; سنڌي شخصيتون: مختيار علي، سخي غلام حسين خاصخيلي، تصور سنديلو، قاضي آصف، خاصخيلي لطيف راولاڻي،
Showing posts with label مختيار علي، سخي غلام حسين خاصخيلي، تصور سنديلو، قاضي آصف، خاصخيلي لطيف راولاڻي،. Show all posts
Showing posts with label مختيار علي، سخي غلام حسين خاصخيلي، تصور سنديلو، قاضي آصف، خاصخيلي لطيف راولاڻي،. Show all posts

20 September, 2026

عبداش پنهور

عبداش پنهور

بيمار صحافي جي مالڪي ڪريو

مختيار علي



سنڌ جي علمي، ادبي ۽ صحافتي تاريخ ۾ ڪجهه نالا اهڙا هوندا آهن، جيڪي هڪ الڳ سڃاڻپ جوڙي وٺندا آهن. اهي ماڻهو پنهنجي فڪر، اصولن ۽ خودداريءَ جي ڪري زماني کان مٿانهون مقام حاصل ڪري وٺندا آهن. اهڙن ئي نالن ۾ هڪ نالو سينئر صحافي، اديب ۽ کاٻي ڌر سان سلهاڙيل ساٿي عبداش پنهور به آهي. عبداش پنهور ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. هن نه رڳو صحافت جي ميدان ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو، پر ادبي دنيا ۾ به پنهنجي فڪر ۽ قلم ذريعي هڪ سڃاڻپ قائم ڪئي. هن پنهنجي قلم کي ڪڏهن به ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو، بلڪه هميشه ان کي مظلومن، پورهيتن ۽ عام ماڻهن جي حقن لاءِ استعمال ڪيو. عبداش پنهور جي سياسي شعور جي شروعات ننڍپڻ کان ٿي. هن ٻارڙا سنگت جهڙي ترقي پسند پليٽفارم تان سياست جي شروعات ڪئي، جتي هن سماجي برابري، انساني حقن ۽ انصاف جي قدرن کي سمجهيو. اهو ئي سبب آهي جو هو سڄي عمر کاٻي ڌر جي سياست سان سلهاڙيل رهيو. هن لاءِ سياست ڪو اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه هئي، پر اها هڪ اهڙي جدوجهد هئي جنهن جو مقصد سماج ۾ انصاف، برابري ۽ شعور پيدا ڪرڻ هو.