; سنڌي شخصيتون: فيض بخشاپوري، غالب سنڌ، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر محمد علي محمدي،
Showing posts with label فيض بخشاپوري، غالب سنڌ، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر محمد علي محمدي،. Show all posts
Showing posts with label فيض بخشاپوري، غالب سنڌ، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر محمد علي محمدي،. Show all posts

02 September, 2011

فيض بخشاپوري

فيض بخشاپوري

[ ولادت ۱۳۴۱ ھ = ۱۹۲۲ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



بلوچ قوم جي مشهور رند قبيلي جو ناميارو قومي شاعر، فيض الله خان ولد مصري خان ڊومبڪي، ۱۳۴۱ ھ مطابق ۱۹۲۲ع ۾ ضلعي جيڪب آباد تعلقي ڪشمور جي ڳوٺ بخشاپور ۾ جنم ورتو آهي. اِنهيءَ نسبت سان پاڻ کي ”فيض بخشاپوريءَ“ جي نالي سان پڌرو ڪيو اٿس. ابتدائي تعليم بخشاپور جي تعليمي ادارن مان حاصل ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي موزون طبيعت هيس؛ جنهن ڪري شعر چوڻ جي مشق ڪرڻ لڳو. سندس والد بزرگوار نهايت سنجيده، پرهيزگار وفادار ۽ مانائتو مڙس هو. وٽس ڪنهن به شيءِ جي ڪمي ڪانه هئي. اهڙي ئي سانتيڪي ۽ سکڻي ماحول ۾ فيض صاحب ابتدائي تعليم جا مرحلا ته تيزيءَ سان طيءِ ڪيا، پر پوءِ وڌيڪ تعليم کي ترڪ ڪري، زمينداري پيشي سان لونءَ لڳايائين. پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ کيس پنهنجي قومي سردار، مير تاج محمد خان ڊومبڪيءَ جي صحبت ملي ويئي، جيڪو پڻ سخن شناس، علم جو اڪابر ۽ وڏو دانا هو. اهڙي نيڪ بخت جي نظر فيض اثر هيٺ ”فيض“ صاحب کي ڪافي ڪتابن جي مطالعي جو موقعو مليو. پوءِ ته سنڌيءَ سان گڏ اردو ڪتابن ۾ به چڱي مهارت حاصل ڪري ورتائين.