; سنڌي شخصيتون: عبدالله ڪڇي، ڪمال ڄامڙو، حميد ڀٽو، ناصر مقصود گل،
Showing posts with label عبدالله ڪڇي، ڪمال ڄامڙو، حميد ڀٽو، ناصر مقصود گل،. Show all posts
Showing posts with label عبدالله ڪڇي، ڪمال ڄامڙو، حميد ڀٽو، ناصر مقصود گل،. Show all posts

08 May, 2013

عبدالله ڪڇي

عبدالله ڪڇي

ڀلوڙ راڳي جي شخصيت ۽ فن

ڪمال ڄامڙو



سنڌي موسيقيءَ جي ترقيءَ ۾ ڪڇي ڳائڻن جو به حصو آهي. انهن ۾ ماسٽر محمد ابراهيم، استاد مٺو ڪڇي، استاد عثمان ڪڇي ۽ عبدالله ڪڇي جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. عبدالله ڪڇي شروع ۾ ڍولڪ وڄائيندو هو. هو استاد مٺوءَ ڪڇيءَ جو ڀاڻيجو آهي. سال ۱۹۴۰ع ۾ ڪلري لياري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير محمد هو. سندس ڳايل جيڪو پهريون ڪلام مقبول ٿيو. سو شاهه سائينءَ جو ڪلام ”گلا ڪا مَ ڪري، لکيو تان نه ٽري“ آهي. ريڊيي پاڪستان ڪراچيءَ تي اهو رڪارڊ ٿيو ۽ ان ڪلام جي تمام گهڻي فرمائش اچڻ لڳي. هر محفل ۾ کانئس ان ڪلام جي فرمائش ڪئي ويندي هئي.