; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، جامي چانڊيو، رحيم منگي، قدير شيخ، ڊاڪٽر فيض جوڻيجو، لياقت راڄپر، رضوان گل،
Showing posts with label ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، جامي چانڊيو، رحيم منگي، قدير شيخ، ڊاڪٽر فيض جوڻيجو، لياقت راڄپر، رضوان گل،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، جامي چانڊيو، رحيم منگي، قدير شيخ، ڊاڪٽر فيض جوڻيجو، لياقت راڄپر، رضوان گل،. Show all posts

26 July, 2018

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو


ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
علمي ۽ ادبي خدمتون
 جامي چانڊيو
سنڌ ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جن جي دانش ۽ ڪم جي پوريءَ طرح مڃتا نه ٿي آهي. سنڌ ۾ شين جي پرک، عقلي (Rational) ۽ علمي ڇنڊڇاڻ ۽ سندن جائز حيثيت جي تعين جي روايت اڃان پختي ناهي. تاريخ جو ڊگهو عرصو غلام، محڪوم، محروم ۽ ويڳاڻپ جو شڪار رهڻ ڪري عام طور جيڪي سماجي ۽ نفسياتي ڪمزورين اهڙن معاشرن ۾ پيدا ٿينديون آهن، اُنهن جو شڪار اسين به ٿيا آهيون ۽ پنهنجن املهه ماڻڪن جو گهربل قدر نه ڪرڻ به اهڙين ڪمزورين مان هڪ آهي. ڊاڪٽر ٻوهيو جنهن سطح جو عالم، مفڪر ۽ اديب هو ۽ هن سڄي زندگي جن وڏن ۽ بنيادي موضوعن تي نهايت علميت ۽ گهرائيءَ سان سوچيو ۽ لکيو، جي اُهي اڄ به اسان جي سماجي، فڪري ۽ ادبي ايجنڊا تي گهربل اهميت سان سامهون اچن ته مان پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ سان چوان ٿو ته سنڌي ادب ۽ سماج صحيح معنيٰ ۾ هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.