گلاب فقير جوڳي جون ڳالهيون
ٻارن کي ڄمڻ سان ئي نانگ
جي ستي پياريندا آهيون
انٽرويو: گلزار ڪلهوڙو
پاٽائي
سنياسي جوڳين سان تعلق رکندڙ گلاب فقير جوڳي ولد لونگ فقير جوڳيءَ جو
تعلق عمرڪوٽ ضلعي سان آهي. ۵۵ سالن جي هن فقير جو رنگ سانورو، هٿ ۾ مرلي، گودڙي ۽ نانگ
واري ٽٻڻي ۽ سندس ويس گيڙو آهي.