; سنڌي شخصيتون: سيف، تنها، وقت، کان، وڇڙي، ويل، شاعر، ڊاڪٽر، مخمور، بخاري،
Showing posts with label سيف، تنها، وقت، کان، وڇڙي، ويل، شاعر، ڊاڪٽر، مخمور، بخاري،. Show all posts
Showing posts with label سيف، تنها، وقت، کان، وڇڙي، ويل، شاعر، ڊاڪٽر، مخمور، بخاري،. Show all posts

04 May, 2013

سيف بخاري ”تنها“ - ڊاڪٽر مخمور بخاري


سيف بخاري ”تنها“
وقت کان اڳ وڇڙي ويل شاعر
ڊاڪٽر مخمور بخاري
هالا جي مردم خيز مٽي مان ۲۰ فيبروري ۱۹۷۷ع تي جنم وٺندڙ سيد سيف الله شـاھ بخاري، ادبي دنيا ۾ سيف بخاري ”تنها“ جي نالي سان ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن هو ۴ مئي ۱۹۹۶ع تي هن دنيا کي الوداع چئي چڪو هو. هن جو جنم نج علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز بخاري هڪ تعليمي ماهر ۽ محقق جي سڃاڻپ رکندڙ آهي. جنهن جي نظر هيٺ سيـف ۱۹۸۱ع کان پــــنهنجي تعليم جو آغاز سگا جي روشن تارا اسڪول هالا کان شروع ڪيو ۽ ۱۹۸۷ع ۾ ايم جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا ۾ داخل ٿيو، جتي ۱۹۸۹ع ۾ اٺين ڪلاس ۾ سڄي اسڪول اندر ٽاپ ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ کيس، اسڪول طرفان سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊ ڏني وئي. اهڙيءَ طرح ۱۹۹۴ع ۾ انٽر پري انجنئيرنگ جو امتحان سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان ڏنائين ۽ حيدرآباد بورڊ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪيائين. جنهن جي صلي ۾ کيس تڏهوڪي وزير اعليٰ سنڌ سيد عبد الله شاھ طرفان پنج هزار روپيه انعام طور ڏنا ويا. ان کانسواءِ ان وقت جي گورنر ڪمال اظفر جي هٿان سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد طرفان ”سند“ ۽ پرائيز بانڊ انعام طور ڏنا ويا.