ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
ھارين جو همدرد- انقلابي اڳواڻ
ارشاد ڪاغذي
سنڌ سونهاريءَ جي ڪک مان ڪيئي
اهڙا مانجهي مڙس مٿير پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي علم، عقل، ادراڪ، سوچ سمجهه سان سنڌ
جي سينڌ سنواري آهي، جن پنهنجي نام ۽ ناموس جي ذريعي سنڌ جو مانُ مٿانهون ۽ ڳاٽ اوچو
رکيو آهي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به اهڙن مهان، عظيم، قابل ۽ اعليٰ انسانن مان هڪ
هو، جنهن جي هاڪ، مڃتا، مهانتا ۽ مانُ پڌرو آهي. ڪامريڊ هارين جو همدرد، هڏڏوکي ۽
مخلص روشن خيال سياستدان هو.
