; سنڌي شخصيتون: شهيد هوش محمد شيدي - ارشاد لغاري

26 March, 2013

شهيد هوش محمد شيدي - ارشاد لغاري


شهيد هوش محمد شيدي
ارشاد لغاري/چمبڙ
شهيد هوش محمد شيدي، هڪ بهادر جرنيل هو، جيڪو پنهنجي شهادت واري وقت به انگريز سامراج کي للڪاري رهيو هو. مختلف تاريخدان پنهنجن ڪتابن ۾ لکن ٿا ته، شهيد هڪ ماهر جنگي جرنيل هو. مشهور انگريز ماهر ايڇ ٽي لئمبرڪ به شهيد هوشوءَ کي هڪ ماهر جرنيل طور تسليم ڪيو آهي.

شهيد هوشوءَ جو والد، مير فتح علي ٽالپر وٽ ڪم ڪندو هو، شهيد هوشو، مير فتح علي ٽالپر جي پٽ مير صوبدار خان جو دوست ۽ عمر ۾ هڪ جيترو هو، مير صوبدار خان سان گڏ شهيد هوش محمد شيدي، مير شير محمد ٽالپر جي بارود خاني جو انچارج هو، ڪئپٽن معين الدين لکي ٿو ته، شهيد انگريز سامراج خلاف وڙهندڙ هڪ گوريلا اڳواڻ هو، جنهن سنڌ جي آرام پسند اميرن ۽ سردارن کي انگريز سامراج خلاف وڙهڻ لاءِ تيار ڪيو. پنجاب سان تعلق رکندڙ هڪ محقق لکي ٿو ته، شهيد هوشو، هڪ آفريڪي سپهه سالار هو ۽ چارلس نيپيئر جڏهن خيرپور رياست جي مير رستم خان کي هٽايو ۽ خانڳڙهه جي قلعي کي تباهه ڪيو ته سنڌي ماڻهن ۾ تمام گهڻو غم ۽ غصو ڇانئجي ويو، مير شهزاد جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي فوج، انگريز فوج تي حملو ڪري ڏنو، اهو حملو سنڌي ماڻهن ۽ انگريز فوج وچ ۾ جنگ جو آغاز هو. ۲۳ مارچ ۱۸۴۳ع تي دٻي وٽ برطانوي فوج ۽ سنڌ جي فوج ۾ گهمسان جي جنگ لڳي، هن جنگ ۾ شهيد هوش محمد شيدي، پنهنجي ساٿين سان گڏ وطن جي دفاع لاءِ نهايت بهادريءَ سان وڙهي رهيو هو، جنهن ڪري انگريز فوج جي شڪست يقيني هئي ته ٺيڪ ان موقعي تي وطن جي ڪجهه غدارن جي مخبريءَ جي ڪري سنڌ جي فوج جي بارود خاني کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو ته شهيد هوشو گجگوڙ سان دشمن جي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڏنو ۽ ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو بلند ڪيو، جيڪو سنڌ جي تاريخ جو هڪ حصو بڻجي ويو، تاريخدان لکن ٿا ته، اها شهيد هوشوءَ جي جنگي مهارت هئي، جو هو سنڌ جي فوج جو بارود تباهه ٿيڻ باوجود پٿرن ۽ ٺڪرن سان به وڙهندو رهيو.۲۳ مارچ ۱۸۴۳ع جي شام سنڌ لاءِ هڪ ڪاري شام هئي، ڇو ته سنڌ جو هي بهادر سپوت شهيد ٿي چڪو هو. هوشوءَ جي شهادت کانپوءِ، سموري انگريز فوج شهيد جي لاش مٿان پهتي ته حيران ٿي ويئي، ڇو ته شهيد هوشوءَ شهادت باوجود پنهنجي تلوار کي هيٺ ڪرڻ نه ڏنو، جنهن تي سموري انگريز فوج شهيد کي جهڪي سلام پيش ڪيو. شهيد هوشوءَ جي مزار ڪٿي آهي، ان بابت مختلف رايا آهن، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته، شهيد شهادت واري ميدان تي مدفون آهي، جڏهن ته، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته، شهيد جي مزار پڪي قلعي ۾ آهي، شهيد هوش محمد شيدي، سنڌ واسين ۾ هميشه پنهنجي انقلابي نعري، ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ سان زندهه رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا