حاجي خان محمد چنجڻي
[۱۸۳۱ع – ۱۹۰۷ع]
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
حاجي
خان محمد عرف ”خانڻ“ ولد مير محمد چنجڻي، ضلعي لاڙڪاڻي (ھن وقت قنبر-شھدادڪوٽ ائٽ
قنبر)، تعلقي واره جي ڳوٺ؛ ”ميان داد چنجڻي“ ۾ ۲ شعبان ۱۲۴۷ هه مطابق ۸ آڪٽوبر ۱۸۳۱ع تي ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ
جي مڪتب مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ مولانا نور محمد ميڪڻ (۱۷۷۸ع – ۱۸۷۸ع) ۽ سندس فرزند، عمدت العلماءُ
مولانا غلام صديق شهداد ڪوٽي رح جي مدرسي مان فارسي ۽ عربيءَ جا ڪجهه ڪتاب پڙهيو.
عام طرح سان کيس ”حاجي خانڻ“ جي نالي سان سڏيندا هئا.
خانڻ
کي شاعريءَ جو شوق به شهدادڪوٽ ۾ ئي ٿيو؛ جنهن ڪري سنڌي زبان ۾ شعر چوڻ شروع
ڪيائين. ويتر سندس صحبت ميان شاهه محمد ديدڙ سان هئڻ ڪري، ميدان - سخن ۾ ڪؤنتل
ڪڏايائين. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته سندس ڪلام ڪثير التعداد هو، جيڪو گهڻي ڀاڱي ضايع ٿي
ويو آهي. هڪ روايت موجب معلوم ٿيو آهي، ته پاڻ سنڌي زبان ۾ شاعريءَ جو ”ديوان“ به
جوڙيو هئائين، جيڪو سندس پوين وٽ ڪافي وقت محفوظ هو، مگر اڄ اهو ڏسڻ لاءِ به وٽن
نه رهيو آهي. شاعريءَ جي صنفن ۾ مداحون، مولود، ڪافيون سه- حرفيون، ڏوهيڙا (بيت) ۽
سهرا (ڳيچ) وغيره تي طبع آزمائي ڪيل اٿس.
سندس
شعر پڪو پختو ۽ ناصحانه آهي – ۷۶ ورهين
جي ڄمار ۾، هڪ ميڙ ۾، فساد دوران، سخت زخمي ٿي پيو؛ جنهنڪري زخمن جو تاب نه سهي،
ستن ڏينهن اندر، ۲ شوال ۱۳۲۵ هه مطابق ۲ جنوري ۱۹۰۷ع تي وفات ڪيائين. ضرورت آهي، ته لاڙڪاڻي جي هن عمدي شاعر جو ڪلام ڪٺو ڪيو
وڃي. نموني طور سندس هڪ نظم هيٺ ملاحظه فرمايو:
تنهنجي پيغمبر پار جي آهي اڪبرن ۾ اڪير،
آيو پنڻ پينار ٿي ڏيو دان در تي جو فقير،
تنهجي سخا سيد! سڻي عاصين بلو آهي اڪير،
جن جو اجهو تون آهين، سي ڪيئن ڪندا دلگير،
بي ثمر بي ڪار عاصي، ڪيئن ڇڏين بيبان ۾؛
تون اچو ڪل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾؛
عاصين کي آهي آسرو؛ عربي تنهنجي احسان ۾؛
حاجي خانڻ چنجڻي
جبار آزاد منگي
سنڌ ڌرتيءَ جو
عوامي شاعر حاجي خان محمد عرف حاجي خانڻ چنجڻي، ڳوٺ ميانداد چنجڻي، لڳ نصير آباد،
تعلقي نصيرآباد، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ، ۸ آڪٽوبر ۱۸۳۱ع ۾ ميان دوست محمد چنجڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. حاجي
خانڻ جو والد پنهنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس هو. ميان دوست محمد خان فارسي پڙهيل هو،
جنهنڪري پنهنجي پٽ خانڻ کي به ڳوٺ واري مدرسي ۾ ويهاريائين. هن مولانا نور محمد
ميمڻ ۽ مولانا غلام صديق شهدادڪوٽيءَ کان تعليم ورتي. فارسيءَ جي تحصيل بعد کيس
عربي تعليم لاءِ، ضلعي جي ٻئي ڪنهن مدرسي ڏانهن وڃڻو هو، پر والد جي وفات بعد اهو
ارادو ترڪ ڪري ڇڏيائين. سندس اوطاق تي روزانو سگهڙن ۽ راڳيندڙن جون ڪچهريون
ٿينديون هيون. اهو ئي سبب هو، جو حاجي خانڻ کي ڳائڻ وڄائڻ گهڻو وڻندو هو. شعر چوڻ
جي ابتدا انهن ڪچهرين دوران ڪيائين ۽ سندس شوق وڌي وڻ ٿيو.
حاجي خانڻ جي ڪلام
۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو عمدو نقشو چٽيل آهي. راڳ سندس مشغلو بنجي ويو. ڪچهرين ۾ سندس
همعصر شاعر رستم لغاري، عثمان سانگي، ڇتو فقير سانگي ۽ طورپيو مسڻ جون ڪافيون به
هلنديون هيون، پر حاجي خانڻ جي ڪافين کي وڏي اهميت حاصل هئي. هن سنڌيءَ سان گڏ
سرائيڪيءَ ۾ به ڪافي ڪلام چيو آهي. حاجي خانڻ چنجڻيءَ جو ڪلام سنڌ جي نامور محقق ۽
لوڪ ادب جي ڄاڻو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ’ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي‘ جي نالي سان
ترتيب ڏنو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ، ۱۹۸۶ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. حاجي خانڻ چنجڻيءَ ۷۶ سالن جي ڄمار ۾ ۲ شوال ۱۳۲۵ هجري ۲ جنوري ۱۹۰۷ع تي وفات ڪئي.
سندس ڪلام کي جيوڻي
ٻائي، ماسٽر چندر، مائي الهرکئي ميتڙي، مهيش چندر ۽ ان وقت جي مختلف فنڪارن ڳايو
آهي.
۱. سگهو موٽ سانول وري آ وطن تي.
۲.وڃن ٿا ويراڳي، ويراڳي وطن تي.
۳. آهي يار ته منهنجو هيئن، ته ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن.
وقت جا مشهور ڪلام
آهن.
جڏهن ته سندس هڪ
پهاڪو اڄ به هر هڪ جي زبان تي هوندو آهي.
هجئي ناڻو ته گهم
لاڙڪاڻو.
خانڻ چنجڻيءَ جو ڳوٺ ميانداد چنجڻي تعلقي نصيرآباد ۾ آهي.
ReplyDelete