حافظ
محمد ”احسن“ چنه
(ولادت ۱۳۱۸ھ – ۱۹۰۰ع)
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
”استاد
الشعراءِ“ حافظ محمد ولد جمع خان چنه صاحب، ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. سندس ولادت،
دادو ضلعي جي ڳوٺ ملڪاڻي شريف ۾ ۱۳۱۸ مطابق ۱۲ اپريل ۱۹۰۰ع تي ٿي
آهي. شروعاتي عربي ۽ فارسي سکيا، علامه غلام محمد صاحب ملڪاڻين واري وٽان حاصل
ڪيائين. پاڻ قرآن پاڪ جو به حافظ آهي. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد، سال ۱۹۱۸ع ڌاري ڳوٺ ۾ مدرسه اسڪول قائم
ڪندي، شاعريءَ طرف به توجه ڏنائين.
شعر و
شاعريءَ ۾ ”احسن“ تخلص سان گڏ، ۱۹۲۱ع کان شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ۽ حڪيم ماستر جمع خان ”غريب“ جي اصلاح سان شعر جي شروعات
ڪيائين. اڄ خدا جي فضل سان سنڌي زبان جي ناميارن شاعرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. علمي،
ادبي، قومي، نعتيه اخلاقي، عشقيه ۽ طنزيه قسم جا جواهر پارا لکي، سنڌي ادب ۾
نمايان اضافو ڪيو اٿس. پاڻ قصيدا، دوها، گيت، بيت، رباعيون، قطعا، مسدس، مخص،
مستزاد ۽ مئنويون به قلمبند ڪيون اٿس. ازانسواءِ غزلن جو مڪمل ”ديوان“ به ترتيب
ڏنائين، جيڪر عريانيت ۽ ابتذال کان بالڪل پري آهي.
”احسن“
صاحب کي ڪافي مطالعو آهي. اهو ئي سبب
آهي، جو کيس تصنيف و تاليف ۽ مقاله نگاريءَ جو شوق پيدا ٿيو. علمي ۽ ادبي محفلن ۾
ڪڏي اچڻ، سندس ذوق سليم آهي. لاڙڪاڻي ۾ نڪرندڙ علمي ۽ ادبي رسالي ”اديب سنڌ“ (۱۹۴۱ع – ۱۹۵۲ع) جي
اجراءَ ۾ سندس خاص تعاون رهيو آهي. ازانسواءِ اسان جي منزل، نئين زندگي، ڳوٺ سڌار، پيغام، سنڌو، روح ادب، مهراڻ ۽ اخبار تعليم
وغيره رسالن ۾ پڻ ڪثرت سان لکيو اٿس. هن وقت پاڻ گوشه نشينيءَ ۾، صحافت کي
اپنائيندي، دادو شهر ۾ پريس قائم ڪئي اٿس، جتان هفتيوار ”آواز سنڌ“ اخبار
باقاعدگيءَ سان ڪڍندو رهي ٿو.
پيرسنيءَ
جي حالت ۾ هن وقت تائين اڃا سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهي ٿو. ٻه ڊزن کن ڪتاب سندس
لکيل آهن؛ جن مان ڪافي ڇپجي چڪا آهن. انهن مان: ”ديوان احسن“، ”گلزار شعر“، ”احسن
اخلاق“، ”رباعيات احسن“، ”مظاهر مصطفوي“ ”گلدسته احسن“، ”لطيفي لات“، ”احسن الاشعار“، ”ترغيب العلم“، ”سچن تي
ستم“، ”سوانح مخدوم بلال رح“، ”شاه جو پيغام“، ”قصص الانبياءُ“، ”سنڌي گرامر“،
”سراپاي رسول“ ۽ ”اصلاح المسلمين“ غير فاني شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. خدا پاڪ کيس
خضري عمر عطا ڪري.
(نوٽ: مٿيون مذڪور حافظ صاحب جي حياتيءَ ۾ لکيو ويو ھيو. جڏھن ته حافظ احسن
چنا صاحب جن ھن دنيا مان، ۱۸ جون ۱۹۸۶ع تي
لاڏاڻو ڪري ويا آھن. سھيڙيندڙ)
No comments:
راءِ ڏيندا