; سنڌي شخصيتون: سيد حاجي فقير الله علوي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

01 October, 2011

سيد حاجي فقير الله علوي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


سيد حاجي فقير الله علوي رح [ 1688ع – 1780ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

اسان جي سکي ستابي ۽ سر سبز سنڌڙي هيرن ۽ جواهرن، ماڻڪن ۽ موتين سان هميشہ جرڪندي رهي آهي، هونئن به سنڌ سونهاري صوفين، صالحن، ولين، نيڪ مردن، پيرن فقيرن، درويشن ۽ درد مندن، فقيهن ۽ فقرائن، قطبن ۽ قلندرن، ۽ سيدن ۽ ساداتن، عالمن ۽ علمائن، مخدومن ۽ محدثن، اهل فڪر، اهل علم، فاضلن ۽ فياضن، سخن سنج ۽ سخن فهم، سياڻن ’سمجهدارن ۽ سگهڙن، مهمان نواز ۽ بامروت سنون سڌن سٻاجهڙن سنڌين جو ديس آهي.
 
سيد حاجي فقير الله بن سيد عبدالرحمان شاه بن سيد شمس الدين شاه علويءَ جي ولادت 2 ذوالقعد 1100هه مطابق 21 مارچ 1688ع ڌاري، افغانستان جي جلال آباد شهر ۾ ٿي آهي. سندس سلسله نسب حضرت علي المرتضيٰ رضه جي فرزند ارجمند ”امام محمد بن حنيفه“ سان وڃي ملي ٿو.
سيد صاحب ديني علم افغانستان ۽ برصغير جي مختلف مدرسن مان حاصل ڪيو هو. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ اورچ هو؛ جنهن ڪري ستت ئي وڏو عالم ۽ فاضل بڻجي پيو. انهيءَ سلسلي ۾ دنيا جو ڳچ حصو گهمندي، ايران، عراق، قنڌار، هندستان ۽ عربستان شريف به ويو، جتان حرمين شريف جي طويل سفر بعد، شيخ محمد مسعود دائم الشهور نقشبندي بزرگ کي پنهنجو مڃي، کائنس ”قادري طريقي“ جي پڻ اجازت ورتائين.
شاه صاحب کي تفسير، علم حديث، فقه ۽ تصوف جي وڏي ڄاڻ حاصل هئي. غالباً 1150 هه (1737ع) ڌاري شڪارپور ۾ لڏي آيو. جتي پنهنجي خانقاه قائم ڪري، طالبن کي درس و تدريس ڏيندو رهيو سندس ئي آمد سان شڪارپور، پوري ايشيا جو روحاني مرڪز بڻجي پئي. پوءِ سنڌ ته ٺهيو، پر پشاور، لاهور، هرات ۽ قنڌار وغيره کان به هزارين مشتاق ۽ عقيدتمند، ۽ ٻين به دور دراز هنڌن کان ڪهي اچي وٽائنس فيضياب ٿيا.
شڪارپور جي هن روشن ضمير اولياءَ ۽ صاحب دل صوفي درويش جا هونئن ته ڪيترا ئي شاگرد رشيد ۽ عقيدتمند هئا. سنڌ ۾ پاڳارا خاندان جو باني مياني سيد محمد راشد بن سيد محمد بقا سندس خاص معتقد هو؛ جنهن شاه فقير الله علويءَ جو ذڪر پنهنجي ملفوظات ۾ وڏيءَ عزت ۽ احترام سان بار بار آندو آهي.
شاه فقير الله علوي، هڪ بلند پايه جي عالم هجڻ سان گڏ قادر الڪلام شاعر به هو. سندس تصنيفات جو تعداد هونئن ته بيشمار آهي، مگر چند مشهور ڪتابن جا نالا هيٺ رقمطراز ڪجن ٿا:-
قطب الارشاد – طريق الارشاد – جواهر الاوراد – تڪميل المومنين و الاوراد – فتوحات غيبہ شرح عقائد صوفيه – فتح الجميل في مدارج تڪميل – فتوحات الاهي – منتخب الاصول – وثيقہ الاڪابر – قصيده مبروره – ڪتاب الازهار في ثبوت الاثار – فوايد فقير الله – محمود الاوراد – شرح قصيده – ملفوظات ۽ علميات – شرح ابيات – مڪتوبات ۽ براهين النجات من مصائب الدنيا والمرصات وغيره.
پاڻ ڪيترن ئي هندن کي مسلمان ڪيائين، جن مان شڪارپور جو مشهور سيٺ ”هرو مل بجاج“ جو نالو مثال طور ڏئي سگهجي ٿو. هي خاندان اڄ به نيڀيپور محلي ۾ رهندي، پشت بپشت پاڻ کي ”هر واڻي شيخ“ سڏائي ٿو.
هن ڀلاري بزرگ، قطب دوران، غوث الزمان جو 3 صفرالمظفر 1195 هه مطابق 14 اپريل 1779ع تي شڪارپور ۾ ئي انتقال ٿيو. ۽ اتي ئي سندس مرقد مبارڪ ٺاهي ويئي. مٿائنس هڪ عاليشان مقبرو تعمير ٿيل آهي. اڄ به سوين سوالي روزانو مٿس عقيدت جا گل چاڙهين ٿا.
(1) – ٻيا ته ٺهيو، پر افغانستان جو حاڪم احمد شاه ابدالي، قلات جو والي نصير خان بروهي، مڪران جو مک محبت خان شر بلوچ ۽ سنڌ جو سرواڻ ميان سرفراز خان ڪلهوڙو به وٽس اچي دعا پنندا هئا. پاڻيپٽ جي ٽين جنگ ۾ احمد شاه ابداليءَ کي سيد صاحب جي دعا سان ئي فتح حاصل ٿي هئي. ازانسواءِ سندس ”مڪتوبات“ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته شاه صاحب انهن چئني حاڪمن ڏانهن سندن خطن جي جوابن ۾ اسلام تصوف ۽ الاهي عرفان جي مسئلن سان گڏ کين رعيت جي پر گهور ۽ انسان ذات سان رحم ۽ شفقت جي برتاءَ بابت نصيحت آموز هدايتون ۽ تلقيون قلمبند ٿيل آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا