شبنم موتي
املهه موتين جهڙي گهڻ
صلاحيتي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت
سڪينه امام
شبنم
موتي اصولي طور تي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، سنڌ جو ساڃاهه وند ۽ ادبي، حلقو شبنم
موتي جي شخصي، علمي ۽ سماجي کيتر ۾ ڏنل خدمتن کان چڱي ريت واقف آهي. شبنم موتي جو ڳاڻيٽو
انهن جديد سنڌي عورتن ۾ ٿئي ٿو جن سنڌي نياڻين جي ترقي جي راهه ۾ آيل سموريون رنڊڪون
پنهنجي همت ۽ طاقت سان هٽائي پاڻ کي رول ماڊل بڻائي اتساهه جو سبب بڻيون.
اڄ جيڪي
سنڌي نياڻيون علمي ۽ ادبي، سياسي ۽ سماجي ترقيءَ جي راهه تي هلي رهيون آهن، تن جو
سونهون شبنم موتيءَ جهڙيون اهي عورتون آهن، جن ۷۰ع جي ڏهاڪي واري مرداڻي سماج ۾، پاڻ ملهائي، ايندڙ نسل جي ڇوڪرين لاءِ رستو
هموار ڪيو.
منهنجي
تمام پياري ساٿياڻي، مانائتي، شانائتي، خوش اخلاق، خوش لباس ”شبنم موتي“ جهڙو هن
جو نالو تهڙي هن جي شخصيت آهي. شبنم موتي گهڻ پاسائين، گهڻ صلاحيتي شخصيت آهي ۽
سندس هر شخصي پاسو ايئن آهي جيئن موتي ۾ پويل موتي هجي ۽ شبنم وانگر هر ڪنهن تي
پنهنجو پيار ۽ محبت نڇاور ڪندڙ انسان آهي، جيئن شبنم جي ڦڙن کي ڇٻر تي ڏسي هڪ
تازگي جو احساس ٿيندو آهي، ساڳي طرح هن جي محبت ۽ شخصيت اسان کي همت ۽ تازگي جو
احساس ڏياريندي آهي.
سيپٽمبر
جي ۱۱ تاريخ سندن جنم ڏينهن هو، سندن
شخصيت جا مختلف حوالا آهن، جن ۾ شاعري، چترڪاري، سوشل ورڪ، ڪاليج ۽ اسڪول جي زماني
۾ مختلف راندين جي چيمپئن به رهي آهي. سندس اصل نالو ”صبيحه شبنم آهي، پاڻ ڪوئيٽا
۾ پيدا ٿي ۽ لاڙڪاڻي جي سڄاڻ سياسي خاندان ۾ اک کوليائين، سندن والد قاضي
عبدالمنان سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قاضي فضل الله جو ڀاڻيجو هو ۽ ۱۹۵۳ع کان ۱۹۵۵ع تائين سنڌ حڪومت جي پبلڪ ورڪس
کاتي جو وزير هو.
شبنم
جو تخلص ”موتي“ آهي ۽ سندس اکر جيئن ته موتين جهڙا خوبصورت آهن، ان ڪري به پاڻ
”موتي“ تخلص رکيائين گهر ۾ ”موتي“ جي نالي سان سڏيندا اٿس ۽ پوءِ شبنم موتي جي
نالي سان مشهوري ماڻيائين. پاڻ شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي جي پي وي اسڪول مان پرايائون
پوءِ اڳتي حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فارمين ۽ پگٽ ميموريل اسڪول مان پرايائون،
گورنمينٽ گرلز اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ پاس ڪيائون. گورنمينٽ گرلز ڪاليج لاڙڪاڻي
مان انٽر ۽ ڪراچي مان پرائيويٽ بي اي پاس ڪيائون.
شبنم
موتي جي سدا بهار شخصيت ۽ هن عمر ۾ به ۲۵ سالن جي نوجوان ڇوڪري نظر اچڻ جو شايد اهو ئي راز آهي ته پاڻ ”ايٿليٽ“ به
رهيون آهن، هن اسڪولي زماني ۾ ايٿليٽ جي مختلف مقابلن ۾ ايوارڊ ۽ ٽرافيون حاصل ڪيون..
شبنم
موتي جو سڀ کان سگهارو حوالو ليکڪا وارو آهي. پاڻ ٻاراڻي عمر ۾ پهرين ڪهاڻي ”خادم
وطن“ اخبار جي ٻارن جي صفحي لاءِ لکي، پاڻ سگهڙين سٿ لاءِ به لکيائون، تنهن کان
پوءِ ۱۹۷۱ع کان ۱۹۷۵ تائين سندن ڪهاڻيون، شاعري ۽ ٻيون لکڻيون تسلسل سان مختلف رسالن، اڳتي
قدم، اديون، برسات، مارئي، ملير ڊائجسٽ، آدرش ۽ هلال پاڪستان اخبار جي عورتن جي
صفحي ۾ شايع ٿينديون رهيون. هن فيض احمد فيض جي ٻن ڪتابن صليبن ميري دريچي مين/
فيض جا ايلس ڏانهن خط ۽ ”خون دل ڪي ڪشيد“/ دل جا چڪيا چاڪ جي عنوان سان سنڌيءَ ۾
ترجمو پڻ ڪيا آهن، جيڪي سنڌ جي ثقافت پاران ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. شبنم موتي صاحبه ڪيترائي
ايوارڊ ماڻيا آهن.
سنڌي
قوم سان ٿيندڙ زيادتين کي محسوس ڪندي شبنم ۾ سياسي سجاڳي پيدا ٿي. جڏهن پاڻ
گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ميٽرڪ جي شاگردياڻي هئي. تڏهن سنڌي سيڪشن جي
شاگردياڻين کي ڪا به ماسترياڻي مهيا ڪري نه ڏني وئي، ان ٻه اکيائي خلاف سالياني
امتحان ۾ احتجاج طور هن پيپرن جو بائيڪاٽ ڪرايو. گورنمينٽ گرلز ڪاليج لاڙڪاڻي ۾
فرسٽ ايئر ۾ ڪاليج يونين جي اليڪشن ۾ شبنم موتي جوائنٽ سيڪريٽري ٿي، ڪاليج جي
سالياني پروگرام ۾ قسم کڻڻ واري تقريب ۾ هن رٿ ڏيندي زور ڀريو ته هن ڀيري قسم سنڌيءَ
۾ کڻايو وڃي. جنهن ۾ يونين ۾ چونڊجي آيل غيرسنڌي شاگردياڻين ۽ ليڪچرارن سخت مخالفت
ڪئي، جنهن تي شبنم ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرائي ڇڏيو، جنهن بعد کيس ”ڊي پي آر“ تحت ٽن
سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. آواز اٿارڻ تي شبنم ۽ سندس ڀيڻ خلاف گرفتاريءَ جا
وارنٽ نڪتا، بعد ۾ ريسٽيڪيشن جو آرڊر واپس وٺي داخلا بحال ڪئي وئي.
پاڻ
پرائمري ٽيچر جي حيثيت سان به ڪم ڪيو اٿائين. ”ٻانهن ٻيلي آرگنائزيشن“ ۾ ڪم ڪيو اٿائين.
هڪ
استاد جي حيثيت ۾ مان هن کي هميشه شفيق ڏٺو، آرٽسٽڪ طريقي سان پڙهائينديون هيون، هڪ
اکر سهڻا ٻيو ٻارن کي هٿ سان ڪاپين تي تصويرون ٺاهي انهن جي لاءِ شيون وڌيڪ سوليون
ڪري ڇڏينديون هيون پنهنجي ساٿي استادن سان عزت ۽ پيار وارو رويو هوندو هين، اسڪول
۾ جيڪي سماجي پروگرام ٿيندا هيا، ان ۾ ڀرپور حصو وٺنديون ۽ ٻارن کي بهترين کان
بهترين شيون تيار ڪرائينديون هيون.ٻارن جي هر ڳالهه جو خيال ڪندي هئي . تعليم مڪمل
ڪرڻ پوءِ شبنم ڪجهه عرصو پي آءِ اي ۾ ايئر هوسٽس جي حيثيت سان ڪم ڪيو.
پي ٽي
وي جي سنڌي پروگرامن ۾ ميزبان طور خدمتون سرانجام ڏنيون. جن ۾ پروگرام سوجهرو ۽
مهراڻ ميگ شامل آهن. پاڻ ۷۰ جي ڏهاڪي
۾ هڪ سنڌي ڊرامي ۾ اقبال ترين ۽ غزالا رفيق سان پڻ ڪم ڪيائون. ان دور ۾ جيئن ته ريڊيو
۽ ٽي وي تي سنڌي نياڻيون تمام گهٽ اينديون هيون تنهن ڪري شبنم موتي ان ضرورت کي
محسوس ڪندي پنهنجيون يادگار خدمتون ارپيون.
شبنم
موتي سان منهنجي ملاقات ڊسمبر ۱۹۸۸ع ۾
عباسي سنڌي پبلڪ اسڪول ۾ ٿي هئي. جيڪو خالد بن وليد روڊ تي هو، ڊاڪٽر سليمان شيخ
جي مهربانين سان مون کي گهر ويٺي نوڪري جو آرڊر مليو هو، جڏهن اتي مان ويس ته
پرنسپل کان پوءِ ڪوريڊور ۾ منهنجي پهرين ملاقات شبنم سان ٿي، جتي هن مون سان ٿوري
دير لاءِ ڪچهري ڪئي ۽ مون کي چيائين ته تون تمام گهڻي جذبي واري ڇوڪري آهين ۽ اسان
کي اهڙين ئي ٽيچرس جي گهرج آهي، ان کان اڳ مان هن کي پي ٽي وي جي پروگرام سوجهرو ۽
مهراڻ ميگ جي ميزباني ڪندي ڏٺو هو. اسڪول ۾ اسان جو تمام سٺو وقت گذريو، مس جا اکر
تمام خوبصورت هيا، جيئن ته پاڻ هڪ سٺي مصور ۽ چترڪار آهي ته اڪثر ايئن ٿيندو هو ته
پاڻ اسان سان گڏ اسٽاف روم ۾ ويهندي هئي ته ٽيبل تي چاڪ سان هڪ منٽ اندر پوٽريٽ ٺاهي
ويندي هئي، جنهن تي اسان سڀ حيران ٿي ويندا هئاسين، سندس چوڻ آهي ته جڏهن مان ننڍي
هوندي هيس ته پنهنجي يونيفارم تي پوٽريٽ ٺاهي ڇڏيندي هيس جنهن تي منهنجي ماءُ تمام
گهڻي ڪاوڙ ڪندي هئي ۽ ڪڏهن مون کي مار به ڪڍندي هئي ته يونيفارم. پاڻ پنهنجي باري
۾ وڌيڪ ٻڌايائون ته مان ننڍي هيس ته سلطانه صديقي پي ٽي وي تي سنڌي ۾ نوجوانن تي
پروگرام ڪندي هئي، ان منهنجي هاڪ ٻڌي ان پروگرام ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ مان لاڙڪاڻي
مان اهو پروگرام ڪرڻ لاءِ آيس جيڪو منهنجو پي ٽي وي لاءِ پهريون انٽرويو هيو ۽ ان
پروگرام ۾ بورڊ تي مون هڪ منٽ اندر پوٽريٽ ٺاهيو هو.
ان کان
پوءِ سندس ٻيو انٽرويو پي ٽي وي تان پروگرام ”همرچو“ لاءِ ٿيو اهو پروگرام عاشق
عارباڻي ڪندو هو، اسان سڀ ٽيچرس مس سان گڏ آئڊينس طور پروگرام ۾ وياسين ۽ اهو هڪ
تمام شانائتو پروگرام هو، پاڻ ڪيترن ئي سنڌي اديبائن جا خاڪا ٺاهي هلال پاڪستان جي
”سگهڙين سٿ“ صفحي ۾ ڇپرايائين ۽ ان زماني جا سرورق به ڊزائين ڪري ڏيندي هئي، جن ۾
”اديون“ رسالو سرفهرست هو.
جيئن
ته مس شبنم سياسي طور تمام گهڻي باشعور آهي، ان ڪري اها سنڌ سان ٿيل زيادتين ۽ ان
جي اهنجن تي جيڪي به ميڙاڪا ٿيندا آهن پاڻ ان ۾ حصو وٺندي آهي، مون کي ياد آهي ته
جڏهن اسٽار گيٽ تي ”بهاري نه کپن“ وارو احتجاج ٿيو ته سڄي سنڌ مان ماڻهو ان ۾ شريڪ
ٿيا ته مس شبنم اسان کي ان احتجاج ۾ وٺي وئي، اسان انهن سان گڏ گاڏي ۾ پهريان ريگل
چوڪ تي آياسين جتي هنن پنهنجن پٽن هوشو ۽ ٽيپو کي اجرڪ جا پٽڪا پارايا ۽ هٿ ۾
”بِهاري نه کپن“ جا پلي ڪارڊ ڏنائون پوءِ اسان قافلي جي صورت ۾ اسٽار گيٽ پهتاسين
۽ شديد نعريبازي ڪئي.
۱۹۸۹ع ۾ سگا وارن سچل ڪانگريس ڪرائي ته اسان ان ۾ ڀرپور حصو ورتو جڏهن ته اسان
ان وقت سگا جا ميمبر به نه هئاسين پر شبنم موتي صاحبه اسان سان رضاڪاراڻي حيثيت
سان ڪم ڪيو ، جنهن ۾ انڊيا جي اديبن جو وفد به آيل هو، محترمه وينا شرنگي سان به
ان ۾ ملاقات ٿي، سنڌ مدرسي ۾ تمام وڏي شانائتي تقريب ٿي، ان کان علاوه ”پي سي هوٽل“
سچل هال، وارن پروگرامن اسان جون سرواڻ رهيون ۽ هر گهڙي اسان جي سار سنڀال لڌائون.
ڪانگريس جي الوداعي تقريب ۾ اسان کي ان وقت جي وزيراعليٰ عبدالله شاهه شيلڊز به ڏنيون.
۱۹۹۲ع کان سنڌ گريجوئيشن سان لاڳاپيل رهيون آهن، سگا عورت شاخ جون ڪيترا ئي سال
جنرل سيڪريٽري ۽ نائب صدر رهيون آهن ۽ هن وقت به آهن، مختلف کيترن ۾ نمايان سماجي
خدمتون سرانجام ڏنيون اٿائون، سگا جي پليٽ فارم تان ”سانا“ جي ڪنوينشن ۾ به شرڪت ڪئي
آهي ۽ سنڌ جا مختلف اشوز سانا جي ڪنوينشن ۾ اٿاريائون، سگا جا سڄي سنڌ ۾ مختلف
سماجي پروگرام، ادبي پروگرام، بيمارين جا مختلف ڪيمپس لڳندا آهن، انهن ۾ به اڳيان
اڳيان هونديون آهن.
هڪ
انسان جي حيثيت ۾ مان هنن کي ”پهرين انسان“ طور ڏٺو، تمام گهڻو پيار، اتساهه ۽
محبت سان ملڻ واري ڪا به وڏائي نه بس هو ڪنهن کي به تڪليف ۾ ڏسندي هئي ته ان جو ڀرجهلو
ٿي، مسئلا حل ڪرڻ ۾ اڳتي اڳتي هوندي هئي.
No comments:
راءِ ڏيندا