حافظ عبدالله ”بسمل“ [1886ع – 1950ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ٽکڙ جي شاعرن ۾ حافظ محمد عبدالله ”بسمل“ ولد علامه حافظ
محمد يوسف سهتي جو نالو نه وٺڻ، سنڌي ادب ۾ خال پيدا ٿيندو. سندس ولادت 4 شوال
1302 هه = 2 اپريل 1886ع تي ضلعي حيدرآباد جي ننڍڙي ڳوٺ ”ٽکڙ“ ۾ ٿي. شروعاتي تعليم
پنهنجي والد بزرگوار وٽان ورتائين، جتان قرآن پاڪ ناظران سان گڏ فارسي ۽ ڪجهه سنڌي
ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. عربي تعليم علامه اسدالله شاه وٽان ورتائين. قرآن پاڪ جو
حفظ، حافظ محمد هارون ”دلگير“ وٽان ڪيائين.
هن عالم ابن عالم جي زندگيءَ جو ڳچ حصو درس و تدريس ۾
گذريو. خدا پاڪ سندس حصي ۾ مالي زر بجاءِ علم زياده عطا ڪيو هو؛ جنهن ڪري عالم
سڳوري کي البته معاشي مشڪلاتن مان پار پوڻو ٿيو. تڏوهڪي زماني ۾ هڪ ننڍو ڳوٺڙو هو؛
جنهن ڪري 1935ع ڌاري پيٽ قوت لاءِ کيس مجبورًا ”حيدرآباد وڃڻو پيو“.
ڪافي وقت حيدرآباد ۾ رهي، وري واپس ٽکڙ ۾ آغا حسين جان
حضرت صاحب جي درگاه واري ڪتب ۾ معلم ٿي رهيو. اتي به کيس چين نه آيو؛ جنهن ڪري هن
آزاد خيال انسان، ورهاڱي کان اڳ (غالبا 1943ع ڌاري“ حيدرآباد موٽيو؛ جتي منشي
عبدالشڪور جي نگراني ۾ نڪرندڙ روزانہ ”هلال پاڪستان“ ۾ ”شاعر خاص“ ٿي ڪم ڪيائين.
پاڻ نظم سان گڏ نثريه به سٺو لکيائين.
ٽکڙ جي عالمن جو هي آخري چراغ ”بسمل“ جي تخلص سان سنڌي ۽
فارسي زبان ۾ شاعري ڪندو رهيو. شاعريءَ ۾ سندس ابتدائي استاد، سندس والد حافظ محمد
يوسف هو ۽ بعد ۾ حافظ هارون ”دلگير“ وٽان استفادو حاصل ڪيائين. سندس سنڌي ڪلام
نهايت ئي پڪي پايي جو آهي. سندس ڪلام ۾ پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تي بار پوندڙ هروڀرو
دقيق ۽ ثقيل الفاظ جي ڀرمار نه، مگر سليس لفظن جي اهڙي ته جڙاوت نظر اچي ٿي ؛ جنهن
مان هن بلند پايي شاعر جي علمي صلاحيتن جو آسانيءَ سان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي
ٿو. سندس ڪلام طويل نظمن، غزلن کان علاوه مناجاتين تي به طبع آزمائي ڪيائين. جيڪو
بامحاورا سليس سهڻن الفاظن تي مشتمل ۽ بلند خياليءَ ۽ چست بندشن جو واضح ثبوت ڏئي
ٿو. خاص ڪري غزل جي سٽاءَ ”خال خط“ جي خرخسي کي ترڪ ڪري، قومي شاعريءَ طرف رخ رکيو
اٿس.
افسوس حياتيءَ کيس مهلت نه ڏني. پڇاڙيءَ ۾ ڳڻتين جي
ڳاراڻي کيس جهوري وڌو؛ جنهن ڪري بيماريءَ سببان نحيف ۽ لاعز بڻجي پيو. نتيجو اهو
نڪتو، جو هي عالم سڳوري 64 سالن جي عمر ۾ 21 صفر المظفر 1371 هه = 20 آڪٽوبر 1950ع
تي هن دارالفانيءَ مان دارالباقيءَ ڏانهن راهي ٿي ويو.
سندس ڪلام ڪثرت سان ان وقت جي ٽکڙ مان نڪرندڙ ماهوار
رسالن: ”بهار اخلاق“ ۽ ”الاصلاح“ ۾ ڇپيو آهي. ازانسواءِ هلال پاڪستان“ (حيدرآباد)
۾ به وسان ڪونه گهٽايائين. ضروري آهي، ته هن بلند پايه شاعر جو مڪمل ڪلام يڪجاءِ
ڪري، نئين آب و تاب سان منظر عام تي آندو وڃي. ”ڪنز العبرت“ (قرآني ترجمو) 1948ع،
”مثنوي محمدي“ 19851ع ۽ ”ڪلام بسمل“ (انتخاب) 1961ع سندس ڇپيل تصنيفات ۾ شامل آهن.
No comments:
راءِ ڏيندا