; سنڌي شخصيتون: باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي - حسن مجتبيٰ

07 October, 2011

باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي - حسن مجتبيٰ



باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي
حسن مجتبيٰ
ڀرو تم قيد خانون ڪو
ڪرو قابو جوانون ڪو
بجھائو شمع دانون ڪو
قتل ڪرو نقطه دانون ڪو
لائو رشوت ستانون ڪو
جو بنگلي اور محل جوڙين
شرم آئي آسمانون ڪو
پڙهو قومي ترانون ڪو
ڪه پاڪستان زنده آباد
هن نظم جي شاعر حيدر بخش جتوئي کي پنجاھ جي ڏهاڪي ۾ قيد بامشقت ڏني وئي هئي. سڄي حياتي قيدخاني جي ڏکيائي سهڻ واري هن شاعر کي هن جا چاهڻ وارا ”باباءِ سنڌ“ جي نالي سان ياد رکندا آهن.
حيدر بخش جتوئي هارين، وچئين طبقي ۽ جوانن ۾ حقن جي جانڪاري جي تحريڪ جو باني سمجھيو ويندو آهي. هو هڪ شاعر، ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ هو. هو پاڪستان ۾ مارشل لاء ۽ ون يونٽ جي خلاف هو ۽ هو جمهوريت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندو هو.

حيدربخش جتوئي اهو اڪيلو ماڻهو هو جنهن کي حبيب جالب پنهنجو ليڊر ۽ سياسي جانڪاري ڏيڻ وارو مڃيو آهي. حبيب جالب جي هي نظم ”هاري ڪا حق ليني والا حيدر بخش جتوئي ري ڀيا حيدر بخش جتوئي“ سنڌ ۾ سياسي گڏجاڻين ۾ تمام گھڻي مشهور ٿي.
چيو ويندو آهي ته پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو هيٺئين طبقي کي پنهنجي حقن لاءِ زبان ڏني هئي پر سنڌ ۾ انهي جي شروعات حيدر بخش جتوئي ڪئي هئي.
سنڌ جي سياسي تاريخ جا ڪيئي سنجيده شاگرد ۽ شاگردياڻيون سمجھندا آهن ته ذوالفقار علي ڀٽو حيدر بخش جتوئي ۽ انهن جي ساٿين جي جدوجهد جي ڪمائي ڪيش ڪرائي وٺي ويو.
حيدر بخش جتوئي 1901 ۾ لاڙڪاڻي جي ويجھو ڳوٺ بکو ديرو ۾ هڪ غريب هاري جي گھر ۾ پيدا ٿيو هو. ڪنهن کي خبر هئي ته غريب سنڌي عبدالله فقير جي گھر ۾ جنم وٺڻ وارو هي ٻار حيدر بخش سڀاڻي جي رت پيئڻ وارن جاگيردارن ۽ وڏيرن جي نظام کي چيلنج ڪندو ۽ انهي کان سواءِ هو سنڌ جي هارين ۽ وڏيرن جي اکين ۾ اکيون وجھي ڳالهه ڪرڻ به سيکاريندو.
پر اڄ اها ڳالهه حيراني واري لڳندي آهي ته 1930 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن برصغير ۾ انگريز سرڪار جو طوطو ڳالهائيندو هو هتان جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي کي ڇڏي حيدر بخش جتوئي سنڌ ۾ هارين لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.
حيدر بخش جتوئي پنهنجي ڊپٽي ڪليڪٽري واري دور کان ئي لکڻ لکائڻ ڏانهن لاڙو رکيو. هن جي هڪ ڊگھي نظم شڪوه آهي. علامه اقبال جي مسلمانن جي رب کان شڪوه جي ابتڙ حيدر بخش جتوئي جي ڊگھي نظم شڪوه انسان جو رب سان شڪوه هئي.
حيدربخش جتوئي هڪ قادر الڪلام ۽ وڏو شاعر هو. جيئي سنڌ جيڪو اڄ نعرو ۽ تحريڪ آهي اصل ۾ هو هن جي هڪ نظم ”جيئي سنڌ “ کان ئي ورتو ويو آهي، جيڪا هن سنڌ جي شان ۾ لکي هئي.
حيدر بخش جتوئي جي نظم ”جيئي سنڌ“ ۾ انسان دوستي ۽ محنت ڪش مرد ۽ عورتن ۽ سنڌ جي عظمت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان جلد پوءِ هندو زميندارن جون ڇڏيل زمينون سنڌ جي هارين کي ڏيارڻ لاءِ الائي تحريڪ جي نالي سان تحريڪ هلائي وئي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي سنڌ جي هارين سميت لکئين ماڻهن ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي کي گھيري وڌو هو جنهن ۾ هندوستان کان پاڪستان هجرت ڪري آيل ڪيئي مزدور پيشا ۽ ترقي پسند ماڻهو ۾ شامل به هئا.
حيدر بخش جتوئي جي تحريڪ جي تت ۾ ئي سنڌ اسيمبلي کان هارين جي حق ۾ ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ جي نالي سان قانون سازي ٿي. هي ٻئي ڳالهه آهي ته اهو سنڌ ٽيننسي ايڪٽ بي فائدو ٿي ويو آهي ۽ سنڌ جا وڏيرا اڃا به نجي جيلون ٺاهي ويٺا آهن. فصل ۾ اڌ حصو يا پوءِ اڌو اڌ ورهاڱي کي حيدر بخش جتوئي جي تحريڪ جي تت ۾ ئي مڃايل قانون آهن جيڪي بهر حال پنن تي ئي موجود آهن.
چونڊن جي مهم دوران حيدربخش جتوئي ۽ انهن جي ساٿين کي لاڙڪاڻي جي ويجھو سنڌ جي هڪ وڏي جاگيردار نواب غيبي خان چانڊيو ڳوٺ غيبي چانڊيو ۾ ٻڌرائي ماريو هو.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ جڏهن گورنر جنرل غلام محمد جي هٿان معطل ڪيل اسيمبلي کي تڏهن جي چيف جسٽس محمد منير نظريه ضرورت هيٺ جائز چيو ۽ هن جي خلاف حيدر بخش جتوئي انگريزي ٻولي ۾ پنهنجو مشهور پمفلٽ. ”جسٽس آف دي چيف جسٽس“ چئي ڇپرايو هو.
جسٽس آف دي چيف جسٽس حيدر بخش جتوئي کي جھلي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. پر حيدر بخش جتوئي جسٽس منير کي سڏيندي چيو هو ته ”مان اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو ته هتي هڪ جج هو جنهن مارشل لا جي لاقانونيت جو دفاع ڪيو هو.“
ملڪ ۾ ون يونٽ ۽ ايوب خان جي مارشل لا جي خلاف مشرقي پاڪستان سميت سڄي ملڪ ۾ گجڻ وارن ڪجهه فائديمند آوازن ۾ هڪ وڏو آواز حيدر بخش جتوئي جو به هو.
حيدر بخش جتوئي ون يونٽ ۽ مارشل لا جي خلاف ڪيئي نظمون ئي نه پر ڪيئي ڪتابچا به لکيا. انهي سان گڏ سنڌ مان ڀرپور تحريڪ به هلائي وئي، جنهن جي ڪري مچ، ساهيوال ۽ ميانوالي جي جيلن ۾ به بند رهيو.
جڏهن چين جو وزيراعظم پاڪستان جي دوري تي آيو ته ڪوٽڙي پل جي افتتاح جي موقعي تي هن خاص طور تي حيدر بخش جتوئي سان ملاقات ڪئي هئي.
جيل ۾ ڏينهن گھارڻ جي ڪري حيدربخش جي صحت تي خراب اثر پيو پر هن ون يونٽ جي خلاف مهم کٽ تي رهندي به جاري رکي ۽ جنرل يحيٰ خان جي ون يونٽ جي ٽوڙڻ جي اعلان کان پوءِ 21 مئي 1970 جو لاڏاڻو ڪري ويو.
حيدر بخش جتوئي جي گذاري وڃڻ کان پوءِ سنڌ هاري ڪميٽي جا ڪيئي حصا وکريل آهن. سنڌ هاري ڪميٽي جو هڪ حصو هن جي پوٽي اظهر جتوئي جي اڳواڻي ۾ اڃا به آهي ۽ سدائين جيان سنڌ جي حقن جي تحريڪن سان جڙيل آهي.
حيدرآباد جنهن کي سنڌ جي دل چيو ويندو آهي، هن ۾ هڪ چوڪ جو نالو حيدر چوڪ رکيو ويو. جيئن سنڌ جي تاريخ ۽ هن جي ماڳ مڪانن سان پهرين به ڪيو ويو ايئن ئي حيدر چوڪ کي به ”مهاجر چوڪ“ ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪندي هتي سراج الدوله، الطاف حسين حالي، سر سيد احمد خان جون تصويرون ٺاهيون ۽ هنيون ويون جنهن کي 9 مئي 1988 جي رات جو ڪجهه اڻ ڏٺل ماڻهن ڪارو ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري شهر ۾ لساني فساد شروع ٿي ويا هئا. حيدر آباد ته سنڌ جو اهو شهر آهي جٿي باچا خان چوڪ به آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا