; سنڌي شخصيتون: رشيد چارڻ - وزير فرهاد سولنگي

26 March, 2013

رشيد چارڻ - وزير فرهاد سولنگي


رشيد چارڻ
سنڌي ڊرامن جو اڻٿڪ ڪردار
وزير فرهاد سولنگي
سنڌ جي زرخير مٽيءَ پنهنجي وجود مان زرخيز ذهنن کي جنم ڏنو آهي جنهن ۾ ڪيترائي عالم، اديب، شاعر، دانشور، محقق، استاد، فنڪار ۽ ٻيا ڪيترائي ڏات ڌڻي جن ملڪان ملڪ، ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪيو آهي دادو سنڌ جو اهو اهم شهر آهي جنهن اهڙي قسم جا ماڻهو ڏات جي دنيا کي ڏنا آهن جن ۾ رشيد چارڻ به سنڌي ڊراما ۽ ناٽڪ جي حوالي سان موجوده دور ۾ سٺو نالو ڪمايو آهي رشيد چارڻ هڪ اهڙو شخص جنهن سڄي عمر سنڌي ڊراما ۽ سنڌ جي ثقافت لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي.

رشيد چارڻ جو جنم ۲۷ فيبروري ۱۹۵۳ع ۾ شفيع محمد چارڻ جي گهر ۾ ٿيو پاڻ پرائمري تعليم مين اسڪول دادو مان ۽ مئٽرڪ طالب الموليَ هاءِ اسڪول ۾ ڪري ڊگري ڪاليج دادو مان انٽرپاس ڪئي ان کانپوءِ هن سياسي سماجي ۽ صحافتي دنيا ۾ قدم رکيو ان سان گڏ هيءَ اسٽيج ناٽڪ پڻ سڄي سنڌ ۾ ڪرڻ لڳو هن سنڌي ڊرامي ۾ شروعات ۱۹۷۱ع کان ڪئي. ۱۹۷۱ع ۾ استاد بخاري، سومرو سودائي سان گڏجي رشيد چارڻ هڪ تنظيم جنهن جو نالو (سنڌ لوڪ ثقافتي تنظيم) جو بنياد رکيائين. جنهن جي پليٽ فارم تان سنڌي ثقافت جي ترقي ۽ فروغ لاءِ سڄي سنڌ ۾ ثقافتي پروگرام ڪرايا. ان کانپوءِ ۱۹۸۲ع ۾ جڏهن شاهه اسد ۽ انور سولنگي سنڌ فنڪار تنظيم جو بنياد رکيو ته رشيد چارڻ هن تنظيم جو ضلعي دادو جو صدر ٿيو سنڌ فنڪار تنظيم جي پليٽ فارم تان هن سڄي سنڌ جا دورا ڪري مختلف شهرن ۾ فنڪارن کي گڏ ڪري ڪيترائي يونٽ کوليا. جنهن ۾ اوٻاوڙو، ڏهرڪي، سڪرنڊ، ڊگهڙي، ٺارو شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ وڏا وڏا ثقافتي پروگرام ۽ اسٽيج ڊراما ڪري فنڪارن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ جو موقعو ڏنو ۱۹۸۳ع ۾ اطهرمنگي، نور گهلو، ڊاڪٽر شمس سومرو ۽ رشيد چارڻ گڏجي فنڪارن جي فلاح و بهبود لاءِ هڪ ٻي تنظيم جو بنياد رکيو جنهن جو نالو بسنت آرٽ سرڪل هيو. هن تنظيم جو چيئرمين نور گهلو، وائيس چيئرمين رشيد چارڻ، سيڪريٽري اطهر منگي هيا ۽ ٻئي ٽرم ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سابقه مرڪزي سيڪريٽري شمس سومرو هن تنظيم جو سيڪريٽري ٿيو. بسنت آرٽ سرڪل طرفان علمي، ادبي، پروگرام ڪرايا ويا ان کان علاوه ڪيترن ئي سينيئر فنڪارن سان رهاڻيون رچايون. ۱۹۸۵ع ڌاري دادو سماجي تنظيمي اتحاد جو خزانچي پڻ رهيو.
رشيد چارڻ اسٽيج ۽ ڊراما جي فروغ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ان کان علاوه هن ڪيترن ئي فنڪارن جي مالي سهائتا، اسٽيج پروگرامن لاءِ پرمٽون وٺي ڏيڻ ۽ سنڌ جي مختلف اسٽيج پروگرامن ۾ ايندڙ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ هن ڪافي اداڪارن فنڪارن، هدايتڪارن جي مدد ڪندو رهيو آهي. رشيد چارڻ نه فقط اداڪار آهي پر هن جي شخصيت ۾ الله تعاليَ ڪيترائي ٻيا رخ به ڏنا آهن جنهن ۾ هي صحافت، سياست، سماجي ڪمن ڪارين ۾ تمام گهڻو اڳڀرو رهيو آهي.
سنڌي اسٽيج ناٽڪ جي دنيا ۾ هي پهريون شخص آهي جنهن سنڌي اسٽيج تي ون مين شو جو بنياد رکيو کيس فني مڃتا طور هن وقت تائين ۱۵ کان وڌيڪ ايوارڊ ملي چڪا آهن ۽ سندس سان سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ۹ کان وڌيڪ رهاڻيون ملهايون ويون آهن. رشيد چارڻ هن وقت تائين ۳۰۰ کان وڌيڪ اسٽيج ڊرامن ۽ ۱۰۰ جي لڳ ڀڳ ٽي وي ڊراما ڪري چڪو آهي. پاڻ ۲۰۰۵ع کان سنڌ جي مشهور چينل ڪي ٽي اين سان وابسته رهيو آهي. جنهن ۾ هن بحيثيت هدايتڪار، ليکڪ، اداڪار، ميزبان طور تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. کيس کي سندس فني خدمتن عيوض سڄي سنڌ محبتون ڏنيون آهن، جيتوڻيڪ هيءَ هينئر ۶۰ سالن جي عمر کان ٽپي چڪو آهي پر اڄ به پاڻ سنڌي ٻولي ادب ۽ ثقافت لاءِ نوجوانن وانگر، پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. اسان جي دعا آهي ته هيءُ سنڌ جو ثقافتي ڪردار وڏي ڄمار ماڻي سنڌ جي فن ۽ ڪلا ۾ پنهنجو اعليَ مقام ماڻي.

No comments:

راءِ ڏيندا