; سنڌي شخصيتون: سليم اڪبر قاضي - سهيل سانگي

09 May, 2013

سليم اڪبر قاضي - سهيل سانگي


سليم اڪبر قاضي
سنڌي صحافت کي جديد رنگ ڏيندڙ اهم شخصيت
سهيل سانگي
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته، ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين گروپ اڄ ميڊيا امپائر آهي. هي ميڊيا گروپ جنهن محنت ۽ ڏاهپ سان ٺهيو، اهو خود ميڊيا جي شاگردن لاءِ ڏاڍي سبق آموز ڪهاڻي آهي. عام ماڻهوءَ جا مسئلا توڙي قومي مسئلا کڻندي اهو گروپ اڳتي وڌندو ويو ۽ ترقي ڪندو ويو. ڪيترن هنڌن تي ستايلن جو ڀرجهلو به ٿيو ۽ نتيجي ۾ هن گروپ سان ماڻهن جون ڪيئي آسون، اميدون وابسته ٿي ويون. ايتري قدر جو هن گروپ جي اڳواڻ علي قاضيءَ جڏهن سياست جي ميدان ۾ اچڻ جو خيال ظاهر ڪيو ته ڪجهه حلقن طرفان ان جي سخت مخالفت ڪئي ويئي. مخالفت جي پويان وڏو ڪارڻ اهو هو ته سياست ۾ اچڻ سان گروپ جو اثر، ڪارڪردگي متان تبديل نه ٿي وڃي. يا اهو ته اهڙي اثرائتي سنڌي ميڊيا ڪٿي ويهي نه رهي. اها ته ٿي اڄ جي ڳالهه، آئون اڄ کان ۳۷-۳۸ سال پوئتي جي ڳالهه پيو ڪريان. جڏهن اهو ميڊيا گروپ ابتدائي شڪل به نه پر رٿابنديءَ واري مرحلي ۾ هو. پهرين واري اخباري اداري کان ڌار ٿيڻ بعد سياسي ۽ سماجي لاهن چاڙهن مان نڪرندي قاضي محمد اڪبر جي فيملي ميڊيا جو هڪ نئون وينچر ڪرڻ جو سوچيو. ان وينچر جي سربراهي سنڌ يونيورسٽي مان فزڪس ۾ ايم ايس سي پاس نوجوان سليم اڪبر قاضيءَ کي ڏني ويئي. سليم شاگرديءَ واري زماني ۾ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ليڊر هو. اها شاگرد تنظيم انڊر گرائونڊ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي ذيلي تنظيم هئي. سليم پاڻ به ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر رهيو. قاضي محمد اڪبر جو بنگلو بي-۲ سول لائينز، جنهن جي پٺئين دروازي واري هنڌان جتي هاڻي ڪاوش جي آفيس آهي. مهيني ۾ ۲-۳ دفعا، روپوش رهي ڪم ڪندڙ کاٻي ڌر جي ليڊرن يا شاگرد محاذ جي پارٽي دوستن جي اچ وڃ جو مرڪز بڻيل هوندو هو. پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل نازش امروهوي، ڄام ساقي، پروفيسر جمال نقوي ۽ ٻيا اڳواڻ يا وري شاگرد تنظيم سان تعلق رکندڙ دوست مهر حسين شاهه، هدايت حسين، احمد خان جمالي، تاج بلوچ، عارف پاشا، هلال پاشا، آئون ۽ ٻيا ڪيترا ئي همراهه شامل هئا. ڪچهريون به ٿينديون هيون. باقاعده پارٽي ميٽنگون به ۽ صلاح مشورا به. بنگلي جي اڳئين پاسي وارو ڪمرو جيڪو ٻئي ڀائر سليم ۽ اسلم قاضي شيئر ڪندا هئا، ان تي سليم قاضيءَ جي دوستن جو ئي قبضو هوندو هو. اسان ڪڏهن اسلم قاضيءَ جي دوستن کي هن ڪمري ۾ موجود نه ڏٺو. سليم مارڪسٽ نظريي تي هلندي پنهنجي زندگيءَ کي به سادو بڻائي ڇڏيو هو. ڪمري ۾ ٻن پلنگن جي جاءِ هوندي به رڳو هڪ پلنگ هوندو هو، جيڪو اسلم صاحب جو هوندو هو. سليم پَٽ تي سمهڻ کي ترجيح ڏني.

فلسفي، سياست ۽ ادب جو گهرو مطالعو رکندڙ سليم ٿڌي طبيعت جو مالڪ هو. سندس ذهن تجزياتي وڌيڪ هوندو هو. هو ڪنهن به مسئلي جا ٿڏي تي چار، پنج پاسا ڳولي وٺندو هو. سندس اها خوبي اسان دوستن کي گهڻو ڪم ايندي هئي ۽ ڪيترائي مسئلا حل ڪرڻ يا فيصلي سازي ۾ مددگار ثابت ٿيندي هئي. ستر واري ڏهاڪي کان سنڌ اندر مارڪسي تحريڪ ۾ گهڻي ڀاڱي هيٺئين يا وچولي طبقي جا نوجوان ايندا رهيا، پر ستر واري ڏهاڪي ۾ مارڪسي نظريو ۽ انهن جي حڪمت عملي ۽ طريقه ڪار مٿئين طبقي جي نوجوانن کي به پاڻ ڏانهن ڇڪيو. سليم اڪبر قاضي، عارف پاشا، حنيف صديقي، مرحوم جو فرزند (نالو ياد نه اٿم) ۽ ٻيا ڪجهه دوست شامل ٿيا. انهن دوستن جي موجودگيءَ سان پارٽيءَ کي عوامي پليٽ فارم تي مقبوليت به ملي ته وري عام شاگردن ذريعي ماڻهن تائين پهچڻ ۾ به سهولت ٿي. سليم اڪبر قاضي ڪيترن ئي موقعن تي شاگرد تنظيم يا مزدور تنظيم جي فيصلي سازي ۾ به مدد ڪئي ۽ ڪجهه موقعن تي ڪالي روڊ (جيڪو هاڻي حالي روڊ ٿي ويو آهي) جي علائقي ۾ مزدورن جي بستين ۾ اسٽڊي سرڪل هلائڻ ۾ مدد ڪئي. هڪ اهڙو به مرحلو آيو، جڏهن شاگرد تنظيم کي هلائيندڙ پارٽي جي سيل اهو فيصلو ڪيو ته شاگرد تنظيم جي قيادت پارٽي جي هيٺئين طبقي مان آيل ڪارڪنن جي بدران ٿورو خوشحال گهراڻن سان واسطو رکندڙ دوستن کي ڏني وڃي. ان تجويز مطابق سليم اڪبر قاضي کي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر ۽ نور الله ملڪ کي جنرل سيڪريٽري طور کنيو پئي ويو، پر ڪنوينشن کان هفتو کن اڳ اهو فيصلو پاسيرو رکڻو پيو، ڇاڪاڻ جو ان تي اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي.
سليم اڪبر قاضي جو صحافي جي طور تي يا ائين کڻي چئجي ته سنڌي صحافت کي نئون رنگ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي. انگريزي هفتيوار اخبار سنڌ آبزرور کان پوءِ جڏهن ”سنڌ نيوز“ اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ان لاءِ سليم مون سان ٽي چار تفصيلي ميٽنگون ڪيون. سندس چوڻ هو ته اخبار ۾ رڳو مٿين سطح تي ئي نه، بلڪه هيٺين سطح يعني ضلعن ۽ تعلقن ۾ رپورٽرن جي لاءِ سمجهدار ماڻهو هجڻ گهرجن. سنڌ نيوز جي لاءِ اسان پنهنجي ايڊيٽر شيخ عزيز سان گڏ جڏهن سڄي سنڌ جو دورو ڪيو ته ڪوشش اها ئي رهي ته پارٽي يا شاگرد تنظيم سان واڳيل دوستن کي رپورٽر طور کنيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو سانگهڙ ۾ آفتاب نظاماڻي (مرحوم)، نواب شاهه ۾ صالح بلو، خيرپور ۾ منصور ميراڻي، جيڪب آباد ۾ امداد اوڍو ۽ ٻين دوستن کي کنيو ويو.
سليم جو ۽ اسان سڀني جو خواب اڌورو رهجي ويو، جڏهن ۹ مئي ۱۹۷۶ع جي رات جو ۹ وڳي ڌاري علي حسن ۽ عارف پاشا مون کي اچي گهر ٻڌايو ته ڪراچي ويندي حادثي ۾ سليم گذاري ويو آهي. اڄ به سليم سان اها آخري ملاقات مون کي ياد آهي ته ۹ مئي جي شام جو ۵-۶ وڳي ڌاري سنڌ نيوز جي آفيس ۾ جرمني مان امپورٽ ڪيل نئين پرنٽنگ مشين لڳائي، اسان مٺائي کاڌي ۽ سندس ڪراچي مان واپس اچڻ بابت ڪجهه پروگرامن تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. سليم جي وفات کان پوءِ اسان سنڌ نيوز اخبار ته ڪڍي پر ان کي هلائڻ لاءِ جنهن جذبي ۽ نئين سوچ جي ضرورت هئي، اها ان کان وانجهيل رهي. نتيجي ۾ ٻن سالن اندر اخبار ويهي رهي. اڳتي هلي اسلم قاضي هڪ ٻه ٻيا به تجربا ڪيا، نيٺ جڏهن سندس ٻه ڀائر ايوب قاضي ۽ علي قاضي وڏا ٿي ويا ته نئون وينچر شام جي اخبار ”خادم وطن“ جي نالي سان ڪيو ويو. ان جي ڪاميابي بعد ڪاوش، ڪوشش، شام اخبارون آيون ۽ ائين اها ميڊيا امپائر ٺهي وئي.

No comments:

راءِ ڏيندا