شبنم موتي
املهه موتين جهڙي گهڻ
صلاحيتي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت
سڪينه امام
شبنم
موتي اصولي طور تي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، سنڌ جو ساڃاهه وند ۽ ادبي، حلقو شبنم
موتي جي شخصي، علمي ۽ سماجي کيتر ۾ ڏنل خدمتن کان چڱي ريت واقف آهي. شبنم موتي جو ڳاڻيٽو
انهن جديد سنڌي عورتن ۾ ٿئي ٿو جن سنڌي نياڻين جي ترقي جي راهه ۾ آيل سموريون رنڊڪون
پنهنجي همت ۽ طاقت سان هٽائي پاڻ کي رول ماڊل بڻائي اتساهه جو سبب بڻيون.
