; سنڌي شخصيتون: ھيمون ڪالاڻي

24 March, 2013

ھيمون ڪالاڻي

ھيمون ڪالاڻي

امر شھيد

ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا



سنڌ ڌرتي ڄايا اُهي شهيد جن پنهنجي امڙ جي ٿڃ ملهائيندي پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، اگر انهن جي پاڻ لسٽ ٺاهينداسين ته اُن لسٽ ۾ جيڪو ننڍڙي عمر وارو شهيد هوندو اهو منهنجي خيال ۾ امر شهيد هيمون ڪالاڻي هوندو جيڪو ۱۹ سالن جي عمر ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاسيءَ چاڙهيو ويو هو. هيمون ڪالاڻي جنهن جو اصل نالو هيمن ڪالاڻي هو پر سڀ ماڻهو ان کي هيمون ڪالاڻي جي نالي سان ياد ڪن ٿا. هن جو جنم ۲۳ مارچ ۱۹۲۳ع تي سکر ۾ ٿيو هو. هن جي پيءَ جو نالو پيسو مل ڪالاڻي هو جيڪو هڪ بزنس مين هو. هُن جي ماءُ جو نالو ڄيٺي مائي هو. هُن مئٽرڪ تلڪ هاءِ اسڪول سکر مان ڪئي، مون کي خبر ناهي ته اڄ به اُن اسڪول جو نالو تلڪ هاءِ اسڪول آهي يا اُن کي به مسلمان ڪيو ويو آهي. هن کي ننڍي هوندي ئي انقلابي ۽ پنهنجي ڌرتي ماءُ سان پيار ڪرڻ جو جذبو پنهنجي چاچي ڊاڪٽر منگهارام ڪالاڻي کان مليو جيڪو اُن وقت انڊين ڪانگريس جو ليڊر هو. هي جڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو ان وقت هن سيواراج سينا اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن ۾ شموليت ڪئي ۽هڪ انقلابي ٿي اسريو. جڏهن مهاتما گانڌي ”Quit india“ هندستان خالي ڪريو، انگريزن جي خلاف تحريڪ هلائي ته هن اُن ۾ ڀرپور حصو ورتو. مهاتما گانڌي پنهنجن ماڻهن کي چيو ته ”Do or Die“ برٽش رول جي خلاف وڙهو يا مري وڃو. هي ننڍڙو نوجوان ان تي عمل ڪندي پنهنجي جدوجهد شروع ڪئي. اُن ۾ ٻاهران ايندڙ تمام سامان جو بائڪاٽ ڪيو ويو ۽ هندستان ۾ ٺهندڙ شين جو وڪرو عام ٿيو. مهاتما گانڌي جي اها تحريڪ ۱۹۴۲ع ۾ شروع ٿي، اُن زماني ۾ هن کي خبر پئي ته برطانوي فوجي اسلحو کڻي اچي رهيا آهن ۽ اهو ٽرين ذريعي سکر مان گذرندو، هن ننڍڙي عمر ۾ دوستن سان گڏ پٽڙي اُکيڙڻ جو فيصلو ڪيو جيئن اهو اسلحو پنهنجي منزل تي پهچڻ کان اڳ تباهه ٿي وڃي پر ان پٽڙي اُکيڙڻ دوران هي پڪڙجي پيو ۽ هن جا دوست ڀڄي ويا. پوءِ هن  تي مارشل لا ڪورٽ سکر ۾ ڪيس هلايو ويو ۽ هن کي چيو ويو ته جيڪڏهن تون پنهنجي ساٿين جي باري ۾ ٻڌائيندين ته پوءِ توکي آزاد ڪيو ويندو. اُن وقت مارشل لا ڪورٽ سنڌ ۾ اُن ڪري هئي جو هتي حُر تحريڪ به هلي رهي هئي. سکر جي ڪورٽ هن کي عمر قيد جي سزا ڏني، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي دوستن جا نالا ڪو نه ٻڌايا. پوءِ هن جو ڪيس حيدرآباد ڪورٽ ۾ موڪليو ويو جتي ڪرنل رچرڊسن جيڪو انقلابين جي سخت خلاف هو، هُن هيمون ڪالاڻي جي سزا عمر قيد کان بدلائي ڦاسي جي سزا ۾ تبديل ڪري ڇڏي. پر هن دلير تي اُن جو ڪو به اثر ڪو نه ٿيو، ۽ هن آخري وقت تائين خوشيءَ سان ڦاسي چڙهڻ قبول ڪيو پر معافي وٺڻ يا اُنهن کي دوستن جا نالا ٻڌائڻ قبول نه ڪيو. هن کي ۲۱ جنوري ۱۹۴۳ع ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي. هن جي سزا معاف ڪرڻ لاءِ ان وقت جي ناميارن اڳواڻن جمشيد جي مهتا، ساڌو ٽي ايل واسواڻي، عبدالستار پيرزاده، سوامي هرنامداس، ويرو مل بيگراج ۽ ٻين اپيل ڪئي پر اُها رد ڪئي وئي. اڄ اسان سڀني سنڌين کي فخر آهي ۽ اسان جو ڳاٽ اوچو آهي ته هيمون ڪالاڻي پنهنجي ڌرتي لاءِ جان ڏيڻ قبول ڪئي پر پنهنجي ساٿين جا نالا ٻڌائڻ قبول نه ڪيا. اسان کي گهرجي ته جيئن هندستان ۾ هيمون ڪالاڻي کي ياد رکڻ لاءِ ڪيترن روڊن جا نالا هيمون ڪالاڻي تي رکيا ويا آهن، ته اسان کي به هتي پنهنجن روڊن، رستن، اسڪولن ۽ اسپتالن جا نالا پنهنجن شهيدن جي نالن تي رکڻ کپن، سکر ۾ هڪ پارڪ جنهن جو نالو امر شهيد هيمون ڪالاڻي جي نالي تي هو پر پوءِ ان کي مسلمان ڪري ان جو نالو قاسم پارڪ رکيو ويو، اچو ته اڄ سڀ گڏجي وري واپس ان جو نالو ”هيمون ڪالاڻي“ پارڪ رکي سنڌ جي شهيد کي خراج تحسين پيش ڪيون.


هتي آءُ ڪجهه تفصيل ڏيان ٿو ته هندستان ۾ هيمون ڪالاڻي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي اُن جا نالا رکيا ويا آهن

1.    هندستان جي پهرئين وزيراعظم جواهرلال نهرو ۱۹۴۵ع ۾ جڏهن سنڌ جو دورو ڪيو ته هن هيمون ڪالاڻي جي ماءُ سان ملاقات ڪئي۽ هيمون ڪالاڻي جي لاءِ گولڊ ميڊل ڏنو ويو.

2.    هندستان جي وزيراعظم اندرا گانڌي ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۸۳ع تي هيمون ڪالاڻي جي تصوير سان پوسٽ جي ٽڪلي جاري ڪئي جڏهن هن دهلي ۾ سنڌي سميلن ۾ شرڪت ڪئي.

3.    هيمون ڪالاڻي جو هڪ مجسمو انڊيا جي پاليامينٽ ڪمپليڪس جي ٻاهران پڻ لڳايو ويو آهي جتي ڊپٽي اسپيڪر جي آفيس آهي اهو ۲۱ آگسٽ ۲۰۰۳ع تي بي جي پي طرفان لڳايو ويو هو، ان تقريب ۾ هندستان جي سابق وزير اعظم اٽل بهاري واجپائي، ايل ڪي آڏواڻي ، رام ڄيٺ ملاڻي ۽ ڪانگريس جي ليڊر سونيا گانڌي ۽ ٻيا ليڊر پڻ شريڪ ٿيا هئا.

4.    هندستان جي انڊور شهر ۾ هڪ روڊ جو نالو هيمون ڪالاڻي جي نالي تي رکيو ويو آهي ۽ اتي ان جو مجسمو به لڳايو ويو آهي.

5.    احمد آباد (گجرات) ۾ هڪ چوڪ راجوير سرڪل جو نالو هيمون ڪالاڻي تي رکيو ويو آهي ۽ اتي ان جو مجسمو پڻ لڳايو ويوآهي.

6.    ممبئي جتي سنڌين جي ڪافي آبادي آهي اُتي هڪ چيمبر جو نالو پڻ هيمون ڪالاڻي نالي تي رکيو ويوآهي.

7.    الهاس ننگر جنهن کي سنڌو نگر پڻ چيو وڃي ٿواتي به هڪ چوڪ تي امر شهيد هيمون ڪالاڻي جو مجسمو لڳائي ان جو نالو رکيو ويو آهي.

8.    جوڌپور سٽي (راجسٿان) ۾ به هڪ روڊجو نالو هيمون ڪالاڻي جي نالي تي رکي مجسمو پڻ لڳايو ويو آهي.

9.    اجمير سٽي (راجسٿان) ۾ ڊگي بازار تي نالو هيمون ڪالاڻي جي نالي تي رکي ۽ مجسمو پڻ لڳايو ويوآهي اجمير ۾ هڪ محلي جو نالو پڻ هيمون ڪالاڻي جي نالي تي رکيو ويو آهي.

10.          لجپت نگر دهلي ۾ هڪ سيڪنڊري اسڪول جو نالو پڻ هيمون ڪالاڻي جي نالي تي رکيو ويو آهي.

11.          ڪانپور سٽي ۾ هڪ پارڪ جو نالو هيمون ڪالاڻي جي نالي تي رکيو ويو آهي.

12.          ڪوٽا سٽي انڊيا ۾ هڪ ڪميونٽي هال جو نالو امر شهيد هيمون ڪالاڻي جي نالي تي رکيو ويو آهي.

 


 

هيمون ڪالاڻي

سنڌ جو امر ڪردار

استاد نظاماڻي

اڄوڪي ڏينهن جي تاريخ (۲۱ جنوري) واري ساڳي سرد پرهه هئي. سکر جي فضائن ۾ پکين اڃان پنهنجا آکيرا به نه ڇڏيا هئا، سکر جيل جو لوهي گيٽ وڏي آواز سان کليو هو، ڪجهه سرڪاري عملدار جيل اندر روانا ٿيا ۽ گيٽ وڏي آواز سان وري بند ٿي ويو. هيمون جي پتا پيسو مل سمجهيو ته سندس ڳڀرو  ڦاسي چڙهيل  هيمون جي ارٿي سندن حوالي ڪئي ويندي.  پر ائين نه ٿيو، سندن آلا نيڻ شام چار وڳي تائين پنهنجي پُٽ جو لاش ڏسڻ لاءِ اوسيئڙو ڪندا رهيا. شام چار وڳي ڪيترن شرطن ۽ ضمانت کانپوءِ بند سرڪاري گاڏي ۾ هيمون کي گهر ڌڻين تائين پهچايو ويو. هيمون کي ڦاسي صبح جو ستين وڳي ڏني وئي، ۽ لاش ۴ وڳي ڏنو ويو، سو به انهي شرط سان ته سکر ۾ ڪو دنگو فساد ٿيو ته اُن جا ذميوار سندس مائٽ هوندا. هيمون جو منهن ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهو روڊ رستن تي گڏ ٿي ويا هئا، ڪي ماڻهو گهرن جي ڇتن تي بيٺا هئا.

هيمون ڪالاڻي جي ڪردار کي خبرناهي ڇو اسان سنڌ واسين  نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، نه  اُن تي تحقيق ٿي ۽ لکيو ويو آهي نه ئي اُن تي سنڌ مان ڪو ڪتاب ڇپيو آهي. اسان سنڌ واسين هيمون ڪالاڻي کي ائين وساري ڇڏيو آهي جيئن مغربي پنجاب وارن ڀڳت سنگهه کي، پر هاڻي ڪجهه لاهوري ڀڳت سنگهه کي ياد ڪرڻ لڳا آهن ۽ اُن جي ياد ۾ ڪجهه پروگرام ڪن ٿا.  مون جڏهن سائين جي ايم سيد جو ڪتاب جنب گذاريم جن سين پڙهيو اُن ۾ به ڪٿي هيمون جي زندگي تي ڪو تفصيلي احوال نه مليو. سائين جي ايم سيد خبرناهي ڇو هن ديس ڀڳت تي نه لکيو. باقي پيرعلي محمد راشدي ڪتاب، اُهي ڏينهن اُهي شينهن ۾ ڪٿي به شهيد سورهيه بادشاهه لاءِ ٻه اکر نه لکيا آهن، اُتي هن ڪجهه پيراگراف هيمون ڪالاڻي تي لکيا آهن. راشدي لکي ٿو؛ جيڪڏهن سکر جو احوال لکندي مون جيڪڏهن هيمون تي قلم نه کنيو ته اُن سان زيادتي ٿيندي.

علي محمد راشدي  لکي ٿو؛ ۱۹۴۲ع ۾ مهاتما گانڌي انگريزن کي هندستان مان ڪڍڻ لاءِ مشهور Quit India تحريڪ هلائي، اُن تحريڪ جي سلسلي ۾ ساري هندستان اندر باهه ٻري وئي. بيشمار فساد ٿيا. سرڪاري عملدارن تي خوني حملا ڪيا ويا. ريلون ڪريون، پوليس ٿاڻن تي حملا ٿيا. انتقامي جذبي ۾ انگريز به انڌا ٿي پيا. ان دوطرفي خوني هلچل جو اثر سنڌ تي به پيو. سال ۱۹۴۲ع ۾ هيمون ڪالاڻي پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ هڪ جاءِ تي ريل (فوجي ٽرين) ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ريل ته ڪانه ڪري پر پاڻ پڪڙجي پيو. انهن ڏينهن ۾ حرن کي سزا ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ اڳي ئي مارشلا لاڳو ٿي چڪو هو. هيمون تي به ڪورٽ مارشل ڪيس هليو. ڦاسي جي سزا مليس مٽن مائٽن گهڻو ئي اپيلون ڪيون پر هيمون پاڻ معافي نه گهري. عملدار انتظار ۾ رهيا ته ڇوڪرو پڇتائي معافي گهري ته سندس سزا ختم ڪري ڇڏيون. پر اهو ناممڪن هو. انگريز تنگ ٿيو ۽ کيس ڦاسي ڏيئي ڇڏيائونس. (ڪتاب مان حوالو)

سنڌ جي نوجوان نسل کي صرف ايتري ڄاڻ آهي ته هُن انگريز سرڪار جي ٽرين ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پڪڙجي پيو ۽ ڦاسي جي سزا اچي ويس. ان کان اڳتي تمام گهٽ ماڻهو ان جي زندگي متعلق ڄاڻن ٿا. اسان ماڻهن نڌ جي انهن هندو آزادي پسندن کي شايد انهي ڪري وساري ڇڏيو آهي جو  هو مسلم ليگي نه هئا، يا هو هندو هئا، انهي ڪري اسان جو رويو تنگ نظري وارو رهيو آهي. انگريزن خلاف جدوجهد آزادي ۾ هندستان جي سڀني قومن قربانيون ڏنيون.  جڏهن انگريز سامراج خلاف آزادي جي تحريڪ شروع ٿي هئي، انهن ۾ ۱۸5۷ع ۾ آزادي جي جنگ ۾ مسلمانن سکن، ۽ هندن  برابري جون قربانيون ڏنيون هيون. مقصد اهو هو ته ڪنهن طرح انگريز سامراج کي هن ڌرتي تان تڙي ڪڍجي  ۽ اهو سلسلو ۱۹۴۷ع تائين هلندو رهيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريز سرڪار جي چالبازين سان  هندستان ۾ رهندڙ قومن جي بندوقن جا رُخ  مذهبي رواداري ۾ هڪ ٻئي جي سينن ڏانهن ٿي ويا هئا. ورهاڱي جي راهه ۾ ايترو ظلم شايد انگريز سامراج نه ڪيو هو جيترو هندن، سکن. مسلمانن هڪ ٻئي جي خلاف رت جون نديون وهائي ڪيو هو، انهي نفرت جو اندازو ڪرشن چندر جي ناول غدار کان وٺي خوشونت سنگهه جي لکيل ناول ”اي ٽرين ٽو پاڪستان“ پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

هي ساڳيو مهينو هو جنوري جون سخت سرد راتيون سي به سکر جا سرد ڏينهن ۱۹۴۳ع جو سال هو جڏهن هن آزادي پسند ڇوڪراٽ کي ڦاسي تي لٽڪايو ويو هو.  اهو انگريزن هيمون جي مائٽن تي ٿورو ڪيو جو هيمون جو مڙهه مائٽن حوالي ٿيو. خوشنصيب هئي شريمتي ڄيٺي مائي ڪالاڻي جو کيس نوجوان پُٽ جو لاش مليو. انگريزن جي روايت هُئي ته هو آزادي پسندن کي مارڻ کانپوءِ انهن جا مڙهه گم ڪري ڇڏيندا هئا. هيمون کي شايد اها خبر نه هئي ته جڏهن انگريز هي ملڪ ڇڏي هليا ويندا، تڏهن سندن ماتا پتا به سنڌ کي آلين اکين سان ڇڏي شرنارٿي بنجي ويندا.

ڪجهه وقت اڳ مونکي عبدالله جيسر، لليه پتڻ  موري واري، ڪتاب ”آزاديءَ جو پروانو: شهيد هيمون ڪالاڻي“ موڪليو. ڪتاب ۱۸۴ صفحن تي مشتمل آهي.

هي ڪتاب ڄيٺو لالواڻي لکيو آهي. جيڪو اسٽيج پبليڪيشن احمد آباد گجرات انڊيا مان ڇپيو آهي. مان سمجهان ٿو هيمون ڪالاڻي تي لکيل هي پهريون سنڌي ڪتاب آهي جيڪو سال ۲۰۰۷ع ۾ ڇپيو آهي. جيڪو هيمون جي جدوجهد کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو پر افسوس اهو ڪتاب به سنڌ جي مارڪيٽ ۾ موجود ناهي.

هيمون ڪالاڻي جو جنم ۲۳ مئي ۱۹۲۳ع ۾ سکر ۾ ٿيو هو. هن ڪتاب جي مطالعي مان نه صرف هيمون جي جدوجهد جي مڪمل تفصيل سامهون اچي وڃي ٿو بلڪ اُن دور ۾ سنڌ ۾ جيڪا آزادي جي  جدوجهد هلي رهي هئي، اُن جي به ڄاڻ ملي ٿي. اُن دور ۾ سنڌ ۾ حرن جي جدوجهد عروج تي هئي. مئي ۱۹۴۲ع ۾ حرن به لاهور ميل ڪيرايو هو، جنهن کانپوءِ جون ۱۹۴۲ع  ۾ مارشلا لڳي هئي. ڪانگريسين ۽ سڀاش چندر بوس جي انقلابي تقريرن جو به نوجوانن تي وڏو اثر هو. اُن وقت سکر به جدوجهد آزادي جي ڪارڪنن جو وڏو مرڪز هو. ساڌ ٻيلو ديش ڀڳتن لاءِ وڏي پناهه گاهه هو، جتي هندستان جي ٻين علائقن جا روپوش انقلابي اچي پناهه وٺندا هئا. ڪرانتي جي مقصد لاءِ ٺهندڙ سوراج سينا منڊل جو هيمون ڄڻ ڪه دماغ هو، هن جا ڪارڪن هر وقت آزادي جي ساٿين سان لهه وچڙ ۾ هئا. هيمون جڏهن ريل جي پٽڙي ٽوڙڻ جو منصوبو جوڙيو هو هن سان گڏ ۲۸ ڄڻا هئا، رات جو سکر جي بسڪوٽ جي ڪارخاني ڀرسان هيمون ۽ ان جي ساٿين اوزارن سان ڪم شروع ڪيو پر ڪارخاني جو چوڪيدار کين ڏسي ويو، جنهن وڃي پوليس کي فون ڪيو. پوليس کي ايندو ڏسي هيمون جا ساٿي ڀڄي ويا پر هي نوجوان پنهنجي ڪم کي لڳو رهيو ۽ پڪڙجي پيو. هن کي سکر جي مرڪزي جيل ۾ رکيو ويو، جيڪو ۱۹۰۶ع ۾ تعمير ٿيو هو. هن تي ٽارچر ٿيو، ساٿين جا نالا ٻڌائڻ ۽ گواهه بڻجڻ تي کيس آزادي جي آڇ ڪئي وئي، پر هن ڪجهه به نه ٻڌايو. سنڌ ۾ مارشلا هئڻ ڪري هيمو جو ڪيس به اسپيشل ٽربيونل ۾ هليو. هيمون کي وڪيلن سمجهايو ته اوهان ڪڏهن به اقبال جرم نه ڪجو پر هيمون ڪنهن جي به نه ٻُڌي. حيدرآباد جي فوجي هيڊڪوارٽرمان ڪمانڊر لارڊ لاروني هيمون جي ڦاسي جا حڪم سکر جيل جيلر کي موڪليا. هيمون جي مائٽن کان وٺي سنڌ جي اهم شخصيتن جن ۾ ڄيٺي سپاهميلاڻي، جمشيد مهتا، ساڌو ٽي ايل واسواڻي،  جهڙن شخصيتن دهلي جي وائسراءِ لارڊ لنٿگو کي هن معصوم تي رحم جي اپيل ڪئي ، ۽ کيس يقين ڏياريو ويو ته هيمون لکت ۾ معافي وٺندو پر هيمون معافي نه ورتي، بقلم پير علي محمد راشدي ته ڪيتري وقت تائين ڦاسي جي سزا کي ليٽ ڪيو ويو، شايد هي نوجوان پنهنجي عمل تي پڇتائي معافي وٺي جيئن کيس آزاد ڪيو وڃي. پر هن ڦاسي جي ڦندي تائين سرڪار اڳيان سر نه جهڪايو. لکندڙ لکن ٿا؛ جڏهن هيمون جي ارٿي کنئي وئي، تڏهن نئين ۽ پُراڻي سکر جي ڪل آبادي ۴۰ هزار هئي، پر ارٿي ۾ شامل سوڳوار لک کان مٿي هئا. هيمون جي خاڪ کي سنڌو ۽ گنگا ۾ لوڙهيو ويو. هيمون جي ڦاسيءَ تي جواهر لال نهرو سخت افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ هن سنڌ اچي هيمون جي خاندان سان تعزيت ڪئي.

هيمون جا مائٽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندستان جي رياست راجستان ڏانهن هليا ويا. جتي پيسو ڪالاڻي سنه ۱۹۶۲ع ۾ ديهانت ڪري ويو. جڏهن ته هيمون جي ماتا شريمتي ڄيٺي مائي ڪالاڻي سيپٽمبر ۱۹۸۶ع ۾ ديهانت ڪري وئي. هندستان جي وزيراعظم جواهر لال نهرو ڄيٺي مائي سان ملاقات ڪئي هئي، کيس سونو تمغو ڏيندي ۽ سنڌو ماتا جو خطاب ڏنو ويو، جيئن ڀڳت سنگهه جي ماتا کي هندستان وارن پنجاب ماتا جو خطاب ڏنو هو. پنجاب ماتا سنڌو ماتا سان ملڻ راجستان آئي هُئي.

هيمون ڪالاڻي جي گرفتاري ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۴۲ع ۾ ٿي، ڦاسي جي سزا ۲۱ ڊسمبر ۱۹۴۲ع ۾ ٻڌائي وئي. اُن کي اڄوڪي ڏينهن ۲۱ جنوري ۱۹۴۳ع ۾ بغاوت جي ڪيس ۾ ڦاسي ڏني وئي. هي اُهي ڏينهن هئا جڏهن شهيد سورهيه بادشاهه تي به حيدرآباد جيل ۾ ڪورٽ مارشالا تحت مقدمو هلي رهيو هو. شهيد سورهيه بادشاهه کي ٺيڪ ٻه مهينا بعد ڦاسي ڏني وئي، پر افسوس شهيد جو جسد خاڪي وارثن حوالي نه ڪيو ويو. هندستان ۾ هيمون ڪالاڻي جي ياد ۾ ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۸۳ع ۾ يادگار ٽڪلي جاري ڪئي وئي. اُن کان علاوه لوڪ سڀا ۾ هيمون جو يادگار مجسمو به جوڙيو ويو.

 


 

هيمون ڪالاڻي

الطاف شيخ

هيمون ڪالاڻي هيمون (اصل نالو راهي هيمن) ۱۱ مارچ ۱۹۲۴ع تي سکر جي شهر ۾ پسومل ڪالاڻي جي گهر ۾ ڄائو. گهر ڀاتي کيس پيار مان هيمون سڏيندا هئا. پاڻ تحريڪ آزادي جو سورهيه ۽ سچو سپاهي ٿي گذريو آهي. هن وطن جي آزاديءَ خاطر انگريز سرڪار سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ۱۹ ورهين جي ڄمار ۾ ڦاهي کي چمي ڏئي پنهنجو سر ڏنو ۽ پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو.

هيمون ڪالاڻي، پرائمري تعليم لوڪمانيه تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر مان حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. جڏهن مئٽرڪ ۾ پهتو ته هن سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. اهو ۱۹۴۱ع وارو زمانو هو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ انگريزن خلاف نفرت جا مچ پئي ٻريا. هيمونءَ پنهنجي ساٿين سان گڏ دادا ٿانورداس گدومل جي اڳواڻيءَ هيٺ برٽش حڪومت جي ظالم سماج خلاف بغاوت شروع ڪئي. ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۴۱ع تي هيمونءَ کي خبر پئي ته انگريز فوج سان ڀريل هڪ ريل گاڏي جنهن ۾ بارود پڻ رکيل آهي، سا روهڙي سکر کان ٿيندي ڪوئيٽا وڃڻ واري آهي، جنهن وسيلي سرحد ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي ڪچليو ويندو. هيمونءَ پنهنجن ساٿين سان پروگرام ٺاهيو ته ريل جا پٽا اکيڙي ريل کي ڪيرايو وڃي. مقرر وقت تي جڏهن هيمون ۽ ان جا ساٿي اهو ڪم ڪري رهيا هئا ته هڪ پوليس واري جي مٿن نظر پئجي وئي. هيمونءَ جا ساٿي ته ڀڄي ويا پر هيمون جهلجي پيو. گرفتار ٿيڻ کانپوءِ ۲۲ ڏينهن پوليس مٿس طرح طرح جا ظلم ۽ سختيون ڪيون پر هيمون ڪجهه نه ڪڇيو. آخر انگريزن ان ڏوهه ۾ مٿس ڪيس هلايو، جيڪو چوڏهن مهينا هلندو رهيو. انگريزن گهڻو ئي چاهيو ته هي فقط پڇتاءُ ڪري ۽ معافي وٺي ته ڇڏي ڏينس پر هن ائين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. سندس ڪيس سکر مارشل لا ڪورٽ ۾ هليو، جتان جنم ٽيپ جو فيصلو ڪري حيدرآباد جي فوجي ڪمانڊر آفيسر ڪرنل رچرڊسن ڏانهن موڪليو ويو، جنهن ان سزا کي موت جي سزا ۾ بدلائي ڇڏيو. سنڌ جي اعليٰ سماجي ۽ سياسي شخصيتن هن نوجوان جي جان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ هيمون کي منٿون ڪندا رهيا ته هو رحم جي اپيل تي صحيح ڪري، پر هن رحم جي اپيل ڪرڻ بدران عزت جي موت کي ترجيح ڏني. ۲۱ جنوري ۱۹۴۳ع جي صبح جو اسر مهل کيس سکر جي اسپيشل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي.

هيمون شيخ اياز جو همعصر چئي سگهجي ٿو. شيخ اياز هيمون جي جنم کان پورو هڪ سال اڳ مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور ۾ ڄائو هو. ممبئي ۾ هجڻ دوران مون کي اها به خبر پئي ته هيمونءَ جي هڪ ڀيڻ جيڪا اڃا حيات آهي ممبئي ۾ ئي رهي ٿي.

هيمو ڪالاڻي جو جنم ۲۳ مارچ ۱۹۲۳ع تي پراڻي سکر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي جو اصل نالو راهي هيمن هو، جڏهن ته هيمون کيس پيار مان ڪوٺيو ويندو هو.

جڏهن سموري هندستان ۾ آزادي لاءِ ويڙهه جاري هئي ۽ ان وقت جا سورما پنهنجي ڌرتي ماءُ جي آجپي لاءِ جانين جا نذرنا ڏئي رهيا هئا تڏهن سکر جي هن نوجوان ۾ پڻ سنڌ جي آزاديءَ جي چڻنگ دکيل هئي. سال ۱۹۴۲ع جو دور هو تڏهن سنڌ ۾ ”حر تحريڪ“ زورن تي هئي جڏهن ته وچ هندستان ۾ مهاتما گانڌي هندستان خالي ڪريو واري تحريڪ هلائي رهيو هو. اهو اهڙو جذباتي دور هو جو ماڻهن جي دلين ۾ انگريز سامراج لاءِ نفرت جا آڙاهه پئي ٻريا. اهڙن پڙاڏن کان سکر جو هي نوجوان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ان وقت هيمون ڪالاڻي اڃا هاءِ اسڪول جو شاگرد هو. سندس دل ۾ آزادي جي تڙپ ۽ انگريزن خلاف ڌڪار هن کي بيچين ڪري وڌو هو.

اها ۲۳ آڪٽوبر جي رات هئي جڏهن خبر پئي ته فوجين سان ڀريل هڪ خاص ريل گاڏي اچي رهي آهي جيڪا سکر کان اڳتي گولابارود کڻي ويندي. هيمون کي ڄاڻ هئي ته اهو گولابارود ۽ انهي ريل گاڏيءَ ۾ سوار فوجي آزاديءَ جي متوالن لاءِ عتاب ۽ قهر ثابت ٿيندا. جنهنڪري هن ۽ سندس ساٿين انهيءَ ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو منصوبو رٿيو. هنن گڏجي وڃي ريل جي پٽڙي کي اکيڙڻ شروع ڪيو، ٺيڪ ساڳي وقت تي هڪ سپاهي نالي فيروز خان کين ڏسي ورتو، هيمون جا سمورا ساٿي ڀڄي ويا پر هميون ڪالاڻي پڪڙجي پيو. هيمون ڪالاڻي تي بي انتها تشدد ڪيو ويو، ان وقت ۾ جيڪي تشدد ڪري ڏوهه مڃرائڻ ۽ ايذائڻ جا طريقا موجود هئا اهي هن ڳڀرو نوجوان تي آزمايا ويا. تشدد ڪندڙن کي صرف انهن نالن جي ڄاڻ گُهربي هئي جيڪي ٽرين جي پٽڙي اکيڙڻ وقت ساڻس گڏجي آيا هئا پر هن آخر تائين ڪنهن به ساٿيءَ جو نانءُ زبان تي نه آندو.

لاڳيتو ۲۲ ڏينهن تائين تشدد ڪرڻ بعد هيمون ڪالاڻي کي نيٺ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو بيان دوران چيائين ته مون ريلوي لائن کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيو ته جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر منهنجي بدقسمتي جو ناڪام ٿيس. آخر سرڪار کيس ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا شايد هڪ نابالغ ٻار کي ڏنل پهرين موت جي سزا هئي. هيمونءَ جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي موڪليو ته هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملي ويندي. پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءَ هجي پوءِ معافي ڇا جي؟ جڏهن سندس ماءُ ساڻس ملڻ آئي ته هن به کيس اها ڳالهه ڪئي ته معافي نامي تي صحيح ڪري ڏي پر هن سورهيه نوجوان ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

چون ٿا ته هو جيل ۾ خوش رهندو هو، کيس ٻڌايل ڦاسيءَ جي سزا جو ڪو به خوف نه هو. اتي اڪثر چوندو رهندو هو ته هنن فرنگين کي هن ديس مان ڀڄائڻو آهي، جي آزاد ٿيس ته ان کان به وڌيڪ ڪم ڪندس جي نه ته پوءِ هڪ بهادر جو موت مرندس. هيمون ڪالاڻيءَ کي پاڻمرادو معافي نه ڏني وئي، ۲۱ جنوري ۱۹۴۳ع ڌاري هيمون ڪالاڻي پنهنجي عمر جي حساب سان اڃا نابالغ هو جڏهن کيس ڦاسي ڏني وئي. سچ پچ ته هيمون ڪالاڻي اسان سنڌين جي تاريخ جو فخر جوڳو، اُتساهيندڙ ۽ عظيم ڪردار آهي. اهڙي سورهيائي ۽ ثابت قدمي جو مثال شايد دنيا ۾ نه ملي سگهي جو هڪ معصوم ٻار تخته دار تي ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمي موت قبول ڪيو هجي.

(بشڪريه سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام؛ الطاف شيخ جي ڪتاب بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ تان ورتل)


 

اچو، شهيد ھيمون ڪالاڻي کي ياد ڪيون

شاھد جتوئي

۲۱ جنوري سنڌ جي عظيم سپوت ۽ آزادي جي تحريڪ جي هيرو شهيد هيمون ڪالاڻي جي شهادت جو ڏينهن آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ ۲۱ جنوري جو ڏينهن خاموشي سان گذري ويو .هيمون ڪالاڻي کي ياد ڪرڻ لاءِ ڪا تقريب ۽ سرگرمي نه ٿي. انهي جي ابتڙ ڀارت ۾ هر سال وانگر هن سال به هيمون ڪالاڻي جي شهادت جو ڏينهن انتهائي جوش خروش سان ملهايو ويو. نه رڳو ڀارت جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ٿيون پر ڀارتي حڪومت به شهيد هيمون ڪالاڻي يادگيري ٽڪيٽ جاري ڪئي. نئين دهلي ۾ پارليامينٽ جي ٻاهران شهيد هيمون ڪالاڻي جو مسجموبه لڳايو ويو. هونئن به ڀارت جي ڪيترن ئي شهرن ۾ شهيد هيمون ڪالاڻي جا مجسما لڳل آهن. بي شمار روڊن، گلين، چوواٽن ۽ عمارتن کي هيمون ڪالاڻي جي نالي سان منصوب ڪيو ويو آهي. شهيد جي نالي سان ڪيتريون ئي تنظيمون به ڪم ڪري رهيون آهن. ڀارت جي عوام ۽ رياستي ادارن جنهن نموني سنڌ جي هن عظيم پٽ کي پنهنجو ڪيو آهي يا انهي تي پنهنجو حق جتايو آهي، ايئن اسان نه ڪري سگهيا آهيون.

سکر ۾ هڪ پارڪ انهي جي نالي سان منصوب هو انهي جو نالو به تبديل ڪري “قاسم پارڪ “ رکيو ويو آهي. هيمون ڪالاڻي پارڪ کي قاسم پارڪ ٺاهڻ ۾ ئي سڄي ڪهاڻي موجود آهي. جنهن کي بيان ڪندي به شرم ٿو اچي. انهي ڪهاڻي ۾ ئي اهي سڀ سبب موجود آهن جن جي بنياد تي اسان پنهنجي اصل هيروز کي ياد نه ٿا ڪيون. يا ايئن چئجي ته اسان پنهنجي قومي عظمت ۽ وقار کي وساري ٿا ويهون.

هيمون ڪالاڻي شهيد سنڌ جو پٽ هو. هو ۲۳ مارچ ۱۹۲۳ع ۾ سکر ۾ پيدا ٿيو. ۲۳ مارچ هيمون ڪالاڻي جي پيدائش جو ڏينهن جڏهن ته وادي سنڌ جي هڪ ٻئي عظيم حريت پسند اڳواڻ شهيد ڀڳت سنگهه جي شهادت جو ڏينهن آهي. هيمون ڪالاڻي وانگر ڀڳت سنگهه جو جنم ڏينهن ۽ شهادت جو ڏينهن به ڀارت ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي. انهن ٻنهي هيروز کي ڀارت جي تعليمي ادارن  جي نصاب ۾ پڙهايو ويندو آهي. شهيد هيمون ڪالاڻي برطانوي راڄ کان پنهنجي وطن کي آزادي ڏيارڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي.۲۱ جنوري ۱۹۴۳ع تي هن کي سکر جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي. انهي وقت هن جي عمر ۲۰ سال به نه هئي.ڦاسي کان پهرين برطانوي نوآبادياتي حڪمرانن سنڌ سميت سڄي هندستان ۾ سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا هئا، ڇو ته کين خدشو هو ته ڀڳت سنگهه وانگر هيمون ڪالاڻي جي ڦاسي تي به سخت ردعمل اچي سگهي ٿو.

سکر جي پيسو مل ۽ ڄيٺي بائي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هيمون ڪالاڻي ننڍپڻ ۾ ئي آزادي جي تحريڪ جو اهم ڪارڪن ٿي ويو هو. ننڍي عمر ۾ ئي هيمون ڪالاڻي پنهنجي دوستن سان گڏجي غير ملڪي شين جي بائيڪاٽ جي مهم ۾ حصو ورتو هو ۽ ماڻهن کي قائل ڪيو ته اهي ديسي شيون خريد ڪن. پوءِ هن برطانوي راڄ خلاف مظاهرن ۽ سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. هيمون ڪالاڻي ۱۹۴۲ع ۾ مهاتما گانڌي جي “انڊيا ڇڏيو” تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي.هن تحريڪ جو سنڌ ۾ ايترو ته گهڻو اثر هو جو برطانوي راڄ هتي معاملن کي قابو ڪرڻ لاءِ يورپي بٽالين جا خاص جٿا مقرر ڪيا. هيمون ڪالاڻي کي جڏهن خبر پئي ته اهي جٿا ۽ هٿيار کڻي ٽرين ۲۳ آڪٽوبر تي سکر مان گذرندي ته هن دوستن سان گڏجي ريل جي پٽڙي اکيڙڻ جي منصوبابندي ڪئي. هنن وٽ ڪي به اوزار نه هئا. هنن هڪ رسي سان ئي پٽڙي اکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. برطانوي فوجين کين ڏسي ورتو. هيمون ڪالاڻي موقعي تي ئي گرفتار ٿي ويو. هن تي جيل ۾ تمام گهڻو تشدد ٿيو.هن تي ڪيس هليو۽ هن کي موت جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو. سنڌ جي ماڻهن هيمون ڪالاڻي لاءِ وائسراءِ کي رحم جي اپيل ڪئي انهي اپيل تي وائسراءِ پاران اهو پيغام موڪليو ويو ته جيڪڏهن هيمون ڪالاڻي پنهنجي ٻين ساٿين جا نالا ٻڌائي ته کيس آزاد ڪيو ويندو پر هيمون پنهنجي ساٿين جا نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

آخرڪار ۲۱ جنوري ۱۹۴۳ع تي هيمون ڪالاڻي کي تخته دار نصيب ٿيو. انهي ڏينهن سڄي سکر ۾ ڏک ۽ سوڳ جي ڪيفيت هئي پر پاڻ هيمون تخته دار ڏانهن ويندي ڏاڍو خوش هو.هو ڀڳوت گيتا هٿ ۾ کڻي، مسڪرائيندي ۽ آزادي جا نعرا هڻندي پاڻ تخته دار تي چڙهيو ۽ سدائين لاءِ امر ٿي ويو. وطن جي آزادي لاءِ شعوري طور تي پنهنجي زندگي قربان ڪندڙ هن خوبصورت نوجوان هيمون ڪالاڻي شهيد جو اسان تي فرض آهي ته جڏهن به اسان پنهنجي ڌرتي سان محبت ۽ پنهنجي مٽي جي خوشبو کي محسوس ڪيون ته اسان هيمون ڪالاڻي کي ياد ڪيون. پنهنجي ايندڙ نسلن کي پنهنجي هن عظيم هيرو جي باري ۾ ٻڌايون ته هن جي سبب ئي اسان هڪ عظيم قوم آهيون ۽ اسان جي مٽي غلامي کي قبول نه ٿي ڪري.اهو اسان تڏهن ئي ڪري سگهون ٿا جڏهن اسان انهي ذهنيت مان نڪرنداسين جيڪا هيمون ڪالاڻي پارڪ جو نالو تبديل ڪري قاسم پارڪ رکي ڇڏيندي آهي. اسان کي قاسم پارڪ جو نالو رکڻ تي ڪو اعتراض ناهي ڪنهن ٻئي پارڪ جو نالو قاسم پارڪ رکي سگهجي پيو، هيمون ڪالاڻي پارڪ جو نالو رهڻ ڏنو وڃي ها. سنڌ تي حملو ڪري انهي کي عربن جي قبضي ۾ ڏيڻ وارو ابن قاسم ڪجهه ماڻهن جو هيرو ٿي سگهي ٿو پر سنڌ ۽ هند جي آزادي لاءِ جان قربان ڪرڻ واري هيمون ڪالاڻي جي عظمت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. شهيد هيمون ڪالاڻي کي سلام.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)




هيمون ڪالاڻي

ننڍي کنڊ جي تاريخ جو اڻ وسرندڙ ڪردار

آصف رضا موريو

بريصغير تي انگريزن جي ظلم و ستم خلاف هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آزادي پسند انسانن طرفان بغاوتن ڪر کنيا جن جي همٿ، مردانگي ۽ جدوجهد جو نتيجو اسان جي موجوده آزادي آهي. انهن خوشين ۽ خواهشن کي تياگ ڪري پنهنجي پيرن هيٺان موجود مٽيءَ ۽ ان تي وسندڙ ماڻهن کي غلامي جي ڌپيري مرض مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ زندگيون قربان ڪيون. پاڪستان کي ملندڙ آزادي کان سوين سال اڳ کان برطانوي تسلط خلاف هندستاني فدائين جي هڪ ڊگهي، چچريل ۽ صبر آزما تاريخ آهي جنهن کي جوڙڻ واري هر نسل، مذهب ۽ فڪر سان متعلق هزارين حب الوطن حريت پسندن منجهان هيمون ڪالاڻي جو نالو مٿاهون آهي جيڪو زندگي جي آخري ساهه تائين پنهنجي ڌرتي جي آزادي لاءِ طاغوتي قوتن خلاف وڙهندو رهيو.

سنڌو درياهه جي لٽ مان اڀرندڙ شهر سکر جي رهواسي هن نوجوان ڇوڪر هيمن داس عرف هيمو ڪالاڻي پنهنجي بهادر جدوجهد سان سرفروشي ۽ قرباني جو اهڙو شاندار مثال قائم ڪيو جنهن جي ڪري اڄ هو پنهنجي ڌرتي جو معتبر ترين آزادي پسند انقلابي رهنما سڏجي ٿو.

هيمون ڪالاڻي جي پيدائش متعلق تاريخي ڪتابن ۾ گهڻيون الجهنون ملن ٿيون. ڪجهه دوست لکن ٿا ته سندس جنم ۱۱ مارچ ۱۸۲۳ع ڌاري برطانوي دورِ حڪومت ۾ پراڻي سکر ۾ ٿيو جڏهن ته ٻين ڪجهه لکارين هيمون جو جنم ۲۳ مارچ ۱۸۲۳ع لکيو آهي. اسان جي دوست ممتاز بخاري جو لکڻ آهي ته “هيمون ڪالاڻي جي ڄم جي تاريخ سندس اسڪول جي داخلا رجسٽر مطابق ۲۲ فيبروري ۱۸۲۳ع آهي جيڪا سچ مڃڻ لاءِ اهو دستاويزي ثبوت ڪافي آهي”. هيمون جي والد جو نالو پيسومل ۽ والده ڄيٺي ٻائي هئي. کيس ڀينرون ۽ ڀائر پڻ هيا جيڪي ورهاڱي کان پوءِ والده ۽ خاندان جي ٻين ڀاتين سان گڏ هندستان هجرت ڪري ويا هيا جن متعلق اتان جي اخبارن يا وري اسان وٽان ايندڙ ويندڙ لکارين ذريعي خبرون چارون ملنديون رهنديون هيون جيڪي بعد ۾ اچڻ بند ٿي ويون.

هيمون ڪالاڻي ڀلي ڪاٺي جو برجستو نوجوان هوندو هيو جيڪو سکر جي ڪرشنا منڊل اکاڙي ۾ باقاعدگي سان ڪسرت ڪندو ڪشتي وڙهندو هيو. سندس دوستن جا انٽرويو پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته “هيمون بهترين تارو پڻ هيو جيڪو واندڪائي دوران سنڌو درياهه ۾ ترڻ ۽ وهنجڻ ويندو رهندو هيو”. هيمون پرائمري تعليم لوڪمانيه تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر مان حاصل ڪئي جتي ڏهين جماعت ۾ پڙهڻ دوران پنهنجي ڪجهه عزيزن ۽ دوستن جي انگريزن خلاف هلندڙ جدوجهد کان متاثر ٿيندي هن پڻ سياسي ۽ باغي سرگرمين ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيو جنهن جي شروعات آل انڊيا اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي هڪ هيٺين شاخ سواراڄ سينا ۾ شموليت اختيار ڪرڻ سان ڪئي.

هيمون ڪالاڻي جي انقلابي تربيت تي سندس چاچي ڊاڪٽر منگهارام ڪالاڻي جو تمام گهڻو اثر رهيو جيڪو سکر ۾ ڪانگريس جو طاقتور داعي هئڻ سان گڏ سواراڄ سينا جو خاص اڳواڻ ۽ برطانوي تسلط جو سخت مخالف هوندو هيو. مشهور انقلابي پرچووڌيارٿي، عنشي وڌيارٿي ۽ ڦيرومل وغيره سان گڏجي به هيمون دشمنن خلاف بيشمار ڪاروائيون ڪيون جن جي دليري، حب الوطني ۽ قوم پرستي هيمون جي اندر انقلابي مندر تيار ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي. ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي سان منهنجون هزارين ڪچهريون رهيون. هو اڪثر ڪري پرچو، هيمون ۽ ٻين انقلابي رهنمائن جي سرگرمين متعلق گهڻو ڪجهه ٻڌائيندو رهندو هيو.

هيمون کي ڦاسي لڳڻ واري سال پرچووڌيارٿي (جنهن جو تعلق چندرشيکر آزاد ۽ ڀڳت سنگهه جي هندستان سوشلسٽ ريپبليڪن آرمي جي باقيات منجهان هيو) پنهنجون سرگرميون وڌائڻ لاءِ حيدرآباد هليو ويو جتي پوسٽ آفيس ۽ ڪافي ٻين سرڪاري عمارتن کي لٽڻ کان پوءِ ڪراچي وڃي آباد ٿيو. ۱۸۳۸ع کان ۱۹۴۳ع تائين واري ستن سالن تائين سنڌ بمبئي پريزيڊنسي جو حصو رهي ان لاءِ ڪراچي جي وشال انساني آبادي بمبئي جي ويجهو هئڻ سبب نه صرف انقلابي سرگرمين بلڪه باغين جي پناهه گاهن جو مرڪز پڻ هوندي هئي. ڪراچي ۾ رهندي پرچو پنهنجي دوستن سان گڏجي بينڪ آف انڊيا، ڪراچي جي جنرل پوسٽ آفيس ۽ ٻين سرڪاري اداران ۾ ڪامياب ڌاڙا هڻي پنهنجي انقلابي ساٿين جي مالي سهائتا ڪندو رهندو هيو. هڪ ڀيري ميرئيٽ روڊ بينڪ ڪراچي ۾ ڌاڙو هڻندي پڪڙجي پيو. ڪيس هلائي انگريزي سرڪار کيس ڦاسي جي سزا ڏني پر جلد ئي هو پنهنجي کولي جي نقلي چاٻي ٺهرائي جيل مان فرار ٿي ويو. ڦيرومل کي به بغاوت جي ڪيس ۾ ڦاسي جي سزا ڏني وئي.

آزادي جو دڳ وٺندي هيمون ڪالاڻي شروع شروع ۾ ساٿين جي مدد سان انقلابي رهنمائن طرفان انگريزي تسلط خلاف ڇپايل مواد واريون اخبارون، رسالا ۽ پمڦليٽ وغيره پنهنجي علائقي ۾ ورهائيندو رهندو هيو. مهاتما گانڌي جڏهن ڪراچي آيو ته هوشوسنتاڻي ساڻس ملڻ ويو جتي سکر جي ماستر رنگمل جي مدد سان گانڌي سان مليو جنهن سندس ڳالهيون ٻڌي پٺي ٺپيندي چيو ته “پنهنجي شهر ۾ عام ماڻهن کي انگريزي حڪومت خلاف تيار ڪري آزادي ملڻ تائين سول نافرماني ۽ احتجاج ترڪ نه ڪيو”. هوشو سکر واپس ايندي پنهنجي دوستن بشمول هيمون ڪالاڻي کي گانڌي جي نصيحت ٻڌائي جيڪي پهريون ئي سندس تحريڪ ۽ شخصيت کان متاثر هيا سي سندس سڏ ورنائڻ جي واٽ تي لهي پيا. هيمون پنهنجي ساٿين سان گڏجي سکر ۽ ان جي اوسي پاسي جي آبادين کي پرڏيهي شين جي استعمال خلاف بائيڪاٽ ڪندي ديسي شين جي واپرائڻ لاءِ همٿائيندو رهيو.

هيمون سياسي بصيرت، سماجي ڄاڻ، قومي شعور ۽ مظبوط دماغ وارو نوجوان هوندو هيو جنهن کي خبر هئي ته سندس ڌرتي ۽ ان تي رهندڙ انسانن سان ڪهڙا ڪلور ٿي رهيا آهن. برطانوي اهلڪارن جي ظلمن خلاف سندس سيني ۾ دکندڙ دونهي ڀڙڪندي ڀڙڪندي آتش فشان جي صورت اختيار ڪري چڪي هئي. سندس خيال هيو ته “عام قسم جي احتجاجن سان انگريزي سرڪار کي ڪجهه ڪونه ٿيندو ان لاءِ ڪجهه اهڙا انتهائي قدم کڻڻ ضروري آهن جن سان نه رڳو کين گهڻو مالي ۽ جاني نقصان ٿئي پر سندن دلين ۾ باغين جي ڪاروائين مان ڊپ ٿيڻ شروع ٿئي. ڌرتي دشمنن خلاف ٿيڻ واري هر محاذ جي حامي هن نوجوان پنهنجي ساٿين جي مدد سان سکر جي برطانوي چيف ڪليڪٽر جي دفتر تان يونين جيڪ ڪڍي ان جي جاءِ تي ڪانگريس پارٽي جو جهنڊو هنيو جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين شهر ۾ انگريزي انتظاميه پريشان رهي. بعد ۾ پنهنجون سرگرميون وڌائيندي باغين جي هن ٽولي سرڪاري جائدادن ۽ دفترن جا رڪارڊ جلائڻ شروع ڪيا. انهن ڪارواين ۾ سندن طريقو گوريلا ڪارواين جهڙو هوندو هيو.

هيمون ۽ سندس ساٿين بندر روڊ پوليس پوسٽ، سکر ريلوي اسٽيشن جي ويجهو واري پوليس پوسٽ ۽ غريب آباد پوليس پوسٽ تي بم ڦاڙي سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو. انهن سکر جي لوڪل ڪورٽ جي عمارت کي پڻ اڏائڻ جو منصوبو ٺاهيو پر بم واري بيگ تي هڪ ڪلرڪ جي نظر پئجي وئي جنهن کي ڊيفيوز ڪيو ويو. ان وقت تائين هيمون ۽ ان جي ساٿين طرفان انگريز سرڪار ۽ سندس مشينري خلاف ڪيل تمام ڪاروائين جو ماسٽر مائينڊ ڊاڪٽر منگهارام هوندو هيو. ۲۲ آڪٽوبر ۱۸۴۲ع واري ڏينهن منگهارام منصوبو جوڙيو ته “ايندڙ ڏينهن تي سکر کان ڪوئيٽيا ويندڙ برطانوي فوج جي ريل گاڏي ۾ ڌاڙو هڻي سازوسامان هٿ ڪرڻ بعد ان ۾ رکيل بارود کي باهه ڏئي ڇڏجي. ان ريل ۾ موجود جنگي هٿيارن ۽ بارودخاني سان سرحد جي پٺاڻن ۽ بلوچستان جي بلوچن جي انقلابي جدوجهد کي ڪچلڻ جي ڪم آندو وڃي ها. هي منصوبو هيمون ڪالاڻي سکر جي “پرڀات” سنيما ۾ فلم ڏسندڙ پنهنجي دوستن چندرڪيسواڻي، هوشو سنتاڻي، ٽيڪم ڀاٽيه ۽ هري ليلاڻي کي وڃي ٻڌايو.

۲۳ آڪٽوبر جي رات پنجن دوستن جو هي ٽولو سکر جي پراڻي گيٽ کان ٿورڙي فاصلي تي واقع منصوبي واري جاءِ تي پهچي ريلوي جي پٽڙي اڊيڙڻ ۾ لڳي ويا. جيئن ته هنن وٽ خاص اوزار ڪونه هيا ان لاءِ پهريان پٽڙين کي ڳري هٿوڙن سان ڌڪ هڻي ڪمزور پيا ڪن ته جيئڻ پيچ ڍلا ٿي سولائي سان کلي وڃن. ڪجهه دير گزري ته مٿن ٽارچ جي روشني پئي ۽ فيروزخان نالي هڪ پوليس واري ڪڙڪندڙ آواز ۾ کانئن پڇيو ته “ڪير آهيو ۽ ڇا ڪري رهيا آهيو؟”. مصيبت پوڻ تي هيمون جي چئني ساٿين موقع تان فرار ٿيڻ ۾ عافيت سمجهي جڏهن ته پٽڙيون اکيڙڻ ۾ مصروف هيمون پنهنجي دوستن جي سڏڻ جي باوجود پنهنجي ڪم کي لڳو رهيو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

ايندڙ ڏينهن اخبار ۾ خبر ڇپي ته “ڪوئيٽا ويندڙ ريل گاڏي کي ڪيرائڻ جو منصوبو ناڪام، هڪ باغي گرفتار”. اخبار ۾ اهو پڻ لکيل هيو ته “مترڪن جي ضربن جو آواز ٻڌي ڀرسان واري بسڪوٽ فيڪٽري جي گارڊ پوليس کي اطلاع ڪيو هيو ته ريلوي لائين تي ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي”. هري ۽ ٽيڪم ان خوف مان پراڻي سکر وڃي لڪا ته متان “هيمون تشدد نه سهي سندن نالا پوليس کي ٻڌائي”. ڪيسواڻي ۽ هوشو به شڪارپور وڃي ڪٿي لڪيا.

هيمون ڪالاڻي تي بغاوت جو مقدمو هلائي جيل جي ٽارچرسيل ۾ انسانيت سوز تشدد ڪيو ويو پر هن پنهنجي ڪنهن به ساٿي جا نالا يا منصوبي متعلق ٻڌائڻ کان نابري واري ڇڏي. هن جي ٽٽل هڏين واري چچريل جسم کي مسلسل ويهن ڏينهن تائين برف جي صليبن تي ليٽايو ويو ته جيئن هن جا حوصلا ٿڌا ٿين پر ديس سان غداري جو سبق هن جي سرشت ۽ مڪتب ۾ ئي ڪونه هيو. برف جي بدلجندڙ ۽ ڳرندڙ سرن جون رڳن کي ڄمائڻ واريون سخت ۽ سرد ادائون به هن سنڌي جوان جي ارادن کي بدلڻ ۾ ناڪام رهيون. پڇڻ وارا پڇندا رهيا.

سوال. توسان گڏ ٻيا ڪهڙا ساٿي ساڻ هيا؟

هيمون. مان اڪيلو ئي هيس.

سوال. توهان جو اڳواڻ ڪير آهي؟

جواب. هيمون.

سوال. توهان باغين جي مدد ڪير ڪير ڪندو آهي؟

جواب. سنڌ جا سمورا لوڪ ڪندا آهن ڪنهن ڪنهن جو نالو وٺان.

سوال. توهان جي تخريبي ڪارواين جو مقصد ڪهڙو آهي؟

جواب. توهان فرنگين کان پنهنجي ڌرتي کي پاڪ ڪرڻ.

سوال. توهان کي اهڙي حرڪتن ڪرڻ سان ڇا ملي ٿو؟

جواب. توهان گورن کي پرائي ڌرتي تي قبضي ڪرڻ مان ڇا حاصل ٿئي ٿو.

سوال. ته تون ڪونه ٻڌائيندي ته تنهنجا ٻيا ساٿي ڪهڙا هيا؟.

جواب. ٻڌايو ته آهي ته مان اڪيلو هيم.

هيمون وٽ برطانوي ڪارندن جي هر سوال جو جواب “هيمون” هيو. ڪيترن ڏينهن جي تشدد ڪرڻ کان پوءِ به نه ٽٽندڙ هيمون کي هڪ انگريز افسر چيو “ٺيڪ آهي مڃون ٿا ته تون اڪيلو ئي ريل جي پٽڙي اکيڙي رهيو هئين پر هاڻي جيڪڏهن تون معافي نامو لکي ڏين ۽ “اڳتي اهڙي سرڪار خلاف ڪا حرڪت نه ڪرڻ جو وعدو ڪندين ته اسان توکي آزاد ڪري ڇڏينداسين”. انگريزي سرڪار کي پنهنجي حوصلي آڏو جهڪندي ڏسي ڪنڌ کڻي اکين جي پنبڙين تي جمع خون هٿ جي پٺ سان اگهي مسڪرائيندي چيس ته “جيڪڏهن مان آزاد ٿيس ته هتان نڪرڻ کان پوءِ پنهنجو اڌورو ڪم وري اتان ئي شروع ڪندم ۽ تيسيتائين آرام سان نه ويهندم جيسيتائين توهان جا ناپاڪ قدم منهنجي ڌرتي تان نڪري نه ٿا وڃن”.

سوال. ته تون ڪونه مڃيندين؟

هيمون. ڪڏهن به نه.

سوال. پڇتائيندين

جواب. جيڪي وڻئي سو ڪر.

گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ٻاويهه ڏينهن تائين انڊين امپيريئل پوليس جي مختلف هرڪارا هيمون تي هر قسم جو تشدد ڪري سندس ساٿين ۽ ٻين منصوبن متعلق پڇندا رهيا. سندس حوصلا ٽوڙڻ جا انسانيت سوز حربا آزمايا ويا. کيس ڪيترا ڏينهن بکيو اڃارو رکيو ويو، سندس هڏيون ٽوڙيون ويون، سموري جسم کي لوهه جي گرم سيخن سان داغيو ويو، بي رحم ڦٽڪا هنيا ويا، هٿن پيرن جا ننهن اکيڙيا ويا، جسم کي خنجرن سان چير ڏئي انهن ۾ لوڻ ڀريو ويو پر تشدد ڪندي ڪندي جڏهن برطانوي مشينري هن اروڙ ونسي نوجوان جي ڇاتي کي چيري پنهنجي مطلب جي ڪا ڳالهه ڪڍڻ ۾ ڪامياب نه ٿي ته مارشل لا تحت مٿس بغاوت جو ڪيس هلايو ويو جيڪو هڪ سال کان به گهڻي عرصي تائين هلندو رهيو.

ان وقت تائين سنڌ ۾ وڌندڙ انقلابي سرگرمين سبب مارشل لا لڳائي ميجر جنرل رچرڊسن کي سنڌ جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو هيو جنهن جون باغين متعلق فوجي پاليسيون تمام سخت هونديون هيون جن کي پڪڙڻ بعد ڪيترن ڏينهن تائين تشدد ڪندي کين ڦاهي ڏني ويندي هئي يا اسڪواڊ حوالي ڪري گولين سان پروڻ ڪيو ويندو هيو يا وري ڪجهه کي توپ جي گولن سان اڏايو ويندو هيو. ايترو سڀ ڪجهه رڳو باغين کي سبق سيکارڻ لاءِ ڪيو ويندو هيو ته جيئن اهي بغاوت کان باز اچن.

هيمون تي خاص ٽريبيونل ۾ هلندڙ ڪيس دوران سندس وڪيلن عبدالستارپيرزادو، ننديرام واڌواڻي ۽ ساڌورام ڪالاڻي عدالت ۾ کيس “مان ڏوهاري ناهيان”، چوڻ جي هدايت ڪندا رهيا پر بيل ڪڙين ۽ هٿ ڪڙين ۾ جڪڙيل هن جوان هر دفعي پڇڻ تي سينو تاڻي چيو ته “مون اهو ڏوهه ڪيو آهي ۽ ان تي مون کي ڪابه شرمساري ڪونهي”. سندس جيل جي ساٿين جي ڇپيل انٽرويوز ۾ پڙهندا رهيا آهيون ته “ڦاسي جي سزا ملڻ ۽ ڦاسي ملڻ تائين هيمون انتهائي پرسڪون رهندو هيو. هو نه رڳو دوست يارن سان کلندي ڪچهريون ڪندو رهندو هيو پر جيل انتظاميه سان به سندس بردباري ۽ تحمل وارو رويو رهيو”. کيس ڏسندڙن جا بيان آهن ته “ڦاهي گهاٽ طرف ويندي به سندس چهري تي مسڪراهٽ هئي ته هٿن ۾ ڀگود گيتا جنهن کي هو جيل ۾ به وقت گذاري لاءِ پڙهندو رهندو هيو”.

هيمون کي ملڻ واري ڦاهي جي سزا کان پوءِ وڪيلن صلاح ڪري سندس مامي کي معافي نامي تي راضي ڪرائڻ لاءِ جيل موڪليو جنهن کيس گهڻو سمجهايو ته “اجايو هٺ ڇڏي انگريزن کان معافي وٺي عزت جي زندگي گذار ته جيئن تنهنجي شادي به ڪرايون”. پر هيمون پنهنجي مامي جون ڳالهيون تحمل سان ٻڌي کيس وراڻيو ته “ماما غلامي جي زندگي به ڪا عزت جي زندگي آهي. مان پنهنجي ڌرتي تي قابض ڌارين کان ڪيئن ٿو معافي وٺي سگهان ۽ ها منهنجي شادي تڏهن ٿيندي جڏهن هي ملڪ آزاد ٿيندو”. اهو چوندي سندس سنگلاخ چهري تي پڇتاو جو ڪوبه احساس ڪونه هيو”. هن کولي جي دروازي تي چوڪس بيٺل سنتري کي گهوريندي مامي کي چيو “انگريزي تشدد سان منهنجون هڏيون چورچور ضرور ٿيون آهن پر منهنجا حوصلا اڃان به سلامت آهن”.

 هيمون مان نامراد واپسي ڪندي سندس مامي پنهنجي ڀيڻ (هيمون جي ماءُ) کي سمجهائڻ لاءِ موڪليو جنهن جي هيمون تمام گهڻي عزت ڪندو هيو تنهن پڻ پنهنجي موڀي پٽ کي گهڻو سمجهايو ۽ هو ڪنڌ جهڪائي کيس ٻڌندو رهيو پر جڏهن ڄيٺي ٻائي خاموش ٿي ته هيمن کيس پيار سان سمجهايو، “امڙ تون مون کي سموري ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ مڪرم آهين پر هيءَ ڌرتي به منهنجي ماءُ جيان آهي جنهنجو مرتبو ۽ فرض مون کي توکان به اتم ۽ اهم آهي. اگر توتي ڪوبه شخص ناجائز قبضو ڪري ته مون جهڙي پٽ کي ڇا ڪرڻ گهرجي ها”. هيمون کي پيار مان ڏسندڙ ماءُ وٽ سندس سوال جو ڪوبه جواب ڪونه هيو. کيس خاموش ڏسي هيمون عرض رکيو “، امڙ منهنجي رڳن مان وهندڙ رت مان مون کي تنهنجي کير جي خوشبو اچي ٿي مان ڪيئن ان جو فرنگين سان سودو ڪيان، بس تون مون کي دعا ڪجانءِ ته جيئن منهنجو حوصلو نه ٽٽي جو مان پنهنجي ڌرتي تي قبضو ڪندڙ استحصالي قوتن خلاف حالتِ جنگ ۾ آهيان هر هر اچي مون کي ڪمزور نه ڪيو جو مان هڪ محبِ وطن ۽ بهادر ڌرتي ڌڻي طور مرڻ چاهيان ٿو”.

 سندس وڪيلن ۽ ملڪ جي معزز شخصيتن طرفان موڪليل رحم جي اپيلن کي مدِ نظر رکي ۽ هيمون جي نوجواني کي ڏسندي عدالتي ٽريبيونل کيس ڏهن سالن جي سزا ڏئي فيصلو سنڌ جي فوجي هيڊڪوارٽر حيدرآباد موڪليو جتي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ميجرجنرل رچرڊسن ڏهن سالن جي ٽيپ کي سزائي موت ۾ تبديل ڪيو. هيمون جي وڪيلن کان علاوه ڪراچي جي ميئر جمشيد مهتا، ساڌو ٽي ايل واسواڻي، ساڌٻيلي جي سوامي هرنام داس وغيره پڻ برطانوي سرڪار کي سزا ۾ نرمي جون اپيلون ڪيون پر انهن تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ويو.

 ۲۰ جنوري ۱۹۴۳ع تي هيمون جي گهروارن کي ٽيليگرام ذريعي اطلاع ڪيو ويو ته “ٻئي ڏينهن کيس ڦآسي ڏني ويندي”. ۲۱ جنوري تي سندس احباب سکرجيل ۾ جمع ٿيا جتي پوليس جي وڏي نفري جي گهيري ۾ هيمون کي ڦاسي گهاٽ آندو ويو. سندس آيل عزيزن دوستن مان ڪجهه اداس هيا، ڪجهه روهڻهارڪا ته ڪجهه هڏڪيون ڏئي روئي رهيا هيا. هيمون سڀني کي مخاطب ٿيندي چيو، “توهان روئو ڇو ٿا مان ڪنهن چور اچڪي يا غدار جي موت نه ٿو مران. مون کي دعا ڏيو جو مان هن هڪ انقلابي آهيان”. بيل ڪڙين سان سينگاريل هيمون جيل جي سيخن کي مروٽا ڏيندي پنهنجي ڀاءُ کي چيو”مون جيڪو ڪم اڌورو ڇڏيو آهي تنهن کي پورو ڪجانءَ”.

 ڦاسي وقت حسبِ روايت جڏهن انگريزي افسر هيمون کان آخري خواهش پڇي ته هن پرسڪون لهجي ۾ چيس “توهان سڀئي منهنجي ملڪ مان نڪري وڃو”. سندس اڻ مندائتي جواب تي حيران ٿيندڙ افسر کي اکين ۾ گهوريندي هيمون وراڻيو،”توهان منهنجي آخري خواهش پوري ڪرڻ جي حيثيت نه ٿا رکو. تنهنجي سرڪار منهنجي جسم کي ڦاهي ڏئي سگهي ٿي پر نه مون کي ماري سگهي ٿي ۽ نه ئي منهنجي ارادن کي. مان سنڌ جي هر جوان جو روپ وٺي توهان جي خلاف محاذ بيهاريندم ۽ پنهنجي ڌرتي تان ڀڄائي ساهه پٽيندم”.

 . . . . . . . ۽ پوءِ سنڌ جي هن بهادر پٽ جي چهري تي ڪارو ماسڪ چاڙهي جڏهن ڦاهي جو رسو ڳچي ۾ سوگهو ڪيو ويو ته هيمون آيل ساٿين جي هجوم مان اٿندڙ نعرن جا زور سان جواب ورنايا ته “انقلاب زنده آباد يونين جيڪ مرده آباد”. . . . . . ايتري ۾ سندس پيرن هيٺان ڄڻ ته زمين نڪري وئي ۽ عصر ڌاري اڻويهه سال، يارنهن مهينا ۽ هڪ ڏينهن جي عمر رکندڙ سنڌ جو هي انقلابي پٽ پنهنجي ڌرتي جو تحفظ ڪرڻ جي پاڪيزه ڏوهه ۾ ڦاهي جي رسي تي پينگهي جيان لڏي ويو.

 همت، جرئت ۽ بهادري جي علامت بڻيل هي نوجوان جنهن جي چهري تي اڃان پوري طرح سان ڏاڙهي به ڪونه آئي هئي تنهن برطانوي حڪومت جي تمام مشينرين ۽ هٿڪنڊن سامهون چوڏهن مهينن تائين هر قسم جي تشدد جو مرداڻي واري مقابلو ڪري کين ناڪامي ۽ نامرادي جو منهن ڏيکاريندي چتاوڻي بڻجي جيئندو رهيو پر مرڻ کان پوءِ به صدين تائين سندن تاريخ تي ناڪامي جي هڪ بدنما داغ جيان جڙيل رهيو. هيمون جي گهروارن کان ڦاهي جي هڪ هزارا روپيه فيس گهري وئي (جيڪا ڀرڻ کان پوءِ وارثن لاش ڏئي ويندي هئي) پر غريب هئڻ ڪري ڪونه ڀري سگهيا جيڪا پڻ سکر جي هڪ شهري ادا ڪئي تڏهن قريبن ڦاهيءَ جي ڏهن ڪلاڪن کان پوءِ شام جو ۴ وڳي ۳۰ منٽن تي سکر جيل جي ملٽري ٽرڪ ذريعي وارثن کي هيمون شهيد جي ميت ڏني وئي جنهن کي پراڻي سکر جي شمسان گهاٽ واري ميدان ۾ جمع هزارين چاهيندڙن جي هجوم ۾ انتم سنسڪار ڪيو ويو.

هيمون ڪالاڻي جي شهادت کان پوءِ سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻي رهي جتي جلوس جلسا ڪڍيا ويا. بريصير جي بيشمار آزادي پسند اڳواڻن هيمون جي وارثن سان عذر خواهيون ڪيون جن ۾ جواهر لال نهرو به شامل هيو. سڀاش چندربوس جي آزاد هند پارٽي جي ڪيپٽن گربخش سنگهه ڍلون پڻ هيمون جي والده جي عزت افزائي ڪندي کيس پٽ لاءِ شجاعت جو گولڊ ميڊل ڏنو ۽ هيمون کي “سنڌ جو ڀڳت سنگهه” ڪوٺيو.

هيمون ڪالاڻي جي جدوجهد ۽ قرباني کي نه رڳو پنهنجي ملڪ ۾ پر پنهنجي صوبي سنڌ ۽ سندس شهر سکر جي انقلابي تاريخ ۾ پڻ نظرانداز ڪيو ويو آهي. سکر ۾ سندس نالي تي هڪ پارڪ منسوب هوندو هيو جنهن کي پڻ بعد ۾ اسانجي مجاهدن عربي لٽيري محمد بن قاسم جي نالي ڪري ڇڏيو. هندستان ۾ هيمون ڪالاڻي جو نالو خاص عزت ۽ احترام جي علامت طور سمجهندي کيس پنهنجي تاريخ جي اهم ترين حريت پسند انقلابين منجهان مڃيو ويندو آهي. اتي هر وڏي شهر جهڙوڪ، آگره، ناگپور، اديپور، راجسٿان، احمدآباد، اندور، مڌيه پريس، بيلاپور، بهاونگر، چتورڳڙهه، فيض آباد، ايوڌيا، جوڌپور، دهلي، الهاس نگر، گجرات وغيره ۾ هيمون ڪالاڻي کي مريادا ڏيڻ لاءِ سندس نالي تي بيشمار يادگارون، باغات، لائيبرريون، رستا، چوڪ، تعليمي ادارا ۽ ڪالونيون وغيره ٺاهيون ويون آهن ۽ ٺهنديون رهنديون آهن.

اتي مختلف شهرن ۾ هيمون ڪالاڻي جا مجسما پڻ آويزان ڪيا ويا آهن ۽ هر سال سندس سالگره ۽ ورسي پڻ احترام سان ملهائي ويندي آهي. هيمون جي هڪ سالگرهه واري ڏينهن تي هندستاني پرائيم منسٽراندراگانڌي سندس يادگار ڊاڪ اسٽيمپ پڻ جاري ڪيو هيو. ان يادگار تقريب جي پنڊال ۾ شهيد ڀڳت سنگهه ۽ هيمون ڪالاڻي جي والده گڏ ويٺيون هيون جتي ڀڳت سنگهه جي ماءُ ڄيٺي ٻائي کي پيار ۾ ڳراٽي پائيندي چيو ته “تنهنجي پٽ جو مرتبو منهنجي ڀڳتي (ڀڳت سنگهه) کان گهڻو مٿاهون آهي جو هن پنهنجي ڌرتي ماتا لاءِ ننڍپڻ ۾ جان جي قرباني ڏني”. سنڌ جي هن پٽ جي آزادي لاءِ ڪيل لازوال قرباني کي نذرانو ڏيندي ۲۱ آگسٽ ۲۰۰۳ع تي انڊين حڪومت پنهنجي پارليامنٽ جي سامهون سندس ٻارنهن فٽ ڊگهو مجسمو ٺهرائي بيهاريو ۽ ان تقريب ۾ ڀارت جي وزيرِ اعظم اتل بهاري واجپائي ۽ ڪانگريس جي صدر سونيا گانڌي کان علاوه بيشمار سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

بريصغير جي جنگِ آزادي کي زندگي ڏيندڙ هيمون ڪالاڻي جهڙا انقلابي ئي هيا جن جي جدوجهد ۽ قربانين جو نتيجو ئي هيو جنهن جي شروعات ۱۸۵۷ع واري جنگِ آزادي سان ٿي ۽ خاتمو ۱۹۴۷ع ۾ ٿيندڙ آزادي سان ٿيو. پنهنجي قوم جي سچي رهبرن، محسنن ۽ ڌرتي لاءِ جان قربان ڪرڻ واري بهادر پٽن کي مهذب قومون ڪڏهن ڪونه وسارينديون آهن بلڪه رهندي دنيا تائين سندس قربانين کي ياد ڪندي مان ارپينديون رهنديون آهن. اسان کي به گهرجي ته اسان جي نسلن جي آجپي ۽ آزادي لاءِ پنهنجو خون وهائي جان ڏيندڙ محسنن کي پنهنجي روين، ڪتابن، تاريخن ۽ نسابن ۾ زنده رکي پنهنجي تهذيب يافته هئڻ جو ثبوت ڏيون.

 

(ٻه-ھفتي افيئر ميگزين نومبر ۲۰۲۳ع ۾ ڇپيل)

1 comment:

  1. ماشاءالله ، شھيد لاء سرخ سلام پيش ڪريان ٿو ❤️🙌🏻

    ReplyDelete