; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر غلام علي الانا - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

01 October, 2011

ڊاڪٽر غلام علي الانا - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


ڊاڪٽر غلام علي الانا [ولادت 1349 هه = 1935ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ماڻهو ته مڙيوئي ماڻهو آهن. مگر ڪو ماڻهو فرشتن واريون خصلتون ۽ خوبيون کڻي، دنيا جي تختي تي پنهنجا قدم رکي ٿو. اهڙن عظيم انسانن مان سنڌ جو نامور محقق ؛ پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب 1349 هه مطابق 15 مارچ 1930ع تي، ضلعي ٺٽي، تعلقي جاتيءَ جي ڳوٺ ”تڙ خواجا“ ۾ ڄائو آهي. بي– اي (آنرز) ۽ ايم – اي کان علاوه ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي عنوان تحت تحقيقي مقالو لکي ڊي – فل (D. phil:) جي ڊگري به ورتي اٿس.
 
ڊاڪٽر الانا صاحب، گهڻين ئي خوبين جو مالڪ آهي. بالخصوص سنڌي زبان ۽ ادب جي جيڪا کائنس خدمت پڳي آهي، شايد ئي ٻيو ڪوئي ڪري سگهي ها! انهيءَ لکڻ ۾ وڌاءُ نه آهي، ته هن وقت تائين سندس قلم مان ڪوڙي ڪتابن جي، تحقيق جي اک مان نڪري چڪي آهي؛ انهن مان خاص: ”لاش“ (ناول)، ”چور“ (ڪهاڻيون)، ”ديوان فاضل“ (انتخاب)، ”سنڌي صورتخطي“ (لسانيات)، ”سنڌي زبان جي بنيادي لغت“، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ (لسانيات) ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ قابل - ذڪر آهن.
ڊاڪٽر صاحب کي نثر تي وڏو درڪ حاصل آهي. سندس تحقيق جو انداز به انوکو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رهندي، سنڌي شعبي طرفان قائم ڪيل ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي“ ، سندس ئي ذاتي دلچسپيءَ جو مظهر آهي. پاڻ انهيءَ شعبي جو ڊائريڪٽر به آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم، ڊاڪٽر الانا صاحب جي خدمتن جو کليءَ دل سان اعتراف ڪري ٿي. پاڻ ڪيترين ئي تعليمي ڪاميٽين جي سربراه هجڻ سان گڏوگڏ، سنڌي ادبي بورڊ جو خاص ڪارندو پڻ آهي. سندس دلچسپيءَ سان سنڌ الاجيءَ طرفان ڇهه ماهي مئگزين ”سنڌي ادب“ پڻ نڪري ٿي. دعا آهي، ته خدا پاڪ هن محب - وطن سنڌيءَ کي جڳ جياريندو.

No comments:

راءِ ڏيندا