شيام جئسنگھاڻي
معصوم شخص ۽ جديد ليکڪ
رکيل مورائي
ٻاويهه مارچ هڪ اهڙي سنڌي اديب جي وفات جو ڏينهن آهي، جنهن جنم بلوچستان
جي پهاڙن جي ڇانوَ ۾ ورتو ۽ وفات چئمبور ممبئيءَ ۾ ڪئي. هو ڄائو به جلاوطنيءَ ۾ جيڪا
هن جي پڇڻ کان سواءِ سندس وڏن پنهنجي ڪاروباري سهوليت خاطر پاڻمرادو قبولي هئي، ۽ وفات
به ان جلاوطنيءَ ۾ ڪيائين، جيڪا به کانئس پڇڻ کان سواءِ سندس وڏن هن ننڍي کنڊ جي سياست
جي اثر هيٺ ڪئي. ائين سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجي طبيعت ۾ معصوم ترين ليکڪ ۽ پنهنجي لکڻين
۾ هيءَ جديد ترين ليکڪ سموري عمر اڻ قبوليل جلاوطنيءَ ۾ پنهنجي جئمبور ممبئيءَ واري
گهر ۾ اڪيلي زندگيءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، پنهنجي ادب ۾ سدائين لاءِ زنده رهجي ويو.
هن جو نالو شيام جئسنگهاڻي هئو، شيام ۱۲
فيبروري ۱۹۳۷ع تي بلوچستان جي راڄڌاني واري شهر ڪوئيٽا ۾ جنم ورتو.
ورهاڱي جي واءِ ۾ اڏامي ڪلياڻ ڪيئمپ ۾ وڃي ڪريو، جتي ۱۹۶۰ع تائين رهيو ۽ پوءِ ممبئيءَ جهڙي وڏي شهر جي هڪ ڪالوني چئمبور ۾ وڃي
مستقل رهائش اختيار ڪيائين. جتي ڪرن نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ڪو
به اولاد ڪو نه ٿيو، هڪ ڌيءَ گود ورتائون جنهن کي پالي نپائي وڏو ڪيائون، پرڻايائون
۽ وري هو ٻئي ڀاڀي ڪرن ۽ پاڻ اڪيلا ٿي ويا. شيام جي اڪيلائي تڏهن اڃا به وڌي وئي جڏهن
سندس محبوبه زال به کانئس موڪلايو. هن ممبئيءَ ۾ مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ ۾ نوڪري ڪئي.
جتان ئي رٽائر ڪيائين.
شيام سنڌي ٻوليءَ کي نه فقط جديد ڪهاڻيون ڏنيون، جديد ناول ڏنا، جديد
ناٽڪ ڏنا پر جديد ڪوتائون به ڏنيون ۽ انهن سڀني صنفن ۾ شيام بلڪل نئين احساس وارو ليکڪ
ٿي اڀري آيو. شيام پنهنجي پيش روئن کي پڙهيو ضرور پر انهن جي اثر کان بلڪل پري رهيو.
شيام ليکڪ ته ڪمال جوآهي ئي سهي پر هو فوٽوگرافر به ڪمال جو آهي. سندس ڪيترن ئي سنڌي
ڪتابن جا ٺاهيل ٽائيٽل پڻ انهن نين تخليقن ۾ شامل آهن جن جو تعلق فائن آرٽ سان آهي.
شيام تڏهن ادب ۾ پير پاتو جڏهن سنڌي ادب تي ترقي پسندن ادب جو اثر زور شور سان جاري
هئو، اهڙي ماحول ۾ هن جو هڪ جديد اديب طور اڀري اچڻ پويان ان ٽمورتي جي ان ادبي بهادريءَ
جو اخلاقي ۽ ادبي هٿ يا قوت ضرور هئي، جيڪا ٽمورتي ترقي پسند اديبن جي رد عمل ۾ اڀري
آئي هئي، جنهن ۾ شامل هئا، گنو سامتاڻي، موهن ڪلپنا ۽ لعل پشپ ۽ شيام جئسنگهاڻي کي
پليٽ فارم مليو هند ۽ سنڌ جي مشهور رسالي ڪونج جو. جيڪو، ترقي پسند ٽمورتي، اي . جي
. اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، ۽ گوبند مالهي جي ٽمورتي پاران ”نئين دنيا“ جي نالي سان هلندڙ
رسالي جي رد عمل ۾ دادا هري موٽواڻي شڌ ادب/ نج ادب جي ڇاپڻ لاءِ شروع ڪيو.
شيام جئسنگهاڻيءَ کي مٿين اديبن جو ساٿ مليو ۽ ڪونج جهڙو رسالو مليو ته
سندس اندر وارو اديب نکري آيو. هن جي صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ ۾ دادا هري موٽواڻي جو وڏو
عمل دخل رهيو ۽ ان عمل جي نتيجي طور شيام، دادا هريءَ کي ”ڊيڊي“ ڪوٺيندو هئو، دادا
هري به هن کي پٽن وانگر ڀائيندو هيو اهڙو مشاهدو مون ٻه ڀيرا ماڻيون پهريون ۲۰۰۱ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو ۲۰۰۷ع ۾ ٻنهي ڀيرن ۾ شيام سان ڪچهريون ٿيون، آخري ڀيري سندس طبعيت جي بيچا
ڪائي شدت سان محسوس ٿي. پر هن جي چهري تي ساڳي مرڪ موجود هئي. جنهن کان متاثر ٿي مون
۲۰۰۱ع ۾ هڪ شعر لکيو هئو ته:
۽ هو جئسنگهاڻي شيام
مرڪي ڄڻ گوتم جو چهرو
جيتوڻيڪ هن ڀاڀي ڪرن جي لاڏاڻي کان پوءِ رولاڪي قبولي هئي، ڪڏهن ڪاٿي
ته ڪڏهن ڪاٿي پر سندس بيماريءَ سندس رولاڪيءَ کي روڪي ڇڏيو ۽ هو آخري ڏينهن ۾ ويل چيئر
تي اچي ويو.
سنڌي ادب کي ڏنل شيام جئسنگهاڻي جو ڪهاڻي ڪتاب هڪ ٻيو ڏينهن کيس جديد
اديب طور گهڻو مٿي کڻي آيو سندس ڪهاڻين ۾ رومانويت سان گڏ، شهري زندگي جي تلخي ٽٽندڙ
جو درد ۽ ٻيا ڪيترائي کڻ آهن، ساڳئي وقت غير معمولي فنڪاري پڻ آهي سندس ڪهاڻيون هند
جي نئين ادب ۾ پنهنجي خاص سڃاڻپ رکن ٿيون.
شيام خوبصورت ناول به ادب کي ڏنا، جيڪي ٻئي پنهنجي موضوعاتي ۽ فن ي بيهڪ
سبب نرالا ناول آهن. سندس پهريون ناول ”ڪچا ڌاڳا“ ۱۹۶۶ع ۾ ڇپيو ته هند جي سنڌي ادب ۾ هڪ اعليٰ مقام ماڻي ورتائين، سندس ٻيو
ناول ”کاهيءَ جي چئو طرف“ نالي سان ۱۹۷۶ع
۾ ڏهن سالن جي وڇوٽيءَ بعد ڇپيو. هيءُ ناول پڻ پنهنجي نئين رٿا ۽ سٽاءَ سبب گهڻو گهڻو
مقبول ٿيو، منهنجو خيال آهي ته موضوعاتي توڻي فني لحاظ کان هيءُ پنهنجي نوعيت جو سنڌي
ٻوليءِ ۾ اڪيلو ناول آهي. جنهن ۾ نئين احساس، نئين ٻوليءَ ۽َ نئين ٽيڪنيڪ استعمال ٿيل
آهي، ائين ئي هن جي نئين ڪوتا جي مجموعن ۾ به نئون احساس اظهاريل آهي. پر جيئن ته شيام
فوٽوگرافر به لاجواب هئو، ان ڪري هن جي ڪوتائن ۾ ان حس جو وڌي اچڻ حد ٽپي آيو آهي،
گوئاني منظر نالي وارو سندس ڪوتائن جو ڪتاب جهڙو ڪر آهي ئي فوٽو گرافي، شيام جي ڪوتائن
جا ڪتاب آهن.
۱ وڇوٽيون (۱۹۸۰ع)
۲ گوئاني منظر (۱۹۸۷ع)
۳ منهنجي ممبئي (۱۹۹۸ع)
مٿيان ٽئي ڪوتا ئي ڪتاب شيام کي نئين ڪوتا جو اهڙو ڪوي ڪري سامهون آڻين
ٿا، جنهن کي احساس کان وٺي اظهار تائين سڀ ڪجهه نئون آهي. هنن ڪتابن ۾ هن جا سفر به
آهن ته محبتون به آهن، ساڳئي وقت اڪيلائي به آهي ته شهري زندگيءَ جي بي وڙائي به، ممبئيءَ
جون روشنيون به آهن ته انهن روشنين جي پڄاڻيءَ تي غضبناڪ اونداهيون به آهن. بهر حال
نئين ڪوتا کي کڻي، شيام جئسنگهاڻيءَ کي هڪ جديد ڪوتاڪار ڪوٺي سگهجي ٿو. سندس ڪوتائون
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ محفوظ رهنديون.
شيام ناولن، ڪهاڻين ۽ ڪوتائن سان گڏ ناٽڪ به لکيا، جيڪي اڳتي هلي زلزلو
نالي سان ۱۹۹۲ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا ۽ عجيب اتفاق آهي يا ادبي
راڄنيتي آهي، ته سنڌي ادب جي هن جديد ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس کي مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ
جو ادبي ايوارڊ هن ناٽڪن جي ڪتاب تي ڏنو ويو. هن ناٽڪ کي مليل ايوارڊ کي کڻي سنڌي ٻوليءَ
جي خوبصورت شاعر ۽ نقاد دادا لڇمڻ ڪومل سان منهنجي محبت جڙي، هو صاحب ان ڪاميٽيءَ جو
ميمبر هئو، جنهن ڪاميٽيءَ هن ناٽڪن جي ڪتاب کي انعام ڏنو. ڪومل صاحب سان منهنجو اعتراض
اهو هئو ته شيام کي ايوارڊ ناول يا ڪهاڻيءَ تي ملڻ گهرجي ها. ان لاءِ هن مون کي تفصيل
سان ٻڌو ۽ پنهنجي پيار جي ڏور ۾ ٻڌي ڇڏيو. بھرحال شيام کي ساهتيه اڪيڊميءَ جو ايوارڊ
مليو.
۲۰۰۹ع سال ائين اسان کان مارچ جي ٻاويهين تاريخ تي شيام جئسنگهاڻي کسي ورتو.
سنڌ توڻي هند ۾ شيام کي چڱو ئي پڙهيو ويو آهي، سندس وفات کان پوءِ ان
ئي رسالي ڪونج جي هاڻوڪي سمپادڪ/ايڊيٽر اسان جي دوست نند ڇڳاڻيءَ شيام تي لکيل ڪيترن
ئي مضمونن، مقالن ۽ ٻين ليکن کي گڏي هڪ ڪتاب شايع ڪري کيس هڪ لاجواب شرڌانجلي/ڀيٽا
پيش ڪئي، اڄ سنڌي ادب۾ شيام جئسنگهاڻي پنهنجي ادب معرفت ته زندهه آهي پر کيس ڀيٽا طور
هڪ لاجواب ڪتاب به موجود آهي جنهن جو نالو آهي ”وجود ئي وڻڪار“ جنهن لاءِ اسان جو دوست
نند ڇڳاڻي جس لهڻي. سنڌ ۽ سنڌي ادب شيام جئسنگهاڻي کي سدائين ياد رکندو، هيءَ لکڻي
کيس ياد ڪرڻ جي هڪ ننڍي ڪوشش آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا