حاجي محمود ”خادم“ [1895ع – 1960ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مخدوم الشعراءُ“ حاجي محمود ”خادم“ ولد محمد بچل تونيو،
1313 هه مطابق 4 جنوري 1895ع تي ؛ ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ ”بٺي“ ۾
ڄائو. سپر وائيزنگ تپيدار ٿي رٽائر ڪيائين. شعر جي سلسلي ۾ ”خادم“ تخلص ڪم آڻيندي
ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقيءَ کي پنهنجو استاد ڪري ورتائين.
لاڙڪاڻي ۾ شعر و شاعريءَ جو ٻج اڳ ئي پوکيل هو ؛ جنهن کي
”خادم“ ئي آبياري ڏيندي؛ وڌايو ۽ ويجهايو . بزم مشاعرن جي شروعات ۽ ادبي ڪانفرنسن
جي انعقاد جو سهرو به سندس ئي سر تي سونهين ٿو. سنڌ اندر اڄ جيڪي به نامڪٺيا شاعر
آهن ۽ ماضي قريب ۾ ٿي گذريا آهن ؛ انهن مڙني جو سڌيءَ طرح يا اڻ سڌي طرح پاڻ ئي
استاد هو. انهن ادبي خدمتن عيوض ”نائين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس“ (26-3-1948ع ؛ ميهڙ،
دادو) ۾ کيس ”مخدوم الشعراءُ“ جو لقب مليو– 1380هه مطابق 9 جنوري 1960ع تي وفات
ڪيائين. ”ميمڻ محله“ لاڙڪاڻي جي مشهور اولياءَ حضرت ميهر شاه بخاري رح جي
پيرانديءَ کان مدفون آهي. سندس پويان پاڻ کي هينئر قرشي سڏائين ٿا.
”خادم“ مرحوم جي تصنيفات ۾:
”اخلاقي خون“، ”ظهور محمدي“، ”شمشير الاسلام“ ، ”رياض البلاغت“، ”ستاره سنڌ“ ،
”سفر نامہ حج“، ”مفردات“، ”ڪانگريسي راڄ“، ”يادگار دوستان“، ”سرگشته خادم“، تحفئه
لاڙڪاڻي“، ”محمود الغات“ ۽ شعر جو مڪمل ”ديوان“ چيا وڃن ٿا. اهو پڻ چوڻ ۾ اچي ٿو؛
ته پاڻ سنڌي غزل ؛ نظم ۽ بيتن جا ٽي ديوان پڻ ترتيب ڏنا هئائين ؛ جن مان ٻه پنهنجي
جيئري ئي باهه جي نذر ڪري ويو هو ؛ باقي سندس رهيل غزلن تي مشتمل ”ديوان“؛ سندس
وڏي پٽ محمد علي قريشي جي ڪٻٽ
۾ قيد آهي. ڇپجي الاجي نه ! مون کي سوجهرو نظر نه ٿو اچي !!
No comments:
راءِ ڏيندا