رحيم
بخش ”قمر“ لاکو [ولادت 1352هه = 1933ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
الحاج رحيم بخش ”قمر“ ولد محمد
عيسيٰ لاکو، ضلعي نوابشاه، تعلقي موري جي ڳوٺ ”عمر راهو“ ۾، 1352 هه مطابق 1933ع ۾
ڄائو آهي. ننڍپڻ کان ئي يتيمي زندگي سندس مقدر بڻي سندس ابتدائي تعليم جو آغاز،
شڪارپور جي مدرسه ”انوار العلوم“ مان مولانا الحاج عبدالله صاحب جي رهبريءَ هيٺ
ٿيو هو، جتان ذهن ۽ ذڪاءَ جي زور تي، ٻن سالن جي مختصر مدت ۾ عربي صرف و نحو پوري
ڪيائين.
طبيعت موزون هئڻ سببان،
شاعريءَ ۾ خاصي ڪاميابي حاصل ڪري ورتائين. الله جي فضل سان اڄ ”قمر“ تخلص سان سندس
شمار سنڌ جي بهترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو. بيت، وايون، ڪافيون، غزل، گيت، نظم، قصيدا،
مولود، رباعيون، دوها، قطعا، مثنويون، مسدس، مخمس، ۽ مستزاد سندس طبع آزمائيءَ هيٺ
رهيا آهن. غزلن جي سلسلي ۾ سندس مڪمل ديوان به آهي، جيڪو ”ديوان قمر“ جي نالي سان،
1967ع ۾ پڌرو ٿيو آهي؛ جن مان ”دربار - مدينه“، ”جمال المصطفيٰ“، ”فضائل القرآن“،
”دربار - ڪربلا“، ”آخرت جي پوک“، ”جواهر القمر“؛ ”چنڊ تنهنجي ذات“؛ ”خطبات روح
الاسلام“؛ ”ڳاڙيندي ڳوڙها“؛ ”تندون جي طلب جون“ ۽ ”کڻي نيڻ خمار مان“– سنڌي ادب ۾
نمايان آهن. هن وقت پاڻ گلزار مسجد نوابشاه ۾ خطيب آهي. سنڌ جي تقريباً هر سنڌي
اخبار ۽ رسالي ۾ سندس اشعار ڪثرت سان شايع ٿيندا رهن ٿا.
”قمر“ صاحب جي شاعريءَ ۾ جذبات
جي فراوالي؛ ولوله انگيزي ۽ انسان ذات سان بي پناه محبت جو عنصر پڻ نظر اچي ٿو.
سندس شاعري حوصله مند جوانن لاءِ تعميري انقلاب جي دعوت آهي. باوجود ان جي؛ سندس
فن رس رهاڻ ۽ ذوق جماليات کان خالي ناهي. انهن لفظن لکڻ ۾ شايد ڪو مبالغو نه ٿئي؛
ته ”قمر“ صاحب سنڌ جو عموماً ۽ لاڙ جي لانگهن جو خصوصاً هڪ بهترين شاعر عمار ٿئي
ٿو. سندس بيتن تي مشتمل ”رسالو“ به تربيت ڏنل آهي؛ جيڪو اڃا ڪٻٽ جي زينت بڻيل آهي.
نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”اول الله تعاليٰ؛ وحده لا
شريڪ؛
خالق !
پنهنجي خلق جو ؛ جو مالڪ آه مليڪ؛
ٺاهيو عالم ٺيڪ؛ جوڙڻهاري جوڙ
سان.“
”سڄڻ آيو سهنج ٿيا؛ هينئر ٺريو
هانءُ؛
مير محمد مصطفيٰ؛ نوي جنهن جو
نانءُ؛
اَبو؛ اَمڙ ۽ آنءُ؛ صدقي سڄڻ
تان ٿيون.“
No comments:
راءِ ڏيندا