سر شاهنواز ڀٽو [
1888ع – 1957ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سياڻن سچ چيو
آهي، ته ”چڱو اِنسان ڪڏهن به ڪو نه ٿيو مري، هو پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪا نيڪي ڪري
ٿو، انهيءَ جي عيوض سندس نالو قيامت تائين قائم رهي ٿو“ . هن دنيا ۾ ڪيترائي اَهڙا
ڀلارا انسان ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي سموري زندگي، قوم جي خدمت ۾ گذاري آهي. اَهڙن
نيڪ انسانن ۽ قومي ڪارڪنن مان سر شاهنواز ولد غلام مرتضيٰ ڀٽي صاحب جو نالو رتو
وڃي ٿو.
سر شاهنواز ڀٽو، ضلعي لاڙڪاڻي،
تعلقي رتيديري جي ڳوٺ ”ڳڙهي خدا بخش ڀٽو“ ۾، 13 ذوالحج 1306 هه مطابق 18 نومبر
1888ع تي تولد ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺي، مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو،
جتان انگريزي پنج درجا پاس ڪري، وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۽
سينٽ پئٽرڪ اسڪول (st: patrick School) مان مئٽرڪ پاس ڪئي. جيئن ته
پاڻ لاڙڪاڻي ضلعي جي مشهور ڀٽه خاندان جو فرد هو. سندس وڏا، بنيادي زميندار هئا؛
انهيءَ ڪري هن نينگر جو وڌيڪ تعليم ڏيارڻ بدران زمينداري ڪمن طرف توجه ڇڪايو.
قومي ڪمن ۽ عام ماڻهن جي خدمت
طرف، سر شاهنواز جي طبيعت ننڍپڻ کان ئي زياده مائل هئي، انهيءَ ڪري 1910ع ڌاري
عملي سياست ۾ مڪاني اَدارن جي ميمبريءَ سان آغاز ڪيائين– 1919ع ۾ لاڙڪاڻي ۾
لوڪلبورڊ جو ميمبر ۽ 1921ع ۾ صدر چونڊجي ويو. تيرنهن سال لڳاتا اهو عهدو وٽس
برقرار رهيو. ايترين سارين ملڪي ۽ قومي خدمتن عيوض کيس 1929ع ۾ ”سر“ ۽ ”خانبهادر“
جا خطاب به مليا. انهن ڏينهن ۾ بمبئي ڪائونسل جو، سنڌ طرفان نمائندو به مقرر ٿيو،
جتي سنڌ ۽ خاص ڪري سنڌين جي حقن بابت آواز اٿاريائين.
سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي
واري تحريڪ ۾، سر صاحب اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ انگريزن تي وقت بوقت
دٻاءَ وجهڻ لاءِ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس جماعت“ به جوڙيائين – 1930ع ۾ سنڌين پاران،
انگلينڊ گول ميز ڪانفرنس ۾ به نمائندگي ڪيائين – 1934ع ۾ ”پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌائين.
آخر سندس ڪوششون ڪامياب ويون ۽ 1936ع ۾ سنڌ علحده صوبو بڻيو – 1944ع ۾ سر صاحب کي،
بمبئي سرڪار طرفان وزارت جو عهدو به مليو ۽ ان ئي سال سنڌ جو گورنر به ٿيو – 1945ع
۾ جهونا ڳڙهه رياست جي نواب، پاڻ وٽ گهرائي ”ديوان“ (وزيراعظم) مقرر ڪيو .
سر صاحب، گهڻي ڪم ڪرڻ بعد هيڻو
ٿي پيو؛ جنهن ڪري مجبوراً جهونا ڳڙهه ڇڏي؛ واپس لاڙڪاڻي پهتو، جتي 68 ورهين جي عمر
۾، 19 شوال 1377 هه مطابق 19 نومبر 1957ع تي گذر ڪيائين، ۽ کيس آباڻي ڳوٺ ۾ آرامي
ڪيو ويو. سندس گهر واري ”خورشيد“ هئي؛ 52 ورهين ۾ وفات ڪئي. پٺيان ٻه پٽ: سڪندر
علي ۽ ذوالفقار علي ڇڏيائين.
(1)– ”ڀٽا“ ، اصل ”آرائيڻ“ آهن. هي
لفظ سنسڪرت زبان جو آهي؛ جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: باغائي. ڪچيءَ (ڀاڄين) جو واپاري
يا کين وڪرو ڪندڙ، آرائين صوبي پنجاب جي ”حصار“ ضلعي ۾ ڪثرت سان آباد آهن.
(1)– سندس جد- امجد جو سلسله - نسب هن
ريت آهي: مير غلام مرتضيٰ ڀٽو ولد خدا بخش ولد دودا خان ولد پير بخش ولد سهتو خان
ولد ابڙو خان ولد محمد قاسم ولد مٺو خان ولد فتح محمد خان ولد محمد خان ڀٽو (جنهن
”حصار“ مان، اورنگ زيب عالمگير جي ڏينهن ۾، سنڌ جي هڪ روحاني پيشوا جي اشاري تي،
1162 هه = 1747ع ڌاري باقبائل لڏي، لاڙڪاڻي ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي هئي.
(1)– سندس ٺاهيل پارٽيءَ کي، سندس
لائق فرزند، فخر - ايشيا، قاعد عوام، ذوالفقار علي ڀٽي صاحب (1928ع – 1979ع) خوب
اڀاريو.
No comments:
راءِ ڏيندا