; سنڌي شخصيتون: خان بهادر، خداداد، خان، ڪتاب، لب تاريخ سنڌ، ليکڪ، مختيار، احمد، ملاح،
Showing posts with label خان بهادر، خداداد، خان، ڪتاب، لب تاريخ سنڌ، ليکڪ، مختيار، احمد، ملاح،. Show all posts
Showing posts with label خان بهادر، خداداد، خان، ڪتاب، لب تاريخ سنڌ، ليکڪ، مختيار، احمد، ملاح،. Show all posts

11 July, 2015

خان بهادر خداداد خان - مختيار احمد ملاح

خان بهادر خداداد خان
ڪتاب لب تاريخ سنڌ جو ليکڪ
مختيار احمد ملاح
انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ آفيسن جو نئون سرڪاري نظام قائم ٿيو. نئون تعليمي نظام پڻ قائم ٿيو. غريب عربي جي تعليم ۽ سرڪاري عهدن تي رسائي ٿي. نئين تعليم نظام سان علم ۽ ادب ۾ به نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ٿيا . خود سنڌ جي تاريخ تي نئون ڪم شروع ڪيو ويو. ڪيترائي انگريز حڪمران سنڌ شناس هئا. هنن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو هو. مقامي ماڻهن کي به ان ڏس ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو. ان ڏس ۾ خداداد خان وڏو نالو رکي ٿو، جنهن ”لب تاريخ سنڌ“ جهڙو معياري ڪتاب لکيو. خداداد خان پنهنجي ڪتاب لب تاريخ سنڌ جي ديپاجي ۾ لکيو آهي ته؛
”هي عاجز خان بهادر خداداد خان ولد مرحوم راضو خان يا رضا محمد خان پٺاڻ حال رهندڙ پراڻو سکر، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي عرض ٿو ڪري ته مان فرصت جو گهڻو وقت سنڌ جي تاريخ ۾ گذاريندو هوس، جا هاڻي منهنجو وطن آهي. خداداد خان ولد رضا محمد خان ترين پشين جي پٺاڻن مان هو ۽ اتان لڏي سکر پراڻي ۾ رهڻ لڳو.“