; سنڌي شخصيتون: خواجه عبدالحي نقشبندي رح- ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 October, 2011

خواجه عبدالحي نقشبندي رح- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خواجه عبدالحي نقشبندي رح [1765ع – 1863ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

خواجه عبدالحي ولد مخدوم شهاب الدين نقشبندي  انصاري، 2 ذوالحج 1179 هه مطابق 18 اپريل 1765ع تي ضلعي نوابشاه جي نوشهروفيروز ۾ تولد ٿيو. پاڻ حضرت خواجه شيخ احمد مجدد الف ثاني سرهندي رح  جي اولاد مان آهي وقت جو وڏو عالم ۽ عارف بزرگ ٿي گذريو آهي. جهوڪ ميرانپور جي فضل الله قلندر جو معتقد هو. سنڌ، پنجاب ايران، عراق، قنڌار ۽ هندستان جو به سير سفر ڪيو هئائين. سندس ڏيهي خواه پرڏيهي ڪافي عقيدت مند هئا. اڪثر وٽانئس روحانيت جي فيض جي آبياري ٿيندي رهي. عام و خاص کي اڪثر ”وحدت الوجود“ جي دعوت ڏيندو رهيو. سندس لائق فرزند، نصير الدين  پڻ انهيءَ مسلڪ کي سنڌ ۾ عام ڪيو هو.
 
خواجه صاحب، نقشبندي طريقت ۾ رهندي، اهل سنت والجماعت جو پائبند ۽ پڪو پيرو ڪار هو. کيس حنفي فقہ ۾ وڏو درڪ ۽ ملڪو حاصل هو، جو سوين مسئلا حنفي مذهب جي قانون کي آڏو رکي، پنهن جي اجتهاد سان حل ڪندو هو ؛ جنهن کي وقت جا علماءَ سڳورا پڻ بنا ڪنهن چون و چرا جي گردن خم ڪندا هئا.
کيس شاعريءَ سان به وڏو لڳاءُ هو. سنڌي، فارسي، اردو ۽ هندي زبانن ۾ ڪافي ڪلام چيو اٿس، جيڪو سمورو ”ڪافين“ تي مشتمل آهي. اٺانوي ورهين جي وڏيءَ عمر ۾، 7 جمادي الاول 1280 هه مطابق 17 اپريل 1863ع تي راه رباني ورتائين. سندس خاص خليفن ۾، سنڌي زبان جا ناميارا شاعر: فقير عثمان سانگي (1778ع – 1860ع)، فقير هريسنگ ”عاصي“ (1794ع – 1861ع) ۽ فقير خير محمد ”خوش“ هيسباڻيءَ (1809ع – 1877ع) جا نالا ورتا وڃن ٿا.
(1)– سلسله - خواجگان“ (جنهن کي ”نقشبندي طريقت“ سڏيو ويندو آهي)، جو اڳواڻ ترڪيءَ جو، خواجه بهاءُ الدين نقشبندي رح (وفات 791 هه = 1388ع) هو. برصغير ۾ پهريائين خواجه باقي باالله رح (وفات 1012 هه = 1603ع) ذريعي پهتو؛ جنهن کي سندس هر دلعزيز معتقد، شيخ احمد مجدد الف ثاني رح فروغ ڏنو.
(2)– حضرت عمر فاروق رضه جي پشت مان، ابوالبرڪات احمد عرف بدرالدين، بملقب ”مجدد الف ثاني“، 972 هه مطابق 26 جون 1564ع تي سرهند ۾ ڄائو. قرآن پاڪ جي حفظ بعد، والد بزرگوار شيخ عبدالاحد وٽان ابتدائي درس ورتائين. پوءِ سيال ڪوٽ مان، مولانا ڪمال ڪشميريءَ وٽان معقول بابت ڪتاب پڙهيو. حديث جي سلسلي ۾ مولانا محمد يعقوب کي استاد ڪري ورتائين – 17 ورهين جي عمر ۾ فارغ التحصيل ٿي درس و تدريس سان گڏ ، حق جي حمايت ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ هندستان تي مغل شهنشاه اڪبر جو حڪم پئي هليو. جنهن ”دين الاهي“ قائم ڪري، پنهنجي معتبرائپ پئي مڃائي. مجدد صاحب ، ناميارن سنڌي عالمن : ملا فيضي ۽ ابوالفضل سان ملندو رهيو. حتيٰ ڪاملا فيضيءَ کي به نقطه قرآن پاڪ جي تفسير ۾ رهنمائي به ڪيائين. ٿانسير جي رئيس، شيخ سلطان جي نياڻيءَ سان نڪاح ٿيس؛ جنهن ۾ ڪافي دولت به پلئه پيس، ظاهري علم سان گڏ ، پاڻ طريقت جون راهون ۽ چشتي، سهروردي  ۽ قادري طريقي جو درس به والد وٽان ورتائين ، مگر دل کي اڃا چين نه هوس ؛ جنهن ڪري 1008 هه ۾ دهليءَ وڃي، خواجه محمد باقي باالله جي بيعت ڪيائين. مرشد جي وفات بعد، سندس سلسله ”نقشبنديءَ“ کي فروغ ڏنائين؛ جنهن ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي به حاصل ٿيس – 1034 هه مطابق 1624ع ۾ راه رباني ورتائين.
(1)– نوشهري فيروز جو صوفي بزرگ، شاه نصير الدين نقشبندي (1248 هه = 1832ع / 1318 هه = 1900ع)، وڏو عالم ۽ باشريعت بزرگ هو. سندس هند خواه سنڌ جا ڪافي مسلمان ۽ هندو مريد هئا. عربي زبان لکي پڙهي ڄاڻندو هو سنڌي؛ اردو ۽ هندي زبانن جو سٺو شاعر هو. فارسي زبان ۾ ته سندس مڪمل ”ديوان“ به آهي؛ جيڪو گهڻي ڀاڱي صوفيانه رنگ ۾ رتل آهي. سنڌ جا ماڻهو سندس ڪلام عقيدت وچان آلاپيندا آهن. خوشخط به بهترين هو. فقير عثمان سانگي ۽ فقير خير محمد هيسباڻيءَ جي صحبت مان ”همہ اوست“ جو پيرو ڪار بڻيو. لاڙڪاڻي ۾ سندس اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيو- بلوچستان؛ قنڌار؛ سرهند؛ اجمير ۽ بمبئيءَ تائين به ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا