; سنڌي شخصيتون: پير محمد مرزا - علي ڏنو جروار

31 July, 2015

پير محمد مرزا - علي ڏنو جروار

پير محمد مرزا
مثالي استاد
علي ڏنو جروار
سنڌ ڌرتيءَ ڪيترا ئي عظيم انسان، ڏاها، استاد، مفڪر، شاعر اديب ۽ دانشور پيدا ڪيا آهن. سائين پير محمد مرزا به انهن مان هڪ آهي، جيڪو ڪالهه اسان کان وڇڙي ويو آهي. سائين پير محمد مرزا انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن استادن مان هڪ هو، جن کي اسان مثالي استاد چئي سگهون ٿا.


هو ڊيوٽيءَ جو پابند هو. ڪهڙي به صورتحال هجي پر سائين پير محمد مرزا اسڪول هر حال ۾ پهچندو هو. مون کيس لساني جهڳڙن، فسادن وارن ڏينهن ۾ به حيدرآباد جهڙي شهر ۾ ڊيوٽي تي پهچندي ڏٺو هو. سندس هڪ ٻي وڏي خوبي اها هئي ته هو سچ هر ڪنهن کي چئي ڏيندو هو، جنهن جي ڪري ڪٿي ڪٿي تڪليفون به پيش آيس.
مون سائين پير محمد مرزا کي، سنڌ جي پرائمري استادن جي جماعت آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن ۾ ڀرپور ڪردار نڀائيندي ڏٺو. ساڻس پهرين ملاقات 1988ع ۾ سندن فردوس ڪالوني واري گهر تي ٿي هئي. جڏهن آئون گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن ۾ پي ٽي سي ڪرڻ آيو هوس. اُن وقت منهنجي رهائش اڃا پنهنجي ڳوٺڙي ۾ هئي. هڪ ڏينهن سندن فرزند ظهير مرزا جيڪو پڻ پرائمري اسڪول ٽيچر آهي ۽ اسان سان گڏ پي ٽي سي ڪندو هو. ان سان گڏ سندن گهر تي وڃڻ ٿيو، جتي منهنجي ساڻس ملاقات ٿي، جنهن دوران چيائين ته؛ بابا رڳو هن نوڪريءَ تي نه ڀاڙيو. وڃي سي ايس ايس، پي سي ايس ڪريو، بي ايڊ، ايم يڊ ڪريو، نوجوان آهيو، همت ڪريو.
ان بعد ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. ڪڏهن پريس ڪلب ته ڪڏهن تعليم کاتي جي آفيسن ۾ ته ڪڏهن وري استادن جي جماعت آل سنڌ پ ٽ الف جي ميڙاڪن ۾. بهرحال ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو هو. سائين پير محمد مرزا، پرائمري استادن جي جماعت جي باني، قائد استاد جان محمد جمالي جو ويجهو ۽ اعتماد وارو ساٿي به هو. اُن سان گڏ ڊيوٽي به ڪيائون ۽ آخر انهيءَ ساڳئي اسڪول سيٺ ڪمال الدين جو هيڊ ماستر به رهيو، جنهن اسڪول جو قائد استاد پاڻ هيڊ ماستر رهيو هو. اُن کان علاوه جماعت جي ٻين مرڪزي صدرن سائين قادر بخش طالباڻي، انتظار ڇلگري ۽ رفيق جروار جو پڻ ويجهو ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي رهيو..
سائين پير محمد مرزا جي هڪ خوبي اها هوندي هئي ته جنهن سان گڏ هوندو هو ان سان توڙ نڀائيندو هو. منجهس ٻيائي نه هوندي هئي. هو هڪ صاف گو انسان هو. نڀائڻ جو وٽس وڏو ڏانءُ هوندو هو. حق ۽ سچ جي واٽ تي هلڻ سندس پهريون اصول هو. سدائين ڪامورن جي اک جو ڪنڊو رهيو. ڏکين حالتن ۾ هوندي به هو ڪڏهن مايوس نه ٿيندو هو ۽ نه وري مون جهڙي ڪنهن کي مايوس ٿيڻ ڏيندو هو.
هڪ دفعي پ ٽ الف ۾ ڪجهه اختلاف پيدا ٿي پيا. هي 94-1993ع جي ڳالهه آهي ان دوران هڪ ڌر عدالت ۾ پهچي وئي. ٻي ڌر ۾ قادر بخش طالباڻي، پير علي مير، رشيد لغاري، متارو خان جوڻيجو، رفيق جروار وارا هئا. ان وقت اليڪشن ڪمييٽي حيدرآباد ضلعي جو وقتي چيئرمين آئون هوس. ڪمزور ۽ ڏٻرو انسان ڏسي انهن دوستن مون کي ٽارگيٽ ٺاهيو. ڪورٽ سڳوري ۾ حاضري تي ۽ وڪيل سان صلاح مشوري لاءِ آئون ويندو هوس. جڏهن به اسان جي حاضري هوندي هئي ته قادر بخش طالباڻي، پير علي مير ۽ رفيق جروار مرڪزي آفيس ۾ اچي ويهندا هئا ۽ سائين پير محمد مرزا مون سان گڏجي ڪورٽ تي هلندو هو ۽ سدائين منهنجي همت وڌائڻ لاءِ ڪڙڪيدار آواز ۾ چوندو هو؛ ”گهٻرائجان نه! آئون ويٺو آهيان! همت ڪجانءِ!“
مون کي سائين قادر بخش طالباڻيءَ سان ملائڻ وارو به سائين پير محمد مرزا هو. هڪ دفعي آئون ڪنهن مسئلي تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ وڃي رهيو هوس ته اوچتو هي مون کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي گيٽ وٽ ملي ويو. دعا سلام کانپوءِ پڇيائين ته؛ ”ٻروچ ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ هو مون کي گهڻو ڪري ٻروچ چئي مخاطب ٿيندو هو. مون کيس سربستو حال ڪري ٻڌايو. جڏهن مون ڳالهه پوري ڪئي ته مون کي چيائين؛ ”ويهه موٽر تي.“ پوءِ اسان گول بلڊنگ وٽ، هڪ هوٽل تي ويهي چانهه پيتي. جنهن دوران هن مون کي چيو ته؛ ”تون ڪوٽڙي وڃ ۽ اُتي هڪ همراهه کي آئون فون ڪري ٿو ڇڏيان، تون ان سان وڃي مل. هي 1991ع جي ڳالهه آهي. اُتان موڪلائي آئون ڪوٽڙي ويس، جتي ٻُڌايل ڏس پتي تي هڪ انتهائي سادو، سٻاجهڙو ۽ پُرڪشش شخص بيٺو هو، جيڪو سائين قادر بخش طالباڻي هو. اُن مون کان حال احوال ورتا ۽ چيو ته؛ سڀ کان بهتر آهي ته اِهي معاملا تنظيم ۾ حل ڪجن. هاڻ تون مرڪزي چيئرمين وٽ قمبر وڃ. مون کي سائين طالباڻي دال چانور کارائي ڪراچي کان پشاور ويندڙ خوشحال خان خٽڪ ٽرين ۾ قمبر روانو ڪيو. جيڪو اُن وقت لاڙڪاڻي ضلعي جو حصو هو. اُن سڄي مُهم ۾ مون کي انصاف پلئه نه پيو پر ڪجهه تلخ تجربا ضرور ٿيا، جن جون يادون اڃا تائين ذهن ۾ محفوظ آهن.
زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ سائين پير محمد مرزا مون کي پنھنجن ٻن فرزندن سميت ريسرچ ليبارٽري جي گيٽ وٽ مليو. مون سان گڏ هڪ دوست سرور شاهه به هو، جيڪو سندن پراڻو پاڙيسري هو. مون کي چيائين ته؛ ”ٻروچ هن جي پارت اٿئي.“
هي دنيا اچڻ وڃڻ جو ماڳ آهي. هتي هڪڙا ويندا پيا آهن ته ٻيا وري ايندا پيا آهن. پر سائين پير محمد مرزا جهڙو بهادر ۽ بيباڪ انسان هن دور ۾ پيدا ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. لطيف جون سٽون آهن ته:
هلڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهان ايءَ مرڪ،
وجهن تان نه فرق، رڪ وهندي راند ۾.
(شاهه)
سو سائين پير محمد مرزا اهڙو ئي هڪ ارڏو انسان هو. سانوڻ جي مُند آهي جنهن کي سارنگ، آڙنگ، ملهار ۽ ميگهه به چوندا آهن. هيءَ مند هر ڪنهن کي پسند آهي. بقول لطيف جي ته:
ماڻهو، مرگهه، مينهون، سڀ سارنگ کي سارين،
آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين،
سپون جي سمونڊ جون، نئين سج نهارين،
پلر پيارين ته سنگهارن سک ٿئي.
(شاهه)
سائين پير محمد مرزا خوش نصيب آهي، ڀاڳن وارو آهي. سندس قبر جي تازي مٽيءَ مٿان عزيزن، قريبن پاران رکيل گلاب پنکڙين سان گڏ ابر ڪڻين جو به وسڪارو ٿيو آهي. آگم آگميو آهي ۽ پَلَرَ جون ڪجهه ڦڙيون، سائينءَ جي قبر تي به ڪريون آهن. سائينءَ جي فرزندن ۽ گهر ڀاتين کي، الله تعاليٰ صبر جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)


No comments:

راءِ ڏيندا