ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ [ولادت 1318هه= 1900ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي زبان جو ڪهنه مشق اديب ۽
قادر الڪلام شاعر، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ ولد محمد يوسف شيخ، 1318 هه مطابق
ڊسمبر 24، 1900ع جي سج ۾، ڪراچي شهر ۾ اک کولي. ابتدا ۾ قرآن پاڪ ناظران، مولوي
محمد عثمان نورنگزادي وٽان پڙهيو. پوءِ نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۽ نارائڻ جڳنناٿ
هاءِ اسڪول ڪراچيءِ مان 1917ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ مان
فارغ التحصيل ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ ڊي – جي ڪاليج ۾ استاد به ٿي رهيو، مگر هن تيز
فهم انسان کي ماستريءَ مزو نه ڏنو، پوءِ ڊاڪٽريءَ جي تعليم لاءِ بمبئيءَ ويو، جتان
1925ع ۾ سند وٺي، پهريائين حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول، ڊوميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽ لياقت
ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿي رهيو. زندگيءَ جا 14 ورهيه سر سي – جي – مينٽل
اسپتال گدوءَ لاءِ به پنهنجون خدمتون وقف ڪيائين. ولايت (آسٽريليا – ويانا) مان
دماغي شعبي ۾ خاص تربيت به ورتل اٿس. آخر 1955ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تان
رٽاير ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب 1913ع کان ادب ۾
دلچسپي وٺڻ لڳو. شعر جي شروعات پهريائين ”غافل“ تخلص سان ڪيائين، پر پوءِ ”خليل“
تخلص کي مستقل طور استعمال ڪرڻ لڳو - علمي صلاحيتن سببان ڪيترن ئي درسي ڪاميٽين جو
ميمبر به آهي، جن مان انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، جمعيت الشعراءُ سنڌ، ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ
۽ شاه لطيف ڪاميٽي وغيره قابل - ذڪر آهن. سندس قلم مان نڪتل تقريباً هڪ ڊزن کن
ڪتاب نڪتا آهن، جن مان ”بيت الله ۽ مسجد نبويءَ جي مختصر تاريخ“، ”رهنما ۽ شاعري“
(ٽي ڀاڱا)، ”ادب ۽ تنقيد“، ”بلبل سنڌ“، ”عبرت ڪده“ (ٽي ڀاڱا)، ”عمرو بن عاص“ ،
”عيوب سخن“ ، ”سنڌي مثنوي“ ، ”سنڌي رباعيون“ ، ”سنڌي افسانا“ ، ”انتخاب خليل“ ۽
”ڪليات خليل“ وغيره مثالي حيثيت رکن ٿا.
”خليل صاحب، تقريباً هر صنف تي
لکيو آهي. خاص شاعريءَ جي سلسلي ۾ عروض جي پوري پوري پيروي ڪئي اٿس. ڪلام ”اديب
سنڌ“ کان ”نئين زندگيءَ“ تائين هر رسالي جي زينت بڻيو آهي. پاڻ نقاد به بهترين
آهي. نازڪ طبع ۽ اصولن جو پابند آهي عقيدي جو پڪو ۽ سني مسلمان آهي. خداوند سندس
دنيا ۽ آخرت موچاري ڪندو.
(1) – سنڌي شاعريءَ ۾ سندس استاد، حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي (1882ع – 1942ع ۽ اردو زبان ۾ داغ دهلويءَ جو شاگرد، ميان عبدالله ”فضا“
دکني هوس.
No comments:
راءِ ڏيندا