ساقي شاهه
جميل چانڊيو
عمر ٿيم اپار، ورهه وٽيان ڪن سين
سي ڏوٿيئڙا ڏور ٿيا، تڳا نجن تنوار
سٽائون سنگهار، کوهن تان کڻي ويا
شاهه
سيد سلطان شاهه ساقي جو جنم 25 آگسٽ 1962ع ۾ ملير جي ڳوٺ
سيد محمود شاهه پپري ڪراچيءَ ۾ ٿيو جتي هن وقت پاڪستان اسٽيل، پورٽ قاسم ۽ ٻيون سوين
انڊسٽريون قائم آهن. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي.
1977ع م اسٽيل ملز پورٽ قاسم ۽ ٻين ادارن جي تعمير سبب هنن کي پنهنجا
اصلي پٽ خالي ڪرڻا پيا ان کانپوءِ ديهه کانٽو ۾ ساڳيو ڳوٺ محمود شاه رزاق آباد جي نالي
قائم ٿيو.