غمدل فقير
غمدل نام ڌرايم
قاضي مقصود حيات گل
سنڌڙيءَ جي سرزمين هميشه کان صوفي فقيرن ۽ بزرگن جو آستان ۽ مسڪن پئي
رهي آهي. هتان جي صوفين هميشه امن، آشتي، پيار، محبت، انسان دوستيءَ، سڪ ۽ سلامتيءَ
جو پيغام ڏئي پنهنجن توڙي پراون کي سيني سان لاتو آهي. جڏهن به، جتي به، نفرت، نفاق،
دوئي ۽ ڌڪار جي آڳ الا ڪري اٿي آهي، اتي صوفي بزرگن، پنهنجي قول، فعل ۽ ڪردار سان دوئي
۽ ڌڪار کي ڌڪي ڌار ڪري هميشه پيار ۽ محبت سان انهيءَ ناسور جي چيٽ کي سک ۽ سلامتيءَ
جي فضا کي بحال ڪري، ميٺ ۽ محبت جون سرڪيون عام کي انسانيت، محبت ۽ ماڻهپي جا سبق ڏيئي
مجبور ماڻهن کي پنهنجي دلبريءَ جي دامن ۾ پناهه ڏئي، پيار ۽ پاٻوهه جون ورکائون ڪيون
آهن.
