; سنڌي شخصيتون: امداد سهتو، ساهتي، شاعر، منظور سولنگي،
Showing posts with label امداد سهتو، ساهتي، شاعر، منظور سولنگي،. Show all posts
Showing posts with label امداد سهتو، ساهتي، شاعر، منظور سولنگي،. Show all posts

26 July, 2018

امداد سهتو


امداد سهتو
ساهتي جو سهڻو شاعر
منظور سولنگي
امداد سهتو ۽ منهنجو تعلق ساهتي پرڳڻي جي انهيءَ شهر سان آهي جنهن سان پهرين سنڌي اخبار جي ايڊيٽر عبدالرحمان قاضي جو هئو. ڳائڻ ۾ منفرد اسلوب رکندڙ ماسٽر چندر جو تعلق به هن شهر سان هو ته وري سنڌي ادبي سنگت جي چئن بانيڪارن مان هڪ گوبند مالهي به هن شهر ۾ جنم ورتو. پاڪستان کان اڳ مزاح جي وڏي نالي نوري مشڪري جو به تعلق هن شهر سان هئو. شايد اهو ئي سبب ۽ اثر هو جو اڳتي هلي سائين غلام قادر سومري سنڌي ادب ۾ طنز و مزاح جي عنوان تي پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ مون (منظور سولنگي) شعوري ۽ طنزيه ڪالم ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ لکيو.