محمد علي پٺاڻ
هڪ سچيت تخليقڪار
نصير ڪنڀر
اڄ ۳ فيبروريءَ جي ڏينهن هن جي پنجونجاهين سالگرهه آهي. انهي عرصي دوران هن
پنهنجي زندگي جون ڪجھه ڪڙيون ڪجهھ مٺيون حقيقتون ڏٺيون. انهي جي بدلي هن هرڪنهن
سان پيار ڪندي پنهنجي قلمي پورهي کي ٽائيم ڏنو. پاڻ هن جي ادبي پورهيئ تي نظر
وجھون ٿا. محمد علي پٺاڻ سان منهنجي روبرو ملاقات ته ٿر ڏڪار ڪانفرنس ۾ ٿي. پرهن
جي ڪهاڻي ”ستون نمبر“ مون وٽ هن جو تعارف پهرين ڪرايو. سنڌ جي اتر واري علائقي ۾
ناسور بڻيل ڏوهه ”ڪارو ڪاري“ جي پسمنظر ۾ لکيل هي ڪهاڻي تمام جاندار ۽ ذهن کي
جنجھوڙيندڙ آهي. جنهن ۾هڪ همراهه ٻئي جودڪان ڦٻائڻ لاءِ جتي وٺڻ جي بهاني دڪان ۾ وڃي
ٿو. دڪاندار کي چوي ٿو “ يار ليڊيز جتي کپي نمبر ياد ڪونهي.” دڪاندار چوي ٿو“ عام
طور ليڊيز نمبر ست هوندو آهي. اوهان هي ست نمبر وارو چپل وٺي وڃو جي نه ته صبحاڻي
بدلائي وٺجو.” همراهه چپل ڏسي چوي ٿو “ ها هي بهتر رهندو.” ٻئي ڏينهن اهو ماڻهو
اچي ٿو ۽ دڪاندار سان اچي جهيڙو ڪري ٿو ته منهنجي زال جي پير جي نمبر جي توکي خبر ڪيئن
پئي. ضرور تون منهنجي زال سان ڦٽل آهين. دڪاندار ڀڄي جان بچائي ٿو. نيٺ فيصلو
سردار وٽ وڃي ٿو. زندگي جي بخش ۾ ڏنڊ طور رقم لاءِ همراهه کي دڪان جو سامان، گهر سڀ
وڪڻڻا پون ٿا. الزام هڻندڙ انهي رقم مان ٻني وٺي ٿو. محمد علي پٺاڻ جي هن ڪهاڻي “ڪارو ڪاري” جهڙي ڪڌي رسم جا بکيا جيئن اڊيڙيا
آهن ائين تمام گهٽ ڪهاڻين ۾ نظر آيو آهي. اسين ٿر ڏڪار ڪانفرنس ۾ ملياسين، تڏهن به
هي ڪهاڻي اسان جي ڪچهري جو موضوع هئي. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن محمد علي دوستي جو ڀرم
رکندي اهو رشتو نڀايو اچي. پاڻ منهنجي ڪا به تحرير پڙهيائين ته ضرور فون ڪري نه
صرف انهي تحرير تي حال احوال ڪندو، پر ڪمين
ڪوتائين تي به ڳالهائيندو.