گلزار علي خان سانگھڙائي
سدا حيات ۽ ڪلاڪار خانصاحب استاد
ناصر مقصود گل
مولا علي عليه السلام جن جو فرمانِ عاليشان آهي ته: ”هڪ
عالِم جو موت، پوري عالَم جو موت آهي“ ڇاڪاڻ ته هڪ علم وارو انسان، جڏهن هي جهان
ڇڏي پنهنجي خالقِ حقيقي سان وڃي ملندو آهي ته پنهنجي پٺيان پوريءَ دنيا کي سوڳوار
ڇڏي ويندو آهي. جيڪڏهن مولا علي عليه السلام جي هن قول جي گهرائيءَ تائين وڃجي ته
ان جو مقصد اهوئي آهي ته علم کي اهڙي فضيلت ۽ درجو حاصل آهي، جو جڏهن هڪ علم وارو
انسان هِن جهان مان هن جهان ڏي روانو ٿيندو آهي ته اڻ گھڙيءَ ڄڻ ته سندس فيض کان
پورو عالَم محروم ٿي ويندو آهي. علم وارا انسان فرد واحد هوندي به اهڙن ادارن مثل
هوندا آهن، جيڪي ڏات ۽ فن جي ڪري سدائين قدر دان ماڻهن جي دلين ۾ آباد هوندا آهن،
اهي ماڻهو جهڙيءَ ريت جيئري ماڻهن جون دليون جيئاريندا رهندا آهن، اهڙيءَ ريت سان
مُئي پڄاڻان سموري ديس کي اداس ڪري ويندا آهن.
