سر آغا
خان (ٽيون) [1788ع – 1957ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
”اسماعيلي فرقي“ جو اٺيتاليهون روحاني پيشوا،
سلطان سيد محمد شاه ولد سيد علي شاه عرف ”آغا خان“ ٽيون ،
2 نومبر 1877ع تي، ڪراچيءَ ۾ تولد ٿيو. سندس سلسله - نسب اٺيتاليهين پشت ۾، امام
عالي مقام حضرت علي المرتضيٰ رضه (599ع – 661ع) سان وڃي ملي ٿو. سندس ڏاڏو سيد حسن
علي شاه (آغا خان – اول، متوفي 1299 هه – 1881ع)؛ ايران جي صوبي ”محلات“ جو گورنر
هو؛ جيڪو وقت جي ايراني حاڪم ؛ سيد فتح علي شاهه قاچار جو ناٺي به هو. ڪجهه وقت
زماني جي رنگ دستيءَ ۽ خانداني جهڳڙن سببان، سنڌ ۾ اچي رهيو هو. جتان پوءِ هندستان
جي بمبئي پرڳڻي ۾ به سڪونت اختيار ڪئي هئائين.
سيد محمد شاهه جي ابتدائي
پرورش، سندس والدهه جي هٿ هيٺ رهي (جيڪا پڻ ايران جي شاهي خاندان مان وڏي مان ۽
مرتبي واري عورت هئي)، جنهن سندس سکيا لاءِ وڏن عالمن ۽ قابل استادن جون خدمتون
حاصل ڪيون، جن کيس اسلام، تاريخ، عربي، انگريزي ۽ فرانسيسي زبانن تي ملڪو حاصل
ڪرايو. پاڻ گهوڙي سوار به سٺو هو، خاص ڪري گهوڙن سڃاڻڻ ۽ سندن پرورش ۾ کيس ڪوبه
برميچي نه سگهندو هو.
سچ پچ اهو قابل استادن جي ئي
نظر فيض اثر جو نتيجو هو؛ جنهن هن شخص کي دنيا جو عظيم انسان بڻائي ڇڏيو. سندس
طبيعت فقيراڻي ۽ نيڪيءَ طرف زياده مائل هئي. ديندار به وڏو هو؛ ۽ مسلمانن جو سچو
هڏ ڏوکي هو. اهوئي سبب هو، جو سر سيد احمد خان (1817ع – 1898ع) جي وفات بعد، پاڻ
ئي مسلمانن جي قيادت قبوليائين – 1902ع کان ”محمدن ايڊوڪيشنل ڪانفرنس“ جو صدر به
ٿي رهيو. ازانسواءِ مسلمانن جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسلامي
مرڪز، ڪتب خانا، محراب، مسجديون، شفا خانا ۽ اشاعتي ادارا قائم ڪيائين.
سنڌ سان ته سندس خاص محبت هئي
؛ جو 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان علحدگي ڏيارڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. تحريڪ
پاڪستان ۾ به سر آغا خان جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. افسوس جو حياتيءَ کيس مهلت
نه ڏني؛ جنهن ڪري 11 جولاءِ 1957ع تي ؛ جنيوار (سئٽزر لينڊ) ۾ وفات ڪيائين. سندس
وصيت مطابق کيس مصر جي اسوان شهر ۾ آرامي ڪيو ويو. کيس ٻه فرزند
پرنس علي خان ۽ پرنس صدرالدين ٿيا .
(1) – اسماعيلي، شيعن جو هڪ فرقو آهي؛ جنهنجو
روحاني رهبر؛ حضرت علي المرتضيٰ رضه آهي. سندس پشت مان؛ حضرت امام جعفر صادق رضه
جو وڏو فرزند اسماعيل امام آهي؛ جنهن پنهنجي والد بزرگوار جي حياتيءَ ۾، 143 هه –
761ع ۾ مديني شريف ۾ راهه رباني ورتي هئي؛ ۽ کيس ”جنت البقيع“ ۾ جاءِ ڏنل آهي.
کانئس پوءِ سندس فرزند محمد امام بڻيو، جيڪو اسماعيلين جي عقيدي مطابق، سندن ستون
امام آهي.
(1) – اسماعيلي فرقي جو ڇائيتاليهون روحاني پيشوا،
حسن علي شاهه ولد سيد خليل شاهه هو؛ جنهن جو والد ڪرمان (ايران) جو گورنر هو؛ ۽
1233 هه مطابق 1817ع پڄاڻي ڪئي هئائين. ان وقت جي ايراني شهنشاهه، سيد فتح علي
شاهه قاچار، سيد خليل جي وفات بعد، سندس پٽ سيد حسن علي ساه (1800ع–1981ع) کي
ڪرمان (محلات) جو گورنر مقرر ڪيو هو. پوءِ ته پنهنجي منظور - نظر هئڻ ڪري، نياڻي
به نڪاح ۾ ڏنس. ان ڏينهن کان وٺي ايراني درٻار مان کيس ”آغا خان“ جو لقب مليو،
جيڪو اڳتي هلي سندن خانداني خطاب بڻيو. کانئس پوءِ سندس فرزند آغا علي شاه (ولادت
1836ع) جاءِ نشين بڻيو. دنيا ۾ هن فرقي وارن کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو؛ مثلا
: ايراني کين اسماعيلي يا آغا خاني ۽ هندستاني کين خوجه يا بوهره نالن سان سڏين
ٿا. قرامطه، درد زيه ۽ باطنيه هن فرقي جون مکيه شاخون آهن.
(3)– سر آغا خان جي وصيت مطابق؛ 13
جولاءِ 1957ع تي سندس پوٽي؛ شهزاده ڪريم خان ولد شهزاده علي خان (ولادت 13 ڊسمبر
1936ع) کي اڍائي ڪروڙ اسماعيلي فرقي جو روحاني پيشوا بڻايو ويو؛ جيڪو عام طرح ”آغا
خان“ (چوٿون) ”سڏجي ٿو. هن نوجوان دنيا جي اعليٰ درسگاهن مان تعليم ورتي آهي.
نهايت ئي مخلص ۽ وڏن جو صحيح جاءِ نشين ثابت ٿيو آهي. روايتي طرح هر سال معتقد کيس
سون؛ هيرن ۽ پلاٽينم ۾ توريندا آهن.
No comments:
راءِ ڏيندا