سليم اڪبر قاضي
سنڌي صحافت کي جديد رنگ
ڏيندڙ اهم شخصيت
سهيل سانگي
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته، ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين گروپ اڄ ميڊيا امپائر آهي. هي
ميڊيا گروپ جنهن محنت ۽ ڏاهپ سان ٺهيو، اهو خود ميڊيا جي شاگردن لاءِ ڏاڍي سبق آموز
ڪهاڻي آهي. عام ماڻهوءَ جا مسئلا توڙي قومي مسئلا کڻندي اهو گروپ اڳتي وڌندو ويو ۽
ترقي ڪندو ويو. ڪيترن هنڌن تي ستايلن جو ڀرجهلو به ٿيو ۽ نتيجي ۾ هن گروپ سان ماڻهن
جون ڪيئي آسون، اميدون وابسته ٿي ويون. ايتري قدر جو هن گروپ جي اڳواڻ علي قاضيءَ جڏهن
سياست جي ميدان ۾ اچڻ جو خيال ظاهر ڪيو ته ڪجهه حلقن طرفان ان جي سخت مخالفت ڪئي ويئي.
مخالفت جي پويان وڏو ڪارڻ اهو هو ته سياست ۾ اچڻ سان گروپ جو اثر، ڪارڪردگي متان تبديل
نه ٿي وڃي. يا اهو ته اهڙي اثرائتي سنڌي ميڊيا ڪٿي ويهي نه رهي. اها ته ٿي اڄ جي ڳالهه،
آئون اڄ کان ۳۷-۳۸
سال پوئتي جي ڳالهه پيو ڪريان.
جڏهن اهو ميڊيا گروپ ابتدائي شڪل به نه پر رٿابنديءَ واري مرحلي ۾ هو. پهرين واري اخباري
اداري کان ڌار ٿيڻ بعد سياسي ۽ سماجي لاهن چاڙهن مان نڪرندي قاضي محمد اڪبر جي فيملي
ميڊيا جو هڪ نئون وينچر ڪرڻ جو سوچيو. ان وينچر جي سربراهي سنڌ يونيورسٽي مان فزڪس
۾ ايم ايس سي پاس نوجوان سليم اڪبر قاضيءَ کي ڏني ويئي. سليم شاگرديءَ واري زماني
۾ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ليڊر هو. اها
شاگرد تنظيم انڊر گرائونڊ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي ذيلي تنظيم هئي. سليم
پاڻ به ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر رهيو. قاضي محمد اڪبر جو بنگلو بي-۲ سول لائينز، جنهن جي پٺئين
دروازي واري هنڌان جتي هاڻي ڪاوش جي آفيس آهي. مهيني ۾ ۲-۳ دفعا،
روپوش رهي ڪم ڪندڙ کاٻي ڌر جي ليڊرن يا شاگرد محاذ جي پارٽي دوستن جي اچ وڃ جو مرڪز
بڻيل هوندو هو. پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل نازش امروهوي، ڄام ساقي، پروفيسر جمال نقوي
۽ ٻيا اڳواڻ يا وري شاگرد تنظيم سان تعلق رکندڙ دوست مهر حسين شاهه، هدايت حسين، احمد
خان جمالي، تاج بلوچ، عارف پاشا، هلال پاشا، آئون ۽ ٻيا ڪيترا ئي همراهه شامل هئا.
ڪچهريون به ٿينديون هيون. باقاعده پارٽي ميٽنگون به ۽ صلاح مشورا به. بنگلي جي اڳئين
پاسي وارو ڪمرو جيڪو ٻئي ڀائر سليم ۽ اسلم قاضي شيئر ڪندا هئا، ان تي سليم قاضيءَ جي
دوستن جو ئي قبضو هوندو هو. اسان ڪڏهن اسلم قاضيءَ جي دوستن کي هن ڪمري ۾ موجود نه
ڏٺو. سليم مارڪسٽ نظريي تي هلندي پنهنجي زندگيءَ کي به سادو بڻائي ڇڏيو هو. ڪمري ۾
ٻن پلنگن جي جاءِ هوندي به رڳو هڪ پلنگ هوندو هو، جيڪو اسلم صاحب جو هوندو هو. سليم
پَٽ تي سمهڻ کي ترجيح ڏني.
