پارٽيون خود اقرباپروري ۽ ڪوڙي مصلحت جي ور چڙهي وڃن ته پوءِ يقينن اسان کي انهن سان به مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان تي نڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ جيڪڏهن اسين سياسي ورڪر آزاد حيثيت ۾ عوام جي انهن سياسي ٺيڪيدارن کان جان آزاد ڪرائڻ لاءِ آزاد حيثيت ۾ پي ايس ۱۹ جي عوام لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ اسان جو ماضي بامقصد، صاف ۽ شفاف هئڻ سان گڏ عملي آهي ۽ اسان کي قومي طرح پنهنجي انفرادي خواهش ۽ ڪوشش مان نڪري ووٽ جي حق کي اجتماعي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ ئي اسان جي بهتري آهي جنهن کي هوشياريءَ سان پنهنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان استعمال ڪرڻ سان ئي اسان جو مسقبل هن ڌرتيءَ جي حڪمرانيءَ جو مالڪ ٿي ڪري دنيا تي راڄ ڪري سگھي ٿو  ۽ آخر ۾ اپيل ڪندي ڊاڪٽر صاحب چيو ته اسان کي هن اليڪشن ۾ اجتماعي ٻڌيءَ جو موقعو مليو آهي جنهن کي پنهنجي نسل جي مستقبل سان سوچڻ ۽ سمجھڻ گھرجي. ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي مستقبل جا فيصلا جذبات کان هٽي ڪري ڏاهپ سان ڪنداسين ته پوءِ ئي اسين پنهنجي قومي وجود کي بچائڻ سان گڏ پنهنجي علائقي ۽ پنهنجي سنڌ کي بچائي ۽ محفوظ رکي سگهون ٿا ۽ اسان کي انهن ماڻهن کي اسيمبليءَ اندر پهچائڻ گهرجي جيڪي وفادار ۽ لالچ کان مٿانهون ٿي قوم ۽ سنڌ جو مان مٿانهون ڪن.



No comments:

راءِ ڏيندا