مرتضى ڪلهوڙو
منظور ڪوهيار
مون کي هڪ دفعو فون آئي، ”سائين،
مان منظور ڪوهيار سان ڳالهائڻ ٿو چاهيان“
مون وراڻيو، ”اهو ته مري ويو“
هن چيو، ”سائين، اهو ڪيئن؟“
”ائين
جيئن ماڻهو مرندا آهن.“
”اوهان
ڪير ٿا ڳالهايو؟“ هن پڇيو.
”منظور
ڪوهيار!“ وراڻيم.
”ته
پوءِ مان ڪيئن يقين ڪيان ته اوهان مئل آهيو؟“