; سنڌي شخصيتون: خانبهادر محمد ايوب کهڙو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 October, 2011

خانبهادر محمد ايوب کهڙو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خانبهادر محمد ايوب کهڙو [ولادت 1319هه= 1901ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ضلعي لاڙڪاڻي جو بااثر زميندار ۽ نامور سياستدان، خانبهادر محمد ايوب ولد رئيس شاه محمد کهڙو، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”عاقل“ ۾ 4 شعبان 1319 هه مطابق 21 جولاءِ 1901ع تي تولد ٿيو. سندس والد وڏو خوشحال، متقي ۽ ديانتدار شخص هو؛ جنهن پنهنجي پٽ کي انگريزيءَ جي تعليم ڏياري.
 
محمد ايوب ننڍ پڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ اورچ هو؛ جنهن ڪري لائق استادن جي رهبريءَ هيٺ ، ڪاليج جي ڪرسين تي ويهڻ قابل بڻيو. ڪاليج دوران تقريرن توڙي تحريرن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، پر پوءِ ستت ئي سياست ڏانهن رخ رکندي، بمبئي ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيو – جيڪو 1924ع کان 1936ع تائين سندس شعار بڻيو. ڪائونسل جي گڏجاڻين ۾ قومي جذبي تحت جوشيليون تقريرون ڪيائين. پوءِ ته بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ”فيلو“ به مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح 1928ع کان 1935ع تائين ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ۽ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جو نائب صدر به ٿي رهيو.
لاڙڪاڻي ۾، 1927ع دوران هندو-مسلم فساد ٿيو؛ جنهن فرقيوارانه فساد جي صورت وٺي، صوبي جو سياسي مسئلو بڻيو. هن ڏڦيڙ ۾؛ مسلمانن سان زيادتيون ڏسي، هن نوجوان جو اندر اڌمان کائڻ لڳو، پوءِ ته پنهنجو سينو سپر ڪري، ميدان ۾ ڪڏي جاني، مالي ۽ اخلاقي مدد سان سوڀ پاتائين.
هوڏانهن سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ ۾ به سر غلام حسين، هدايت الله، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ميران محمد شاه جهڙن ناميارن سياستدانن سان ٻانهن ٻيلي ٿي، تحريڪ کي منظم بڻايائين ؛ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي روشن دماغيءَ، سياسي بصيرت ۽ حب الوطنيءَ جي جذبي سان برطانوي عوام جي اخلاقي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ تقريرن ذريعي، پنهنجو مقصد واضح ڪندو هو، نتيجي طور اپريل 1936ع ۾ سنڌ کي آزاد ملي. سنڌ ۾ .............. طرفان، جيڪا پهرين انتظامي ڪاميٽي (صلاحڪار بورڊ) وجود ۾ آئي هئي، تنهن جي رڪنيت به کيس ملي.
پاڻ ڪيترو وقت وزير، وڏي وزير ۽ خزب اختلاف جي ڪرسي تي ويٺو. قومي خدمت عيوض کيس ”خانبهادر“ جو خطاب به مليل آهي. کهڙي صاحب، سياسي تدبر، تقرير خواه تحريه ۾ مهارت رکندي، هڪ غير معمولي شخصيت جو مالڪ آهي. خداوند کيس دولت سان مالا مال ڪيو آهي – 1954ع ۾ ون يونٽ“ جي وجود وٺڻ شرط، پنهنجي طرفان کلم کلا مخالفت ڪيائين.
کهڙو صاحب، هن وقت پيرسنيءَ تي پهچي چڪو آهي، مگر سندس نيڪو ڪاري ۽ پرهيز گاري ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي صوم صلوات جو پابند ۽ قرآن پاڪ جي بلاناغي تلاوت ڪندو رهي ٿو – 1950ع ۾ حج بيت الله جي سعادت به حاصل ڪيائين. ڪيترن غريب ۽ مستحق شاگردن کي وضيفا ڏيڻ، يتيمن ۽ محتاجن جي مدد ڪرڻ ۽ عام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندو رهي ٿو. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ ادبي بورڊ جو چيئرمين به ٿي رهيو آهي.
(1)– پنهنجي والد بزرگوار (حاجي رحيم بخش ميمڻ) کان معلوم ٿيو آهي، ته رئيس شاه محمد کهڙو تر ۾ وڏو ماڻهو ليکجڻ ۾ ايندو هو. ماڻهو، سونا ڳهه ڳٺا ۽ روڪڙ وغيره امانت طور وٽس رکندا هئا. پيرسنيءَ جي زماني ۾ سندس حافظو به ڪمزور ٿي چڪو هو، پوءِ جڏهن ماڻهو امانت واپس وٺڻ ايندا هيس، ته ڦيٿن تي ٺهرايل گاڏو، ڪمري مان گهلي ٻاهر آڻيندو هو؛ جنهن مان سپتيا سنڌي پنهنجي امانت چونڊي ڪڍندا هئا.
(1)– انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ مسلم ليگ طرفان، آڪٽوبر 11، 1957ع تي رٿ پاڪستان مسلم ليگ ڪائونسل ڊاڪا آڏو آندائين ۽ جيڪا بحال نه ٿي سگهي. آخر سخت جدوجهد بعد، پهرين جولاءِ 1910ع تي ون يونٽ جو خاتمو ٿيو.

No comments:

راءِ ڏيندا