; سنڌي شخصيتون: بيگم فقيرياڻي

02 July, 2015

بيگم فقيرياڻي

بيگم فقيرياڻي

بيمثال صوفي گائڪا

اختر درگاهي



اڄ روهڙي ۾ سنڌ جي نامياري صوفي شاعره ۽ راڳي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي ۲۹هين ورسي ملهائي پئي وڃي مائي صاحبا سنڌَ ۾ تصوف۽ راڳ جي حوالي سان هڪ نرالي شخصيت جي مالڪ هئي. هن پنهنجي فن جي شروعات وڏڙن جي بتيلي تان ڪئي جنهن کان پوءِ سنڌ جي ٻن اهم درگاهن ڀٽ شاه ۽ حضرت هنباه جي فقيري فيض سان سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿي.


بيگم فقيرياڻي جي ڳائڻ جو انداز وڏو پُر اثر هو پاڻ سنڌ جي صوفي شاعرن شاهه لطيف، سچل، بيدل، ٻُڍل، شاه نصير، خوش خير محمد، ولايت شاه ۽ ٻين جو ڪلام وڏي پُر سوز انداز ۾ ڳايو. شاهه لطيف سان گهري عقيدت سبب کيس سڄي سنڌ ۾ لطيف جي فقيرياڻي طور سڏيو ويندو هو جڏهن ته پاڻ درگاه هنباه جي بزرگ ۽ شاعر داتا ولايت شاه جي مريدياڻي هئي.

بيگم فقيرياڻي سڄي عمر ڪاري ويس ۾ گذاري کيس پهرين عورت صوفي راڳي جو درجو حاصل آهي پاڻ ۱۴ شعبان ۱۴۰۷ مطابق ۱۳ اپريل ۱۹۸۷ تي وفات ڪري وئي. سندس عمر ۷۲ سال هئي ناميارو شاعر درگاهي ميراڻي سندس پُٽُ۽ اختر درگاهي سندس پوٽو آهي. جڏهن ته گُلُ فقير سندس ننڍو پٽ لوڪ راڳي هو جنهن جي نالي ثقافت کاتي سنڌ ماهوار وظيفو جاري ڪيو جيڪو هينئرسندس پونئرن کي ملندو آهي

مائي بيگم فقيرياڻي جا ڳايل مشهور ڪلام هي آهن

1.     ڪير ڪشالا ڪري تنهنجي محبت وڌو آ مامري

2.     جيڏيون جانب سان دل منهنجي آهي

3.     سندس هڪ قومي گيت

4.     مونکي پنهنجي سهڻيءَ سنڌ تي ناز آ.

تي اڳوڻي هڪ عوامي حڪومت بندش پڻ وڌي هئي. اڄوڪي عرس/ ورسي تي صوفياڻي راڳ کان سواء سندس زندگيءَ بابت لکيل ڪتاب حالُ فقيري {سوانح حيات مائي بيگم فقيرياڻي} جي مهورت پڻ ٿيندي.

سنڌ جي وڏي اديب رشيد ڀٽيءَ مائي بيگم لاء لکيو آهي ته:

ڪارو لباس پر اڇو اجرو من ڳلي ۾ ڪٺمال سڄي عمر ايئن رهي. جهڙي بيگم فقيرياڻي سڏائيندي هئي اهڙي ئي دل ۽ من جي فقيرياڻي هئي پاڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ اها ئي روايتي لڄاءَ واري عورت جو نمونو مرحوما جنت مڪان سنڌي ثقافت خاص ڪري سهري جي احياءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.

سنڌ جي هڪ برک اديب علي احمد بروهي مائي صاحبا لاء هن طرح لکيو آهي.

اُتر سنڌ ۾ مائي بيگم سنڌ جي ڪوئل سڏي ويندي هئي هن ڪڏهن ڪاري رنگ کان سواء ڪو لٽو ڪپڙو نه پاتو مونکي ته شڪ آهي ته اڇي ڪفن جي لباس ۾ مائي بيگم کي منڪر نڪير مشڪل سڃاتو هجي، هونئن به ملائڪ مماتي وارن کي پار پتن تي سڃاڻيندا آهن نالو ته قبر ۾ اچي پوء پڇندا آهن.


 

مائي بيگم فقيرياڻي

الطاف جوکيو

روهڙيءَ جي مائي بيگم فقيرياڻي به هڪ هئي، جنهن سڄي ڄمار حقيقي عشق واري الفي پائي صوفي رنگ ۾ رڱجي صوفياڻي پيغام کي در در پهچايو.

مائي بيگم جو ۱۹۱۵ع ۾ هارون فقير ميربحر جي گهر ۾ جنم ٿيو، مائي بيگم ٻالڪپڻ واري عمر کان خاموش سمنڊ جهڙي گهري سوچ رکڻ واري ڇوڪري هئي، بيگم فقيرياڻي به پنهنجي بابا سان گڏ درگاھ هنباھ جون مٽيون ڀرڻ شروع ڪيون، پنهنجي بابا جي وفات کان پوءِ ان جي ڏنل گس تي هلي پئي ۽ حقيقي عشق جو رنگ به فقيرياڻي کي درگاھ هنباھ شريف مان مليو، پوءِ بيگم فقيرياڻي پوري زندگي عشق واري الفي پائي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پهري رکيا، بيگم فقيراڻي لڳ ڀڳ ۱۹۴۰ع ۾ باقاعده راڳ جي شروعات ڪئي، مائي بيگم فقيرياڻي جي گروپ ۾ جيڪي سنڌ جا مشهور راڳي گڏ ڳائيندا هئا، انهن ۾ استاد لونگ فقير، گلشن علي زنگيجو، سهراب فقير، گل حسن فقير ۽ غلام علي سنديلو هميشه فقيراڻي سان ساٿ نڀايو، فقيرياڻي جي صوفي راڳ ۽ آواز سڄي سنڌ ۾ ايتري ته مقبوليت ماڻي جو اڄ به سنڌ جا ماڻهو کيس بيگم فقيرياڻي، امان فقيرياڻي ۽ لطيف جي فقيرياڻي جي نالن سان ياد ڪن ٿا، بيگم فقيرياڻي صوفي راڳي سان گڏ شاعره به هئي، هن جا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور مان ڪيترا ئي ڪلام نشر ٿيا، هن جي مقبول ڪلامن ۾؛

1.     پنهنجي سهڻي سنڌ تي ناز آ‘،

2.     ’جوڳي ٿا جاڳن‘،

3.     ’ڪير ڪشالا ڪري‘،

4.     ’جيڏيون جانب سان دل منهنجي آهي‘،

5.     ’ڏورئون ٿا ڏسجن ماڳ مٺن ماروئڙن جا‘،

6.     ’پٽ نه پنهوار‘،

7.     ’ڪعبي ۾ علي ڄائو‘،

8.     ’دنيا جا تونگر هڪ پاسي‘

۽ ٻيا ڪيترا ئي ڪلام آهن جيڪي هن جي سڃاڻپ بڻيا، بيگم فقيرياڻي شاعرن جي سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائي، داتا ولايت شاھ ۽ شاعره غلام فاطمه لعل جي ڪلامن کي وڌيڪ ڳايو.

پاڻ پوري حياتي پيار جا پکيئڙا پاليندي، ۱۳ اپريل ۱۹۸۷ع هن فاني جهان کي هميشه لاءِ الوداع چئي وئي.

هن ڀٽائي سرڪار جي ڪلام ۾ لونگ فقير هارمونيم/ پيٽي تي موجود آهي..


 

مائي بيگم فقيرياڻي

دنيا ۾ جيترا به انسان آيا آهن اهي سڀ پنهنجي پنهنجي ڪردار سان سڃاتا ويندا آهن. ڪجھ ماڻهو زندگي ۾ اهڙا ته ڪم ڪري وڃن ٿا جو تواريخ ۾ انهن جو نالو سنهري اکرن سان لکيو ويندو آهي. روهڙي تعلقي ۾ ڪيترا ئي اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي علم ۽ پنهنجي ڪردار سان هن شهر جو نالو روشن ڪيو. اهڙن ئي ماڻهن منجهان روهڙيءَ جي مائي بيگم فقيرياڻي به هڪ هئي. جنهن سڄي ڄمار حقيقي عشق واري الفي پائي، صوفي رنگ ۾ رنگجي، صوفياڻي پيغام کي در در پهچايو.

مائي بيگم جو ۱۹۱۵ع ۾ هارون فقير ميربحر جي گهر ۾ جنم ٿيو، مائي بيگم ٻالڪپڻ واري عمر کان خاموش سمونڊ جهڙي گهري سوچ رکڻ واري ڇوڪري هئي، بيگم فقيرياڻي به پنهنجي بابا سان گڏ درگاھ هنباھ جون مٽيون ڀرڻ شروع ڪيون، پنهنجي بابا جي وفات کان پوءِ ان جي ڏنل گس تي هلي پئي ۽ حقيقي عشق جو رنگ به فقيرياڻي کي درگاھ گنباھ شريف مان مليو، پوءِ بيگم فقيرياڻي پوري زندگي عشق واري الفي پائي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پهري رکيا، بيگم فقيراڻي لڳ ڀڳ ۱۹۴۰ع ۾ باقاعده راڳ جي شروعات ڪئي، مائي بيگم فقيرياڻي جي گروپ ۾ جيڪي سنڌ جا مشهور راڳي گڏ ڳائيندا هئا، انهن ۾ استاد لونگ فقير، گلشن علي زنگيجو، سهراب فقير، گل حسن فقير ۽ غلام علي سنديلو هميشه فقيراڻي سان ساٿ نڀايو، فقيرياڻي جي صوفي راڳ ۽ آواز سڄي سنڌ ۾ ايتري ته مقبوليت ماڻي جو اڄ به سنڌ جا ماڻهو کيس بيگم فقيرياڻي، امان فقيرياڻي ۽ لطيف جي فقيرياڻي جي نالن سان ياد ڪن ٿا، بيگم فقيرياڻي صوفي راڳي سان گڏ شاعره به هئي، هن جا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور مان ڪيترائي ڪلام نشر ٿيا، هن جي مقبول ڪلامن ۾ مونکي پنهنجي سهڻي سنڌ تي ناز آ، جوڳي ٿا جاڳن، ڪير ڪشالا ڪري، جيڏيون جانب سان دل منهنجي آهي، ڏورئون ٿا ڏسجن ماڳ مٺن ماروئڙن جا، پٽ نه پنهوار، ڪعبي ۾ علي ڄائو، دنيا جا تونگر هڪ پاسي ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڪلام آهن جيڪي هن جي سڃاڻپ بڻيا، بيگم فقيرياڻي شاعرن جي سرتاج شاھ عبدالطيف ڀٽائي، داتا ولايت شاھ ۽ شاعره غلام فاطمه لعل جي ڪلامن کي وڌيڪ ڳايو.

پاڻ ۱۳ اپريل ۱۹۸۷ع هن فاني جهان کي هميشه لاءِ الوداع چئي وئي، صاف ۽ چٽو نظر اچي پيو ته بيگم فقيرياڻي پوري حياتي پيار جا پکيئڙا پاليا ۽ مان واري خوشبو کي پنهنجي مٺڙي آواز ذريعي پوري سنڌ ۾ پکيڙيندي رهي.


 

بيگم فقيرياڻي

سنڌ جي صدين جو آواز

معصوم سنڌي

مائي بيگم فقيرياڻي روهڙي شهر جي فنڪار گهراڻي سان واسطو رکندي هئي ۽ سنڌ جي نامياري ڳائڻي هئي. سندس جنم ۱۹۱۵ع ۾ ٿيو. مائي بيگم کي ”ڀٽ ڌڻيءَ جي فقيرياڻي“ يا ”لطيف جي فقيرياڻي“ سڏيو ويندو آهي. اڪثر ڀٽ جي درگاهه تي ويندي رهندي هئي. انهيءَ محبت ۾ هن پنهنجو ڪلام پڻ چيو هو. سندس ڪي ڪافيون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪافين جي ڪتاب ۾ شامل آهن. بيگم فقيرياڻيءَ، مائي غلام فاطمه موچياڻيءَ جي، هيءَ ڪافي ڪمال گائڪيءَ سان ڳائي هئي، جيڪا سندس سڃاڻپ بڻجي وئي

‘محبت وڌي آهيان مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري

بيگم فقيرياڻيءَ، پنهنجو فني ورثو، پنهنجي پٽ نامياري شاعر، استاد ۽ فنڪار درگاهي ميراڻيءَ ڏانهن منتقل ڪيو. هن وقت سندس پوٽو اختر درگاهي، نئين ٽهيءَ جو سٺو شاعر ۽ سريلو فنڪار آهي.

بيگم فقيرياڻيءَ جي وفات ۱۳ اپريل ۱۹۸۷ع ۾ ٿي.

 


 

امڙ بيگم فقيرياڻي

صوفين جي باغ جي سدا بھار ڪوئل، سنڌ جي ميران ٻائي - ويا سي وينجھار

سرور سيف

پنوعاقل شعر وادب ۽ راڳ ويراڳ جي دنيا ۾ سنڌ جي اتھاس ۾ وڏي اھميت جو حامل آھي، ھن علائقي ۾ وڏو لطيفي اثر رھيو آھي، لطيف سائين خود ھتي ڪيئي مرتبا براجمان ٿيو آھي ھتي ڪيئي لطيفي تڪيا لطيفي آستان لطيفي اوتارا رھيا آھن لطيف سائين جي درگاھ جا ڪيئي مريد فقراء ھتي رھائش پذير آھن

پني عاقل پنھنجي ڪک مان وقت به وقت ڪيئي شعرا پيدا ڪندو رھيو آھي جنھن ۾ چنگل فقير مھر کان غمدل فقير تائين، غوثل ميراڻي کان تاج بلوچ تائين سائين فتاح ملڪ کان صفر ڪلھوڙي ۽ اصغر جتوئي تائين شامل آھن جن جي شعر وسخن کان سڄي سنڌ بلڪ ھند آشنا آھي

اتي ھن مردم خيز مٽي ڪيئي نامور خواتين به پيدا ڪيون آھن جن ھر کيتر ۾ ناماچار حاصل ڪيو آھي مائي پاروتي جنھن کي جيڪڏھن مدرٽريسا ۽ مادام رٿ فائو سان ڀيٽجي ته ڪوبه وڌاء ناھي آپا ارباب آپا زينب آپا چندرا جھڙيون تعليمدان اتي ھن خطي اعلا پايي جي شاعرائن کي به جنم ڏنو جن ۾مائي فاطمه لال موچياڻي، مائي بيگم فقيرياڻي ۽ حميرا شمس شيخ شامل آھن ۽ ھي زرخيز زمين اڃان تائين پنھنجي ڪک مان ھيرالال جواھر موتي پيدا ڪندي رھي ٿي

داتا ولايت شاھ ھنباھي جنھن جو صوفي رنگ ھن علائقي تي گھرو رھيو آھي جنھن جا پنوعاقل شھر سميت مختلف ڳو ٺن ۾ صوفي اوتارا قائم ٿيل آھن ان جي بقول «صوفين جي باغ جي سدا بھار ڪوئل » جنھن کي باذوق راڳ ويراڳ جا شائقين سنڌ جي ڪوئل سنڌ جي ميران ٻائي سنڌ جي ام ڪلثوم سڏين ٿا مائي بيگم فقيرياڻي ھونئن ته گھڻو تڻو روھڙي سکر ۾ گذاريو پر سندس جنم لڳ ڀڳ رضا ڳوٺ واري علائقي ۾ عزيزپور سامھون عبدالله شاھ ڍنڍ جي جي پاسي ۾ ٿلھي تي ھارون فقير جي ڪکائين گھر ۾ ٿيو سندس امڙ مائي موليڏني وقت جي جيد عالم علامه عبدالقار انڍر جي پنھواري واري ڄڳ مشھور مدرسي جي طالبه رھي ھئي

مائي بيگم فقيرياڻي پني عاقل جي عظيم شاعره درويش ۽ صوفي راڳي مائي فاطمه لال جنھن جو مجازي محبوب خود مائي بيگم اول ھئي ان جي دعا ۽ پيش گوئي جو ثمر ھئي، اصل ۾ ان ۾ ڪوبه وڌاء ناھي ته مائي غلام فاطمه لال جي شاعري کي سڄي سنڌ ۾ عام ڪرڻ ۽ پھچائڻ جو سھرو به بيگم فقيرياڻي کي حاصل آھي جنھن سندس ڪلام ڳايو خاص طور سندس ڪافيون

تنھن جي محبت وڌو آ مامري نه ته ڪير ڪشالا ڪري

درد لڳو آ دلبر جو، جيڪو آھي منھنجي جيء ۾

سرتيون ڪونه سماء پيو ڏيرن جو ته ڏمر ۾

نڪري ٿيا نروار عشق عقل ٻئي چوغان ۾

محبت منجھ مري وئي آ

بيگم فقيرياڻي تمام سٺي گائڪ ته ھئي پر سٺي شاعره به ھئي اڪثر پنھنجون ڪافيون پاڻ به ڳايون اٿس سندس ڪافيون سوز وگداز سان پر تصوف جي رنگ ۾ رڱيل وحدانيت جي اپٽار سان مزين ۽ ساديون ۽ عام فھم آھن مثال طور

ڪاٿي ھير ڪاٿي رانجھن ڪاٿي مرليون وڄائين ٿو

سؤلي تي منصور چڙھائين، انالحق الائين ٿو

واھ انصاف آ عشق اوھان جو

مون جھڙي درويش سان، اھڙو ماڻو نه ڪجي وويار

نڌر نماڻي ساڻ جو نيندا، جن کي دل ٿي سڏي او يار

فاذڪروني اذڪر ڪم، سر جو سانگي ساھي ڙي سرتيون

الانسان سري وانا سرھ، سر کي سجدو آھي ڙي سرتيون

سڀ ڪجھ آھي جھان م، ڇا ھي منھنجو ڇا ھي ڙي سرتيون

سنجھي ته ڪري ويم سعيو اڄ مان درد پرايو

مون پئي ڄاتو ڪين ڇڏيندو، پنھل ھيو ته پرايو، اڄ مان درد پرايو

مولا ملائي دلڙي اداس آھي

پنھنجي پنھل لاء آھيان اداسي، ايندو ڪوھيارل ٿيندس راضي

بيگم سان تون رھ اچي راضي بخش خطائون مرد آن غازي

مولا ملائي. . . . .

مان ڀي ويندس ڪيچ ڏي ڪاھي

سرتيون منھنجو شھر ڀنڀور ۾ ڇا ھي

ديد منھنجي دلبر تو۾ خلق سڄي پئي کلي کلي

ته به دل جو دلبر ملي ملي

ڏني دل مان توکي وفادار سمجھي

ڇڏي وڃ نه مون کي گنھگار سمجھي

نيڻ وھايم نار ڀاء فقير

ڳوليندي وتان توکي ڳوٺ ڳلين ۾

ڇا کان رسي وئين دلبر مون کان، ڪھڙي پيم تقدير

ھاشم جھڙو ڪونه ڏسان ٿي بيگم جا اچ وير ڀاء فقير

ڳوليندي وتان توکي ڳوٺ ڳلين ۾

سنڌ جو ھي بي انتھا سريلو آواز پنھنجي ولر پنھنجي اولاد جي ھٿن ۾ ۱۳اپريل ۱۹۸۷ع تي سدا لاء خاموش ٿي وڃي حق سان مليو پر سندس ڪلام ۽ آلاپ امرتا ماڻي صدين تائين زنده جاويد رھندو ۽ آھي

آواز جو سنڌڙي ۾ گونجيو

ٿي فنا بقا جي پار ويو

ھو بي غم ھو ھو بي رنگ ھو

اڄ ماڻھو مڻيادار ويو (درگاھي ديوانو)

 

(سرور سيف جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ مئي ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا