شميم آرا
علي ڳڙھ جي پتلي ٻائي
نصير مرزا
هِتي
ان جو اهو مقصد ته قطعي نه، ته ڪا اها پُتلي ٻائي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان
گريجوئيٽ ٿي ڪراچي پهتي هُئي. هوءَ ته انهيءَ ڳڙهه جي سانوري سلوڻي مٽي هُئي ۽ جتي
هُن جي والده ماجده نازڪ نفيس رقاصه ۽ ناني “بلما بيگم” وري ڪرسيءَ واري سڏبي
هُئي. ورهاڱي بعد نيپيئر روڊ کي هن ڪٽنب پنهنجو مسڪن بنايو ته بس ان ئي بازار ۾، ڀارت
مان آيل فلم هدايتڪار نجم نقوي هن کي ڏٺو ۽ فلم “ڪنواري بيواهه” لاءِ چونڊي مٿس
نالو رکيو شميم آرا! هوڏانهن وارين اداڪارائن مان حُسن جي ديوي مڌو بالا تي جيڪڏهن
حُسن ختم ته هيڏانهن فلم “لاکون مين ايڪ” جي هن هيروئن پُتلي ٻائي آف علي ڳڙهه عرف
شميم آرا تي وري جذباتي ڪردار نگاري خلاص! هونئن هي شميم آرا نالو وري اهڙو ڄڻ
اکين آڏو ريشمي اطلس و ڪيمخواب جو ڪو تاڪيو کُلندو وڃي. شميم آرا جا پُرڪشش ساروپا
ته پنهنجي جاءِ تي، پر سنهڙي ڳچيءَ ۾ جهولندڙ سونو لاڪيٽ، بدن تي ڪڏهن ساڙهي ته ڪڏهن
علي ڳڙهه ڪٽ غرارو، مٿان گنگا جمني اردو ۾ ڊائلاگس، پر هي ويٺي ويٺي شميم آرا ۾ اڄ
اها مُنهنجي ايڏي دلچسپي الائي ڇو؟! اصل ۾ هي تازو جيڪا هر پاسي ادبي ميلن جي بهار
۽ ڀرمار هئي، انهن منجهان ڪنهن ميلي مان فيض احمد فيض صاحب جي نياڻي منيزا هاشميءَ
جي مختلف علمي، فلمي ۽ سياسي شخصيتن کان ورتل انٽرويوز وارو ڪتاب مون خريد ڪيو هو “ڪون
هون مين؟” ته بس پُتلي ٻائي عرف شميم آرا جو پورٽريٽ ۽ انٽرويو ته ان ڪتاب ۾ مون
کي ڏاڍو موهيو هو. فلمن ۾ پنهنجي پهرئين انٽريءَ بابت منيزه صاحبه کي شميم آرا ڳالهه
ئي ٻي ٻُڌائي آهي، جنهن جو لب لباب هي ته، ڪنهن بهاني ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ساهيڙيءَ جي
گهر ملڻ لاءِ آئون وئي هئس. خبر پئي ته هندستان مان تازو پهتل ڪو فلم هدايتڪار نجم
نقوي منهنجي ساهيڙي کي فلم ۾ هيروئن جي ڪردار لاءِ ڏسڻ پيو اچي. جيڪو نيٺ آيو، هاڻي
ڇا ڏسان ته نجم نقوي صاحب ڳالهائي منهنجي ساهيڙيءَ سان پيو ۽ اک وري مون مان نه
پيو ڪڍي. نيٺ چئي ويٺو، توُن منهنجي فلم “ڪنواري بيواهه” جي هيروئين ٿيندينءَ!؟ هاڻي
ان فلم معرفت فلم اسٽوڊيوز جا دروازا مون تي کُليا ته بس کُلندا ئي ويا. هاڻي ٻي
فلم “سهيلي” جنهن جو گيت گهڻو مشهور ٿيو “هم ڀول گئي هر بات، مگر تيرا پيار نهين ڀولي”
۽ ان کان پوءِ فلمن جي قطار لڳي وئي. پاڪستاني ديوداس فلم ۾ هن کي “پارو” جو ڪردار
مليو. بقول شميم آرا ته، پاڪستان جي پهرين رنگين فلم نائله ٺهڻ جو اعلان ٿيو ته
هيروئن طور منهنجو انتخاب ٿيو. سڀني چيو ته هيءَ ته سانوري آهي ۽ فلم رنگين.
نائله
فلم جي ٻي مزيدار ڳالهه هيءَ ته هر شيءِ کي رنگين ڪري ڏيکارڻ جو ايڏو ته شوق، جو
فلم جي هيرو “درپن” جي هٿ ۾ گهوڙي کي هڪلڻ لاءِ جيڪو هنٽر ڏنو ويو، ان تي به رنگ
رنگ جون رنگين پنيون ويڙهي ان کي به جهڙو قوسِ قزه (انڊلٺ) بنايو ويو. ان فلم جا ڪيئي
گيت مشهور ٿيا. مثال طور هڪڙو مشهور گيت ته اڄ به هر هنڌ ٻڌبو آهي “غمِ دل کو اِن
آنکون سي ڇلڪ جانا ڀي آتا هئه.” ڪٿي پڙهيم ته فلمن ۾ شميم آرا جا هڪ کان هڪ اداڪار
هيرو پئي ٿيا، جيئن سنتوش ڪمار، درپن، سڌير، ڪمال، وحيد مراد، پر هن جي دل فلم
صائقه جي خوبرو هيرو محمد علي سان ٿي وئي، ۽ هوءَ پيار جو پرڻو ڪرڻ ئي واري هئي،
جو شميم آرا جي ناني ان شاديءَ جي مخالفت ڪئي- پر پوءِ سنڌ جي هڪ جاگيردار سردار
رند سان بيشڪ ته نانيءَ شادي ڪرڻ جي اجازت هن کي ڏيئي ڇڏي. ايئن ٿوري عرصي لاءِ ئي
سهي، شميم آرا حيدرآباد پرڻجي آئي. ايئن ترت اخبارن ۾ خبر آئي ته سردار رند سپر
هاءِ وي تي روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ زندگي وڃائي ويٺو، ۽ شميم آرا وري حيدرآباد ڇڏي فلمن ڏانهن
موٽي وئي. ياد ٿو اچيم ته، گول بلڊنگ ڀرسان مون پنهنجي دوست غفور گل سان گڏ سردار
رند کي هني مون فلم جي حسين هيروئن “حسنه” سان گڏ ڏٺو هو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن
جا هشام اتي گڏ ٿي ويا. سردار رند بيحد سهڻو، خوش لباس ۽ کِل مُک انسان هو. هن وقت
موٽي منيزه هاشمي واري شميم آرا جي انٽرويو ۾ ٿو جهاتي پايان، جنهن کي شميم آرا ٻڌايو
پئي ته: رومينٽڪ ۽ ٽرئجڪ ٽچ واري هيءَ فلم “لاکون مين ايڪ” منهنجي ڪيريئر جي
بهترين فلم هئي، ڇاڪاڻ ته منهنجي چهري جا ساروپا ڪنهن مظلوم ڇوڪريءَ سان مشابهت
رکندڙ هئا، ان ڪري فيملي ڊراما ٽائيپ ۽ ٽرئجڪ فلمن ۾ مون کي گهڻو پسند ڪيو ويو... خير
اها ته ٿي شميم آرا جي فلمن ۾ سندس ٽريجڪ ڪردار جي ڳالهه، پر حقيقي زندگي به ته هن
جي ڪا گهٽ دکدائڪ ٿورئي هئي. سردار رند بعد شميم آرا ٻي شادي اگفا فلم جي مالڪ ڪروڙ
پتي مجيد ڪريم سان ڪئي، ان منجهان کيس پُٽ جو اولاد به ٿيو، جيڪو تعليم سانگي لنڊن
هليو ويو ۽ پويان شميم آرا ان مڙس کان طلاق ورتي. هاڻي هن هندستان جي مشهور هدايتڪار
ڊبليو زيڊ احمد ۽ فلم “من ڪي جيت” جي هيروئن پراسرار نينا جي پُٽ فريد احمد سان
شادي ڪئي، جيڪو فلم عندليب ۽ انگاري جو هدايتڪار هو. ان شاديءَ جو انجام ته قطعي
حيرت جهڙو ۽ ڏکوئيندڙ هو، يعني رات جو نڪاح ۽ صبح جو طلاق ٿي وئي. ان بعد شميم آرا
فلم هدايتڪار ٿي سامهون آئي ۽ فلمون ڊائريڪٽ ڪيائين. “جيئو اور جيني دو”، “هاٿي
ميرا ساٿي”، “مس ڪولبو”، “مس هانگ ڪانگ” ۽ ٻيون اهڙيون فلمون ڊائريڪٽ ڪيون، ۽ پوءِ
انهن فلمن جي ئي ڊائلاگ رائيٽر دبير الحسن سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو.
شميم
آرا جون اهڙين فلمن مان ڪجهه ڪامياب ٿيون ۽ ڪجهه فلاپ. انهن جي فلاپ ٿيڻ سبب مالي ڏيوالي
جي ڪري هوءَ ڊپريشن ۾ هلي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هن تي برين هئمرج جو حملو ٿيو،
جنهن ڪري هن جون اکيون کليل ۽ آواز گم ٿي ويو. جيئن ننڍي کنڊ جي هر ٻئي ڪلاڪار جي ڪهاڻي،
ايئن ئي شميم آرا جي ڪهاڻي به ڏک ڀري هئي. ڪنهن وقت ادا مصطفيٰ قريشي ۽ ادي روبينه
مصطفيٰ ٻڌايو ته، لنڊن وياسين ته شميم آرا جي عيادت لاءِ به هن جي پُٽ واري فليٽ ۾
کيس پڇڻ وياسين ته هو بيخبر، ڇت ۾ اکيون کپائي هنڌ تي چپ چاپ ليٽيل هئي. ڪَن جي
ويجهو وڃي چيومانس ته، شميم آئون مصطفيٰ آهيان. فلم “لاکون ۾ ايڪ” ياد ڪر، پاڻ گڏجي
ڪم ڪيو هو. پوءِ کيس وندرائڻ لاءِ فلم ۾ شادي جي رات وارو ڊائلاگ مون دهرايو. “سندر
نار بڙي البيلي” پر هن وٽان ڪو به ريسپانس نه آيو. بس اکين جي ڪنارن وٽان سندس لڙڪ
لڙي وهاڻي ۾ جذب ٿيندا رهيا. تڏهن آئون اڃا، لنڊن ۾ ئي هئس جو ۵ آگسٽ ۲۰۱۶ع تي هن جي فرزند اطلاع ڏنو ته،
انڪل امي چلي گئي! هن ڪالم لکڻ وقت مون کي خبر ناهي شميم آرا جي تدفين لنڊن جي
الائي ته ڪهڙي قبرستان ۾ ٿي هئي ۽ اتي سندس قبر – ڪتبي تي الائجي ته ڇا لکرايو ويو
هوندو، پر هن وقت تصور ئي تصور ۾ مون پنهنجي پاران هن جي لحد – ڪتبي تي فلم “نائله”
جي مشهور گيت جا هي ٻول لکي ڇڏيا آهن:
دور
ويراني ۾ اڪ شمع هئه روشن ڪب سي،
ڪوئي
پروانه اڌر آئي تو ڪڇ بات بني-
No comments:
راءِ ڏيندا