ڪامريڊ اومو مل
شهيد ڀٽي جي هڪ ڪارڪن سان
محبت جي ڪهاڻي
خالد ڪنڀار
اٺاسيءَ واري اليڪشن ۾ ڪامريڊ اومي مل، ڊاڪٽر کٽومل لاءِ ايم پي اي واري
ٽڪيٽ بيگم نصرت ڀٽو کان ضد ڪري ورتي هئي، نه ته انهيءَ ٽڪيٽ جي مخالفت پي ڪي شاهاڻيءَ
کان وٺي گهڻن اقليتي ميمبرن ڪئي هئي. چون ٿا تڏهن ڪامريڊ اومي مل کي ايم اين اي جي
ٽڪيٽ پنهنجي نالي سان پي ڪي شاهاڻي ڏئي چڪو هو. هنن صرف کٽو مل کي ٽڪيٽ ڏيڻ کان انڪار
ڪيو، تـڏهن ڪامريڊ اومون مل مخدوم طالب المولا
وٽ نه صرف شڪايت کڻي ويو، پر هو محترمه بينظير صاحبه وٽ مخدوم صاحب کي گڏ وٺي ويو.
پر انهيءَ جي باوجود محترمه کٽو مل کي ٽڪيٽ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪامريڊ اومي
کي ٽڪيٽ ڏيو، پر کٽومل کي نه ڏيو. پوءِ ڪامريڊ اومو بيگم نصرت ڀٽو سان وڃي مليو ۽ چيائين،”هن
پارٽي ۾ منهنجي هڪڙي ٽڪيٽ جي به اميد ناهي ڇا؟“ انهيءَ تي بيگم نصرت ڀٽو.. چون ٿا ته
محترمه کي فون ڪيو ته سنڌ ۾ اقليتن جون ٻه ٽڪيٽون.. هڪڙي قومي ۽ هڪڙي صوبائي جي مونکي
ڏيو، باقي سڄي سنڌ ۾ اوهانجي مرضي آهي. انهيءَ تي محترمه مجبور ٿي ايم پي اي جي ٽڪيٽ
کٽو مل کي ڏني ۽ قومي جي ٽڪيٽ هو اڳ ۾ ئي ڪامريڊ اومي مل کي ڏئي چڪي هئي. نه ته انهيءَ
کان اڳ ۾ ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ لياري ۾ ڊاڪٽري ڪندو هو. انهيءَ ئي اٺاسيءَ واري اليڪشن
۾ کٽو مل ايم پي اي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو ۽ ڪامريڊ اومون مل چار سؤ ووٽن تان هارائي
ويو. انهي ئي ڪامريڊ اومي مل کي ۷۹
واري اليڪشن ۾ ايم پي اي جي
پ پ پ واري ٽڪيٽ ملي هئي. پر ضياءِ اليڪشن ڪينسل ڪري ڇڏي. اها انهيءَ دور جي پيپلز
پارٽي هئي، جنهن ۾ هڪڙي مال جون کلون ڳوٺن مان وٺي وڪڻندڙ ميگهواڙ قبيلي جي فرد جي
ايڏي حيثيت هئي.
