مشتاق احمد راهو
ڀٽائي جي ڪردار ڄام راهوءَ
جو تسلسل
مقبول راهو
هڪ اهڙي
سخي مرد پنهنجي اندر ۾ زرخيز شخص مشتاق احمد راهوءَ جي آتم ڪٿا ڊگهي عرصي کان نيو
سعيد آباد ويجهو ڳوٺ شهمير راهوءَ ۽ سندس پسگردائي سميت نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ضلعي
مٽياريءَ جي ماڻهن کي متاثر ڪندي رهي آهي، جنهن پنهنجي خوبصورت شخصيت جي بدولت، وت
۽ وس آهر، پنهنجي علائقي جي غريب، بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن کي پنهنجي وجود جو حصو
سمجهندي، ساڻن محبت جي انتها ڪندي نه رڳو سندن مالي ۽ اخلاقي مدد پئي ڪئي آهي پر
تعليمي ترقي لاءِ پڻ سندس ڪاوشون تاريخ جو حصور رهيون آهن. هن شعور جي اک کوليندي
ئي ڄاڻي ورتو هو ته ترقي جو پهريون ڏاڪو تعليم آهي. تنهن ڪري هن تعليم لاءِ هر کڄندڙ
نٻل وک ۾سگهه پيدا ڪئي ۽ ان کي مضبوط بڻايو ته جيئن تعليم لاءِ کڄندڙ قدم اونداهي
سماج جي راڪاسن هٿان ڪٿي هار نه کائي ويهي رهي
پوءِ هن ڌڙا ڌڙ پنهنجي علائقي جي غريب ۽ بي پهچ نوجوانن کي تعليم کي اڳتي وڌائڻ
لاءِ اتساهيو۽ پنهنجا دروازا هنن لاءِ هميشه کولي رکيا ته جيئن هو ڪٿي ڪمزور ٿي ڪري
نه پون ۽ سندن تعليم اڌ ۾ نه رهجي وڃي. بنا لوڀ ۽ لالچ جي مشتاق احمد راهوءَ سعيد
آباد ويجهو ڳوٺ شهمير راهوءَ ۾ پنهجو انقلابي ڪم جاري رکيو ۽ اڄ تائين جاري رکيو
پيو اچي توڙي جو هو پنهنجي سماجي حوالي سان جاگيرداراڻي سماج جو حصو ته رهيو پر هن
پنهنجي ذات جي حساسيت سبب اهو ليبل ڪڏهن به پنهنجي مٿاڻ چاڙهڻ نه ڏنو ۽ ان جي ابتڙ
هن اهڙا عملي قدم کنيا جن روايتن جا بت ڊاهي ڇڏيا. هن سماج جي اٿندڙ هر آڱر کي ڪٽي
ڇڏيو ۽ هن نه رڳو مظلوم عوام پر مظلوم عورتن جي حقن کي پڻ پنهنجي ايجنڊا جو حصو بڻايو
۽ پوءِ دنيا ڏٺو ۽ ڏسندي ئي رهجي وئي ته هن پنهنجي نياڻين کي پڻ اعليٰ تعليم ڏياري
۽ اڄ سندس اهي نياڻيون ڊاڪٽر آهن.
